سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪافي عرصي کان وٺي هڪ پراجيڪٽ ذهن ۾ هو رمضان ۾ سائين عبدالرشيد جن سان به شيئر ڪيم پاڻ به ان ۾ دلچسپي ڏيکاريائون ۽ سائين محمد سليمان جن سان به ان متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڻ به تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي صلاح ڏنائون ليڪن ڪجهه مصروفيتن جي ڪري ان تي تفصيلي گفتگو نه ٿي سگهي وچ ۾ سائين عبدالرشيد جن جي برادر محترم وحيد سمون جي شادي جو مسئلو اچي ويو بهرحال دير آيد درست آيد جي مصداق تحت سڄي سنگت کي هيء خوشخبري ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت جي طرفان پهريون مين پراجيڪٽ الله جي ڪلام پاڪ جو سنڌي ۾ سافٽويئر ٺاهڻ جي ابتدا ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سنڌي ۾ مڪمل قرآن پاڪ جو ترجمون ۽ تفسير جيڪو حضرت علامه محمد ادريس ڏاهري جن جو لکيل آهي ان جي سافٽ ڪاپي ٺاهي سنڌي ٻوليء ۾ اسلامي معلومات جي فروغ جي ڪوشش جي طرف قدم وڌائيندي هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي ان پروجيڪٽ تي تقريبا هڪ لک روپيه خرچ ٿيندو. ڇو جو پهريائين تفسير جيڪو 9 جلد تقريبا 5000 پيج آهي ان سڄي سيٽ جو پهريائين فوٽو ڪاپي ڪرائي پوء ان کي ٻيهر ڪمپيوٽر تي لکرائڻ لاء ڏنو ويندو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيڻ بعد وري اها ڪمپوز ٿيل ميٽر پرنٽ ٿي اسان کي ملندو ان ۾ درستگيون ڪري وري ڪمپوزر کي ڏنو ويندواهڙي طرح ٻيهر پروف ريڊنگ ٿيندي بعد ۾ فائنل ڪاپي سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ سافٽويئر جي لاء سافٽويئر ٺاهڻ واري اداري کي ڏني ويندي.
    ڪمپوزنگ 5000 پيج 20 روپيه في پيج ته لک روپيه ته اهو ٿيندو ليڪن ان ۾ ديني ڪم جي ڪري اگر ڪجهه رعايت ٿئي تڏهن به 10000 ڪاغذ به گهرجن ان سڄي ڪم لاء سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هن نيڪ ڪم ۾ جيتري قدر ٿي سگهي تعاون ڪرڻ فرمائين ضروري نه آهي ته پئسا ڏين ليڪن اگر ڪو دوست ڪمپوزنگ ڄاڻي ٿو ته ان کي ڪجهه حصو ڏنو ويندو جيڪو ڪمپوز ڪري ڏئي يا وري ڪو دوست ڪنهن اداري ۾ آهي ۽ اتي فوٽو ڪاپي جي سهولت آهي ته تفسير جوجيترو حصو فوٽو ڪاپي ڪري ڏئي سگهي ان طرح مدد ڪري اميد ته سڀ دوست ان ڪار خير ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا.
    سڀ کان پهريان ان ڪار خير ۾ منهنجي طرفان 5000 روپيه
    1. مولوي رحيم بخش 5000 پنج هزار روپيه.
    2۔ محترم ايس ايم درس صاحب 500 روپيه۔
    3۔ محترم محمد سليمان وساڻ صاحب 15000 پندرهن هزار روپيه۔
    4۔ محترم حڪيم عبدالقادر سولنگي صاحب 1000 هڪ هزار روپيه۔
    5۔ محترم اسد مير جت عرف مست صاحب 2000 ٻه هزار روپيه۔
    6۔ محترم ذيشان رشيد صاحب 5000 پنج هزار روپيه۔
    7۔ محترم اياز احمد سومرو صاحب 500 روپيه۔
    8۔ محترم صوفي چانڊيو صاحب 1000 روپيه
    ماشآء الله هن وقت تائين اسان وٽ دوستن 30000 روپين جو ڊونيٽ ڏيڻ جي آفر ڪري چڪا آهن ڪجهه دوست ڏئي به چڪا آهن
    باقي دوستن کي هن نيڪي جي ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت عرض رکجي ٿي ۔
     
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تمام سٺو اللۡه پاڪ توهان کي اڃان به وڌيڪ همٿ ۽ سگهه ڏي۔ منهنجي پاران 500 روپيه توهان تائين ڪيئن موڪلجن۔ مهرباني ڪري ضرور ٻڌائيندو۔
     
    TAHIR SINDHI، Shuaib raza110، شبير ساگر ۽ 12 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم ڀاء ايس ايم درس پيارا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ترت جواب جي عنايت ڪئي ۽ پنهنجي طرفان هن خير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ جي به آڇ ڪئي ۔ ائين قطره قطره سمنڊ ٿي پوندو انشآء الله پئسن وصول ڪرڻ لاء محترم جناب ائڊمين جن جلد ئي ڪو طريقو ٻڌائيندا ۽ انشآء الله ان پراجيڪٽ تي تڪڙو ڪم شروع ٿي ويندو۔
     
    TAHIR SINDHI، شبير ساگر، نثارابڙو ۽ 6 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سائين معذرت سان عنايت نھ اھو سان جو پنھنجي پھچ سھارو ساٿ ڏيڻ فرض آھي۔
     
    TAHIR SINDHI, مست, (deleted member) ۽ وڌيڪ هڪ رڪن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. خدا بخش

    خدا بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    53
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    جزاڪم الله سائين تمام بهترين ڪم آهي اردو ۾ کوڙ سارا قرآن شريف جا سافٽويئر آهن جيئن الذکر يسرنا القرآن خزينه الهدايه وغيره ليڪن سنڌي ۾ فقط ترجمون نظر کان گذريو آهي مڪمل تفسير اڃا تائين نظر نه آيو آهي اگر اهو سافٽويئر ٺهي وڃي ته آئنده هميشه لاء ڀلو ٿي پوندو۔ الله توهان کي جزاء خير عطا فرمائي۔
     
    TAHIR SINDHI، شبير ساگر، مصور عالم ۽ 10 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    فوٽواسٽيٽ جو خرچ بچائڻ لاءِ هڪڙي قرباني هن طرح ڏئي سگهجي ٿي ته هيءُ تفسير پي ڊي ايف جي صورت ۾ ڪنهن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهي، جيڪڏهن اُتان ڊائون لوڊ ڪري، ڪو دوست ڊائريڪٽ ڪمپوزنگ شروع ڪري ڏئي، يا وري ان جي پرنٽ ڪڍي، پوءِ ڪمپوزنگ ڪري ته اها پڻ سندس سٺي مدد ٿي پوندي۔
    9 جلدن ۾ تفسير هن سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهي:
     
    TAHIR SINDHI، عا ر بي هڪڙو، نثارابڙو ۽ 7 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    انهيءَ سلسلي ۾ هڪ تجويز اها پڻ آئي ته جيئن ته مذڪور تفسير هڪ مقرر سائيز ۾ سيٽ ٿيل آهي، انهيءَ ڪري ان جا 5000 صفحا بيٺا آهن، پر جڏهن ڪمپوزر کي ڪمپوزنگ لاءِ ڏبو، ته اهو اي4 سائيز ۾ هوندو، انهي ڪري ڪمپوزنگ ۾ صفحن جو تعداد پڻ گهٽجي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪري خرچ پڻ ڪجهه گهٽبو۔
     
    TAHIR SINDHI، مصور عالم، ڦلپوٽو فقير ۽ 6 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين جزاڪ الله ۔۔۔۔۔ تمام سٺو ڪم

    اسان جي دوست ابو واصف جون انتهائي اهم ۽ مفيد ڳالهيون پڻ نوٽ ڪيوسين۔ مان پنهنجي پاران پندرنهن هزار روپيه ڏيڻ لاء تيار آهيان ۽ ڪوشش ڪبي ته ڪجهه ٻين دوستن کان به هن نيڪ ڪم ۾ مدد حاصل ڪجي۔

    سائين رحيم بخش صاحب اوهان شروعا ت ڪئي ۔۔۔۔ رب پاڪ ضرور مدد ڪندو
     
    TAHIR SINDHI، رحيم بخش ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان جي مهرباني جو توهان قابل قدر مشورا عنايت ڪيا ، انشآء الله تعالى اسان توهان سڀ گڏجي ان ڪم کي اڳتي ڪنداسين اهو سڄو تفسير مون وٽ پي ڊي ايف فارميٽ ۾ هارڊ ڊسڪ ۾ سيو ٿيل آهي ليڪن جن دوستن سان ڪمپوزنگ لاء ڳالهه ٻولهه ٿي آهي انهن جو چوڻ آهي ته اسان کي پنن جي صورت ۾ کپي جو انهن تان ڏسي ڪمپوز ڪرڻ آسان ٿيندو ڪمپيوٽر تان ڏسي آساني نه ٿيندي ان ۾ ايترو تيزي سان نه لکي سگهبو ۽ جُلد ۾ بائنڊنگ جي صورت ۾ به اسان کي ڏکيو لڳندو جو اسان هڪ واليم کي ٻٽن حصن ۾ ورهائي ڪمپوز ڪنداسين۔ ان متعلق جيڪي دوستن جا مفيد مشورا هوندا ان متعلق سڀ دوست نظر ثاني ڪري ڪو لائحه عمل تيار ڪنداسين۔
     
    TAHIR SINDHI، شبير ساگر، ممتاز ڇٽو ۽ 4 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام گهڻي خوشي جي ڳالھ آهي ، ان سلسلي ۾ اوهان سان ضرور تعاون ڪنداسين هر حال ۾ ، وڌيڪ اوهانسان فون تي گفتگو ڪبي ، ان شاءُ الله
     
    TAHIR SINDHI، ممتاز ڇٽو، غازي حسين ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  11. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين ڪم آهي هن مسڪين طرفان 1000 هڪ هزار روپيه ان ڪار خير ۾ قبول پون۔
     
    TAHIR SINDHI، غازي حسين، ذيشان رشيد ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    دل سان جنهن به وقت رابطو ڪرڻ چاهيو حاضر آهيون۔ منهنجو نمبر نوٽ ڪندا۔ 03333031608
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هن خير جي ڪم ۾ جيترو ممڪن آهي وڌيڪ تعاون جي ڪوشش ڪبي۔۔۽ ويجهن دوستن مائٽن کي به هن نيڪي جي ڪم جي دعوت ڏبي
    2000 هن مست جي طرفان
     
    TAHIR SINDHI، ماريه ڪنول، ذيشان رشيد ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا هن ۾ مالي معاونت ڪهڙي طريقي سان ڪجي ؟؟ پئسا اوهان وٽ ڪيئين پهچائجن ؟؟
     
    TAHIR SINDHI، شبير ساگر، عتيق الرحمان ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم جمالي صاحب انشآء الله تعالى جلدي ايڊمين صاحب جن ڪو اڪائونٽ وغيره ٺاهي دوستن کي پئسن موڪلڻ لاء رهنمائي ڪندا۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    تمام سٺو ۽ ڪارائتو قدم، عيد کان بعد ھن ثواب جي ڪم ۾ پاڻ به حصو وٺنداسين۔
     
    TAHIR SINDHI، عا ر بي هڪڙو، ذيشان رشيد ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  17. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ذيشان رشيد جن کي عرض آهي ته هن موضوع ۾ دوستن جي رهنمائي ڪن
     
    TAHIR SINDHI، ذاهد هسين ساريو، مست ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پاڻ به هن سهڻي عمل ۾ حصو ضرور وٺنداسون ۔۔۔۔ هر طرح سان ۔۔۔

    لکڻ کان آنلائين ڪرڻ تائين جو ساٿ رهندو ۔۔۔ اوهان جي صدقي الله جي ڪلام جي جيتري به خدمت ڪبي سا گهٽ ۔۔۔ آ حاضر آهيان ۔۔۔ پي ڊي ايف فائيل کي ڊائونلوڊ ڪري پرنٽ ڪري لکڻ شروع ڪبو اهو به مڪي پاڪ ۾ ۔۔۔۔ پئسن جي حساب سان به هر حال ۾ گڏ رهبو ۔۔۔ شل نصيب ٿئي۔

    جڏهن دوست لکڻ شروع ڪن ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو بيان ڪري ته جيئن ڪم آسان ٿي پوي ۔۔۔

    رب العالمين هن عمل ۾ اسانجي مدد ڪري ۔۔۔ آمين
     
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔۔ جن دوستن سان هن پروجيڪٽ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ صلاحون ورتيون۔۔۔
    جيئن ته هي پروجيڪٽ وقت ۽ پيسو گهرندڙ آهي ۔۔۔ ان ڪري هن موضوع کي لڳاتار اپڊيٽ رکڻ ۽ پروجيڪٽ جي مرحلن کي دوستن اڳيان پيش ڪرڻ ضروري رهندو۔۔۔
    خالص نيڪ نيتي تي مشتمل هن پروجيڪٽ جو انچارج محترم رحيم بخش جن پاڻ ئي آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت جا سمورا رڪن کين جا سهڪاري آهن۔۔
    اميد ته دوستن جي تعاون سان بظاهر مشڪل نظر ايندڙ هي پروجيڪٽ نيٺ مڪمل ٿيندو۔۔۔
    دوستن کي درخواست آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ جهڙي به طرح مدد ڪري سگهن۔۔ مدد ڪن۔۔۔ يعني هن پروجيڪٽ ۾ رقم سان گڏو گڏ هيٺين طريقن سان به مدد ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
    • ترجمي ۽ تفسير جي پرنٽ ڪڍڻ لاءِ اي فور سائيز جي پيپر جو خريد ڪري ڏيڻ۔۔۔
    • ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصن جي پرنٽ ڪڍي ڏيڻ۔۔۔
    • پاڻ يا ڪنهن عزيز کان ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصي کي ٽائيپ ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
    • پروفيشنل ڪمپوزر سان رعايتي اگهن سان ٽائيپنگ طئي ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
    • يا ان کانسواءِ جنهن طرح سان به دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائي سگهن ۔۔۔
    چوندا آهن ته اگهي ته پاء نه ته مڻن کي موٽ۔۔۔ سو دوستو هن دنيا ۾ ڪيل توهان جي هي نيڪي جي اگهي وئي ته دنيا ته دنيا آخرت به سنورجي ويندي۔۔۔

    جن دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ چاهيو آهي انهن کي ترت طريقو ڪچهري ۾ موڪليو ويندو۔۔۔
    سائين رحيم بخش جن کي عرض آهي ته سهڪار ڪندڙن دوستن ڏانهن پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائيل نمبر شناختي ڪارڊ نمبر سان ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن دوست پنهنجي سهولت آهر پيسا موڪلي سگهن ۔۔۔ ان سلسلي ۾ منهنجا به ٽن بينڪن ۾ کاتا موجود آهن جيڪي توهان کي ڪچهري ۾ موڪليندس ته جيئن دوست گهٽ خرچ سان پنهنجو تعاون توهان تائين پهچائي سگهن۔۔۔
    مان پنهنجي طرفان به هن نيڪ ڪم ۾ 5000 شامل ڪريان ٿو۔۔
     
  20. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي مهرباني جو توهان دوستن جي رهنمائي ڪئي جن دوستن مٿي آفر پيش ڪئي آهي انهن کي ۽ ٻين کي ڪچهري ۾ شامل ڪري ڪچهر يء جو هڪ گروپ ٺاهيو ته جيئن ان ڪم کي جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي جلد شروع ڪري سگهجي۔
    جيئن ته توهان جي صلاح سان جن دوستن جو ڪنهن ڪمپوزر سان واسطو آهي ته اهو ان سان رعايت طور اگهه طئه ڪري اسان کي ٻڌائي ته ان سان رابطو ڪري ڪم کي باقاعده شروع ڪري سگهجي۔
     
    TAHIR SINDHI، Muhammad Rashid، Mohakumuddin Bhutto ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو