گذريل هڪ هفتي جي مصروف اسڪيجول ۾ ڪا خبر ئي نه پئي ته وقت ڪيئن گذريو. ڪڏنهن يونس جي ڪئيميرا ريپئير لاءِ صدر ته ڪڏنهن شاهجهان جي ايف پي ايس سي ٽيسٽ لاءِ ساڻس گڏ فيڊرل اسڪول (نزد هاڪي ڪلب)، ڪڏنهن نويد اسلم لاءِ ايئرفورس يونيفارم لاءِ زينب مارڪيٽ جا چڪر، ڪڏنهن چاچا جي فالو اپ وزٽ لاءِ دارالصحت ته ڪڏنهن هڪ ٻي رشتيدار سان گڏجي ڪارڊيو (جناح). پر وقت نه مليو ته سليمان وساڻ جي وليمي ۾ هٿين خالي وڃڻ بجاءِ ڪو تحفو خريد ڪجي. 22 نومر تي جناح کان موٽندي موٽندي رات جا اٺ ٿي ويا ۽ رڳو تيار ٿي ڪراچي يونيورسٽي پهچڻ ئي وڏي ڳالهه هئي. گهر پهتس ته منهنجي ننڍڙي فائقه به تيار ويٺي هئي ۽ چئي ته “آئون به هلنديس شادي تي.” پهرين ته نٽايم پر پوءِ خيال آيو ته ڪراچي آئي مون کي ساڍا ٽي سال ٿي آهن پر منهنجو هي ٻيو دفعو آهي جو ڪنهن وليمي ۾ پيو وڃان. فائقه به خيرن سان هن جنوري ۾ ٽي سال جي پئي ٿيئي سو جيڪڏنهن هِڪ وليمو هي به ڏسي وٺي ته انهي ۾ حرج ناهي. مٿان وري هوم منسٽري جي سفارش به اڻٽر هئي ڇو ته سائين نثار ناز وانگي اسان کي به شادي لاءِ فنڊنگ جي لاءِ انهي جي ئي محتاجي هئي. ڀلي کڻي اسان ڀندارڙو نه ڀڃرايو پر مهيني تي ايندر پگهار مان اهڙين موقعن لاءِ بچت هُوئي ڪندي آهي ۽ خرچن جا نخرا سهندي گڏ ڪندي ويندي آهي. سو فائقه ۽ فنڊ وٺ ٻئي تيار ٿي پهتاسين پنهنجي فٽفٽي تي شادي قلعه هال جيڪو ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون آهي.
هتي تڪڙ ۾ پهچڻ جو مقصد انهي ٽائيم جلدي هُجڻ به هو پر هتي وليمي جي احوال ۾ به اوهان کي جلدي شادي هال وٺي هلڻ جو مقصد هڪ ڊپ به آهي ته متان يونس نه چوي ته لڳي ٿو ڀت دير سان مليو سو اسان کي به پيو سسپينس ڏي. (توڙي جو ڀت اسان کي وقعي به دير سان مليو)
شادي هال ٻاهر پوليس ڏسي هونئن ئي حيرت ٿيئي ها پر معمول کان وڏيڪ پوليس ۽ پارڪنگ ۾ ايندڙ هر گاڏي تي چوڪس نظر ۽ هر ايندڙ ويندڙ تي پوليس جو خاص ڌيان، ڇرڪائيندڙ عمل هو. هڪ دفعو تسلي خاطر پوئتي مُڙي نهاريم ته ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون ئي آهيان ڪي نه پر ايئن ئي هو. پويان يونيورسٽي روڊ ۽ يونيورسٽي جي ڊگهي ديوار ئي نظر آئي. وري هڪ نظر صحيح دڳ تي پُهچڻ لاءِ پڪ ڪيم ته شدي قلعه ئي پُهتا آهيون نه؟ شادي هال جي ڊگهي ديوارن مٿان لڳل ڳاڙهي رنگ سان چمڪندڙ اکرن ۾ شادي قلعه ئي لکيل هو. بهرحال پوليس جي غير معمولي تعداد ۽ چوڪسي سمجهه ۾ نه آئي سا نه آئي.... فائقه کي وٺي مکيه داخلي دروازي طرف رُخ ڪيم.
