ابو واصف
سينيئر رڪن
جڏهن ونڊوز ايڪس پي نئين ئين رليز ٿي هئي، ته ڪافي دوستن صلاح ڏني ته ادا! توهان به ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي استعمال ڪريو. پر جيئن ته ان وقت ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن جو حل نه پيو ملي، انهيءَ ڪري ونڊوز ايڪس پي کي سنڌي ڪمپوزنگ لاءِ اپنائڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪافي مونجهارا هوندا هئا، جن مان هڪڙو مونجهارو سنڌيءَ کي ڪورل ۾ منتقل ڪرڻ جو پڻ هو. جنهن جو حل ڪافي دير کان پوءِ اهو مليو، جو ونڊوز ۾ ”ليزر ماسٽر يوٽيلٽي“ مينوفيڪچرر جو پرنٽر هوندو هو، جنهن کي ايڊ ڪرڻ سان اسان جو فائل پرنٽ ٽو فائل ٿي ڪورل ڏانهن منتقل ٿيندو هو.
هينئر وري ڪن دوستن جي صلاح تي ونڊوز 7 جي استعمال جي صلاح ڏني وئي آهي. جيڪو خيرخوبيءَ سان انسٽال ته ڪيو اٿم، پر هتي پڻ انهيءَ مونجهاري ۾ منجهي پيو آهيان. ڇاڪاڻ ته هتي ته مٿي ڄاڻايل مينوفيڪچرر جو پرنٽر موجود ناهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست کي انهيءَ بابت ڪا ڄاڻ هجي ته رهنمائي فرمائي.