سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ

هتي توهان کي سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ کي استعمال ڪرڻ سيکاريو ويندو.. سنڌ سلامت بوڪ مارڪليٽ هر ويب پني جي ٽيڪسٽ ايريا کي سنڌي لکڻ جي قابل بڻائي ڇڏي ٿو. جنهن کانپوءِ توهان ڪنهن به ويب سائيٽ جهڙوڪ گوگل، فيس بوڪ، وڪي پيڊيا وغيره تي آساني سان سنڌي لکي سگهندو..

 

سنڌي ايڊيٽر بابت

دوستن کي ياد هوندو ته سنڌ سلامت فورم تي سنڌو سئون سنڌي لکڻ لاءِ هڪ اهڙو ايڊيٽر رکيل آهي جنهن ذريعي بغير ڪنهن سافٽويئر جي سنڌي لکڻ آسان آهي.. سنڌ سلامت ڪيبورڊ فيس بوڪ ايپليڪشن ذريعي پڻ اها ڳالهه سمورن دوستن کي سيکاري وئي آهي ته هاڻي سنڌي لکڻ انتهائي آسان آهي..

سنڌ سلامت ايڊيٽر کي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي ڪيبورڊ لي آئوٽ وانگر رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي لکندڙ آساني سان استعمال ۾ آڻي سگهند

شفٽ دٻائيڻ سان

سنڌن سلامت ايڊيٽر تي لکڻ دوران انگريزي لکڻ لاءِ يا ته بٽڻ ذريعي يا وري CTRL+ SPACE جي شارٽ ڪٽ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو

 

سنڌ سلامت ايڊيٽر استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار

مختلف برائوزرس تي استعمال جي طريقي ڪار کي معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺ هدايتون ڏجن ٿيون

انٽرنيٽ ايڪسپلورر برائوزر تي سنڌ سلامت ايڊيٽر استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار 

هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو

انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي سڀ کان پهريان بوڪ مارڪ ٽول بار ظاهر ڪرڻ لاءِ Ctrl+Shift+B پريس ڪري بوڪ مارڪ ٽولبار ظاهر ڪريو. هاڻي سنڌ سلامت ايڊيٽر لفظن کي مائوس سان پڪڙي مٿي بوڪ مارڪ ٽولبار تي آڻيو يا وري لفظن تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ فيورٽيز ۾ شامل ڪرڻ تي ڪلڪ ڪريو

ائين ڪرڻ سان انٽرنيٽ ايڪسپلورر توهان سامهون سيڪورٽي ايرر آڻيندو جنهن ۾ "Yes" تي ڪلڪ ڪريو

هاڻي بوڪ مارڪ ڊائريڪٽري چونڊيو جتي توهان سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ رکڻ چاهيو ٿا

IE security message for Javascript: URL

۽ پوءِ " Add" تي ڪلڪ ڪريو

ائين ڪرڻ سان توهان جي بوڪ مارڪ ٽولبار ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو اضافو ٿي ويندو.

Links toolbar in IE

ان باوجود جيڪڏهن ٽولبار تي سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ ظاهر نه ٿئي ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو..

  1.     اهو پڪ ڪرڻ لاءِ ته بوڪ مارڪ ٽولبار برائوزر تي ظاهر ٿيو آهي مٿي ٽولبار ايريا تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ ڏسو ته لفظ Links تي چيڪ لڳل آهي

    Ensuring Links toolbar is visible

  2.     ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته ٽولبار ان لاڪ آهي. ٽولبار کي ان لاڪ ڪرڻ لاءِ مٿي ٽولبار ايريا تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ "Lock the Toolbars" کي ان چيڪ ڪريو.

    Unlocking toolbars in IE

  3.       ٽولبار کي کاٻي پاسي ڊريگ ڪري ڏسو ته جيئن بوڪ مارڪ نظر اچي سگهي...

    Dragging links toolbar in IE

فائر فاڪس برائوزر تي سنڌ سلامت ايڊيٽر استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار

هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو:

  1.      بوڪ مارڪليٽ لنڪ: سنڌ سلامت ايڊيٽر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ "Bookmark This Link" تي ڪلڪ ڪريو..

    Adding bookmarklet to Firefox toolbar

  2.           فولڊر آپشن منجهان "Bookmarks Toolbar" چونڊيو.

    Choosing Bookmarks toolbar in Firefox

  3.       "Save" تي ڪلڪ ڪريو.


ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت ايڊيٽر نالي هڪ بوڪمارڪليٽ جو اضافو ٿي ويندو:

Firefox Bookmarks toolbar




جيڪڏهن توهان کي سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪ ٽولبار ۾ نظر نه اچي ته هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو..
اهو يقين ڪريو ته بوڪ مارڪ ٽولبار برائوزر تي ظاهر آهي. مٿي ٽولبار ايريا تي مائوس ذريعي ساچي پاس ڪلڪ ڪريو جتان "
Help" مينون منجهان "Bookmarks Toolbar" اختيار تي ڪلڪ ڪريو:

Ensuring Bookmarks toolbar is visible in Firefox

گوگل ڪروم برائوزر تي سنڌ سلامت ايڊيٽر جو استعمال

هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو:

  1.      برائوزرتي بوڪمارڪ ٽولبار ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيبورڊ تان Ctrl+B پريس ڪريو. توهان ٻئي طريقي سان به بوڪ مارڪ ٽولبار ظاهر ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ Tools مينو تي ڪلڪ ڪري Always show bookmarks bar تي ڪلڪ ڪريو.

    Ensuring Bookmarkls toolbar is visible in Chrome

  2.        هاڻي لنڪ: سنڌ سلامت ايڊيٽر ڊريگ ڪري بوڪ مارڪ ٽولبار تي آڻيو

ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت ايڊيٽر هڪ بوڪ مارڪليٽ وانگر ٽولبار تي ظاهر ٿي پوندو:

Bookmarks toolbar display in Chrome

سفاري برائوزر ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار

  1.        ڪيبورڊ تان Ctrl+Shift+B پريس ڪريو ته جيئن بوڪ مارڪ ٽولبار برائوزرتي ظاهر ٿئي.

    Ensuring Bookmarks toolbar is visible in Chrome

  2.          هاڻي لنڪ: سنڌ سلامت ايڊيٽر ڊريگ ڪري بوڪ مارڪ ٽولبار تي آڻيو..

ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت ايڊيٽر نالي بوڪمارڪليٽ سفاربرائوزر جي بوڪمارڪ ٽولبار تي ظاهر ٿي پوندو:

Bookmarks toolbar display in Safari