شادي ڪارڊن ۾ اڪثر rsvp لکيل ته هوندو آهي پر يا ته اُهي ماڻهو گيٽ تي هوندا ناهن يا وري ملندا ناهن. پر هتي ته واه جي ڀلي ڪار ملي. ٻه قطارن ۾ بيٺل سائين سليمان وساڻ جا وڏڙا (مائٽ، دوست ۽ عزيز) بيٺا هئا. هڪ هڪ ڪري سڀ مليا. ۽ پڪ ٿي ته سچل ڳوٺ اڏيندڙ، آباد ڪندڙ ۽ انهي ۾ اسان جهڙن لاغرضن کي پنهنجائپ ۽ پُر سڪون ماحول ۾ رهڻ لاءِ وسيلو پئدا ڪندڙ هنن محنتي ماڻهن ۾ انتظام ۽ ترتيب ڄڻ ته فطرت بڻجي وئي آهي.
گذريل ساڍن ٽِن سالن کان آئون سچل ڳوٺ جي هنن همران جي ڪارڪردگي جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته ڪيئن نه هر وقت ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن جي هر مسئل جو اونو هوندو اٿن ۽ پنهنجو سُک ڦٽائي هن ڳوٺ ۽ڳوٺ واسين لاءِ ڪم ڪن ٿا پيا. ۽ هن ڳوٺ ۾ مختلف حوالن سان رچندڙ پروگرام شاندار طريقي سان آرگنائيز ڪن ٿا. سو اهڙن خير خواهن هوندي سليمان وساڻ جي وليمي ۾ ڀليڪار جي اهڙي توقع رکي ئي سگهجي ٿي.
سائين گوپانگ صاحب مون کي سائيڊ تي سڏ ڪري چيو ته “پُٽ هي ويلڪم بورڊ اسان پاڻ لکي ٺهرائي لڳرايو آهي ڏس ته ڪا پروف يا گرامر جي غلطي ته نه اٿس.” مون ڏسي ۽ پڙهي کين خاطري ڪرائي ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. بورڊ جي عبارت بلڪل صحيح آهي. اهو ڏسي خوشي به ٿي ته انتطام سنڀاليندڙ هي دوست هر لحاظ کان فڪرمند آهن ته ڪٿي ڪا چُڪ رهجي نه وڃي.
اندر پهتاسين ته ساڄي پاسي ڪنڊ تي اسٽيج تي گهوٽ پنهنجي والد محترم ۽ ڪجهه دوستن سان گڏ موجود هو. ۽ کاٻي ڪنڊ تي اسٽيج تي هڪ بانسري وڄائيندڙ همراه دُلهري جي مدد سان سُر پئي وکيريا.
“پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾” جي ڌُن ٻُڌي هڪ پل لاءِ خوشي ۽ افسوس جي گڏيل احساسن ۾ گُم ٿي ويس. خوشي انهي ڳالهه جي ته ڪراچي شهر (جيڪو اسان جي اڳواڻن جي مَصلحتن جي ڪري) اسان لاءِ ڌاريو ٿيندو پيو وڃي انهي ۾ سنڌين جو هيڏو ميڙ ۽ نِج سنڌي ماحول. هر پاسي ٽوپي اجرڪ پهريل سنڌي ۽ بانسري تي رقص ڪندڙ سنڌي ڪلامن جي ڌُن. ٻي پل لاءِ اهو احساس به هو ته هي صر ف چند جڳهن تي آهي ته اسان پنهنجو ڪلچر ۽ انهي سان لاڳاپيل شين جو تحفظ ڪندي اهو ڪندا ٿا اچون. نه ته اڄ اسان جي پنهنجي ڳوٺن ۾ به اهڙن محفلن ۾ ايڪو سسٽم تي اردو گانن ۽ ميوزڪ جي ڍُش ڍُش هوندي آهي. الاءِ ڇو اسان ۾ اسان جي ڪلچر کان دوري ٿيندي پئي وڃي. بهرحال خوشي ٿي ته ڪراچي ۾ ڪنهن سنڌي جي پهرين وليمي ۾ شرڪت ڪري پهريون امپريشن سُٺو بيٺو. خاص طور تي بانسري وارن همراهن وارو ڪم. نه ته ايڪو ته هلندر فُل آواز ۾ گانن جي ڪري مٿي ۾ سور الڳ ته ڪنهن سان ڳالهائي سگهڻ جهڙو به نه رهڻ ڪري بوريت الڳ.! هتي ته ويٺي روح کي راحت پئي مِلي. اِنهي وچ ۾ سليمان وساڻ سان ويٺل دوست اٿيا ته وڃي ساڻس ملي آيس.
حسبِ توقع ميار ڏنائين ته “تنهنجي والد صاحب ڳوٺ واري پروگرام ۾ اچي اسان کي فُل ٽائيم ڏنو پر تون ته عائب لڳو پيو آهي.” دل ۾ چيم يار ڇا ٻُڌايان ته منهنجي سُست طبيعت جي ڪري اهي فرض سدائين بابا پورا ڪيا آهن (شايد اهو به سبب آهي جو مرڻن، پرڻڻ جا اڪثر سڏ ناهيان ڀري سگهندو جو بابا منهنجي طبيعت کان واقف هوندي پاڻ وڃي ٿيو اچي). بهرحال سليمان پياري کان معذرت ڪيم ۽ هڪدفعو وري شادي جون مُبارڪون ڏيئي اچي پنهنجي ڪرسي سنڀاليم.
سليمان وساڻ آيل معزز مهمانن سان. (بزرگ شخصيت سليمان شيخ “سگا”[/center]
ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهيو. بانسري وارو پنهنجي حساب سان مختلف سنڌي ڪلامن جي ڌُنن سان ماحول خوشگوار ڪندو رهيو. اچانڪ پاڙيسري قربان ڪلوڙ جو سڏ ٿيو. وٽس وڃي ويٺس. ڪلوڙ صاحب طبيعتاَ انتهائي منفرد ماڻهو آهي. آئون سدائين کيس چوندو آهيان ته تنهجي “هر خواهش تي دم نڪري وارو ڪم آهي.” هي همراه انڊيا جي مشهور اداڪار عامر خان وانگر مسٽر پرفيڪشنسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي. نه کيس ڪنهنجو ڪيل ڪم وڻي نه ڪا ڳالهه. هتي به چئي ويٺو “يار هي هال ننڍا ٿا ٺاهين. مان ٿو چوان ته هال ايترو هُجي جنهن ۾ 10 هزار ماڻهو ويهي سگهن” (دل ۾ چيم ڀلي مدعوئين 1000 ئي هُجن ته به؟) وري چئي “مهمانِ خاص لاءِ چون پيا ته جلدي ايندو ۽ تڪڙ ۾ وڃڻو اٿس سو هنن جلدي ماني ڪرائي آهي پر مان نه ٿو سمجهان ته هُو ايڏو جلدي پُهچي.” پُڇيم ته “ڪير آهي مهمانِ خاص؟” چئي “هوم منسٽر منظور وساڻ.” اڇا هاڻي سمجهيم ته ٻاهر پوليس جا ٽولا ڇو آهن؟ بهرحال ڪلوڙ صاحب اها معلومات صحيح ۽ سُٺي ڏني. باقي ڳالهين ۾ ته پنهنجين منفرد خواهشن جو اظهار ڪندو رهيو.
انهي وچ ۾ سيوا جا دوست نور حسين چانڊيو ۽ نويد ڪلوڙ به مليا. هي پيارا دوست سچل ۾ ئي رهن ٿا ۽ سنڌسلامت جا به ميمبر آهن. تعليم لاءِ سندن خدمتن جو قابل تعريف ڪم آهي.
انهي کان علاوه عبرت اخبار ڪراچي جو بيورو هتي پاڙيسري ۽ اصل ۾ ڳوٺائي صالح لنڊ سان به ڪچهري ٿي. جنهن جي توسل سان عوامي آواز جي شاه محمد چنا سان به ملاقات ٿي ۽ ٻئي مون کان منهنجي تازي ملائيشيا جي ٽوئر جا هال احوال وٺندا رهيا. گڏوگڏ اهو به محسوس ٿيو ته پنڊال ڀرجي چُڪو آهي. ماني به وچ تي مخصوص ٽيبلن تي لڳي چُڪي آهي پر منظور وساڻ جو انتظار وڌندو پئي ويو. هڪ وقت وڌندو پئي ويو، ٻيو مصالحن جي خوشبو سان سامهون پيل ماني ايپيٽائيزر جو ڪم ٿي ڪيو. پر ڪلوڙ جي ڳالهه صحيح هئي ته منظور وساڻ ليٽ ايندو.
۽ آخرڪار ٻاهر سائرن جا آواز تيز ٿيا. هال ۾ هلچل ٿي ۽ ٿوري دير ۾ منظور وساڻ صاحب، رڪارڊ ٿيندڙ مووي جي آنلايئن پروجيڪٽر تي نظر آيو. کيس تاج محمد وساڻ صاحب پاڻ اسٽيج طرف وٺي هلڻ لڳا ته هو پاڻ هر اڳيان ايندڙ ماڻهو سان هٿ ملائي خير آفيت معلوم ڪندو رهيو. فوٽو سيشن هلندو رهيو.
۽ پوءِ اچانڪ انتظاميه پاران ماني هلائڻ جو اعلان ٿيو. ۽ پوءِ اُهو ٿيو جيڪو ٿيندو آهي. مشهور لطيفو آهي ته روزِ آخرت ۾ وٺ وٺان جي هلڪي جهلڪ ڏسڻي آهي ته ڪنهن شادي ۾ دير سان شروع ٿيل ماني کان پوءِ پهريان چند منٽ ڏسو. پاڻ اهڙي موقي تي چُرون ئي ڪونه. ۽ آخرت جي جهلڪ انجوائي ڪندو آهيان. ڀلي کڻي اها حقيقيت آهي ته “شادي جي اڳياڙي ۽ جهيڙي جي پڇاڙي” سُٺي هجي ٿي پر اهڙي وٺ وٺان ۾ رسڪ وٺڻ کان بهتر آهي ته انتظار ڪجي ته رش هٽي. نصيب ۾ لکيل روزي ضرور ملندي. جي نه ته هِڪ اڌ اهڙو آئٽم ته ضرور بچندو آهي جنهن تي مارو گهٽ هوندو ۽ اوهان اُهو آرام سان کڻي سُڪون سان کائي سگهو ٿا.
۽ ايئن ماني هلندي رهي. ڪلاڪ کن ۾ سڀ دعوتي کائي آجا ٿيا. الحمدُلله خير خوبي سان پورت ٿي. ڪاڄ ڌڻين جي لاءِ اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هُجي ٿو ته ڪٿي گِلا نه ٿي پئي. ۽ پُوءِ آهستي آهستي سڀني سَڏ (نينڍ) لکرائي. گيٽ تي بيهي فردا فردا هر دعوتي کان موڪلائيندڙ سائين تاج محمد وساڻ سان اسان به ملياسين ۽ موڪلايوسين. هڪ ته ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ ٻيو ته صبح موڪل نه هئي. ورڪنگ ڊي هُجڻ ڪري سوير اٿي آفيس وڃڻ جي فڪر به هر ڪنهن کي هئي. مون پارا (هيستائين ته سليمان وساڻ به پر هاڻي جي خبر ناهي) سوير سمهندڙ ته جلدي جلدي نڪرڻ جي ڪَن پيا. ۽ پوءِ منهنجي فٽفٽي يونيورسٽي روڊ تي دوڙڻ لڳي اُتر طرف سچل ڳوٺ ڏانهن جنهن طرف کان تازو شروع ٿيل ٿڌين هوائن سياري جي آمد جا اطلاع ڏِنا آهن ۽ اسان جو هي پيارو دوست لاڏو ٿيو آهي.
سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي