سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    دوستو گذريل سال سنڌ سلامت طرفان ڪيلينڊر 2010 ڇپرايو ويو هو ۔۔۔ جنهن ۾ دوستن جي بي انتها محنت سان سنڌ جي سورمن کي ڀيٽا ڏيندي انهن جي سالگره ۽ ورسي جي ڏينهن ياد رکڻ لاءِ تاريخون مهينن جي حساب سان ترتيب ڏنيون ويون هيون ۔۔۔۔۔ ڪيلينڊر جي بي انتها مقبوليت جو اندازو سنڌ سلامت تي رڪنن جو تعداد ۽ موضوع اضافو ۽ ڪيلينڊر تي رابطي لاءِ ڏنل منهنجي نمبر تي لاتعداد ڪالز مان لڳائي سگهجي ٿو ۔۔۔۔ ڪيلينڊر تي ٿيل خوبصورت ڪلرن جي مزاج ۽ بي انتها محنت سان سهيڙين معلوماتي ڊيٽا جي هر ڪنهن تعريف ڪئي۔۔۔

    هن سال 2011 لاءِ سنڌ سلامت ڪيلينڊرس جي گهر ڪافي طرفن کان ايندي رهي پر مارڪيٽ ۾ ڪاغذ جي ريٽ ۾ اضافي ۽ پرنٽن جي خرچن جي ٻيڻي هئڻ ڪري هن دفعي ساڳي محنت ۽ وڌيڪ معلومات سان ڪيلينڊر آڻڻ هڪ ڏکيو ڪم هيو ان ڪري اڪثر دوستن جي فرمائش کي نظر انداز ڪري معزرت ڪرڻي پئي۔۔۔
    ڪيترن ئي دوستن پنهنجي طرفان هن پروجيڪٽ لاءِ امداد جي پيشڪش به ڪئي پر ساڻن معزرت ڪئي وئي ۔۔۔ پر اسان جي معتبر ۽ مهربان دوست محترم سليمان وساڻ ۽ محترم طاهر سنڌي راضي نه ٿيا ۽ بار بار ڪيلينڊر آڻڻ تي زور ڀريندا رهيا۔۔۔ پر مون جڏهن ساڻن ذڪر ڪيو ته سنڌ سلامت تي ايندڙ اڪثر عام ۽ انتظامي رڪن بيروزگار آهن ۽ ساڻن مٿان سنڌ سلامت طرفان ڪو اضافي بار ڏيڻ مناسب نه لڳندو ته محترم سليمان وساڻ جهڙي ڀلي ماڻهون سمورو خرچ پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ جي حامي ڀري ۔۔۔ پر ظاهر آهي منتظمِ اعلى طور مون کي اهو مناسب نه لڳو ان ڪري هن دفعي پروجيڪٽ کي ڪجهه گهٽ خرچ ۽ مختلف انداز سان بنائڻ جو سوچيم ۔۔۔ جنهن کي هڪ تصوراتي عڪس ڏئي جڏنهن سنڌ سلامت انتظاميه جي سامهون رکيم ته سڀني رڪنن کي سرهائي ٿي ۽ فوري طور ان پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ جو زور ڏنائون ۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن دفعي محترم ابو واصف (سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 جو پروجيڪٽ بنائندڙ) کي سندس مصروفيت ڪري تڪليف نه ڏيڻ جو سوچيندي ۔۔۔ محترم خليل احمد المعروف ابوزين کي پروجيڪٽ بابت ٻڌايم ۽ هڪ خيال عڪس به ساڻس اڳيان آندم ۔۔۔ سندس لک لائق جو پاڻ فوري طور هن پروجيڪ تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا۔۔۔ پر افسوس جو اڃان پاڻ شروعات ئي ڪيائون ته کين نوڪري جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي وڃڻو پئجي ويو جتي سندن وٽ ڪمپيوٽر جي سهولت نه هئي ۔۔۔ ان ڪري پاڻ اهو پروجيڪٽ هڪ دفعو ٻيهر سندن چاچا محترم ابوواصف ڏانهن منتقل ڪيو۔۔۔ جن هن پروجيڪٽ کي هڪ هفتي اندر تيار ڪري ورتو۔۔۔

    پنهنجي موڪلن تي وڃڻ کان اڳ مون ڪيلينڊر جي سائيز ۽ لاڳت کي طئي ڪندي پروجيڪٽ کي پرنٽنگ پريس تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ سلامت جي رڪن ۽ پرنٽنگ پريس جي بهترين معلومات رکندڙ محترم جاويد قاضي جن جي حوالي ڪيو ۽ ادا سليمان کي سار سنڀال لاءِ چيو۔۔۔ پروجيڪٽ جلدي مڪمل ٿي وڃي ها پر ڪجهه غلطين جي نشاندهي، ادا سليمان جي سان پيش ايندڙ روڊ حادثي، جاويد قاضي صاحب جن جي امتحانن جي اچڻ ۽ منهنجي موڪل تي هجڻ ڪم کي روڪي وڌو ۔۔۔ پر حالتن جي بهتر ٿيندي ئي ڪم کي ٻيهر عمل ۾ آندو ويو ۽
    اڄ اهو ٻڌائيندي مون کي انتهائي سرهائي ٿئي ٿي ته سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 مڪمل تيار ٿي چڪو آهي۔۔۔۔

    ان موقعي تي مان پنهنجي پوري ٽيم سميت انتهائي شڪر گذار آهيان پنهنجي محسن دوستن محترم ابوواصف (جن پنهنجي بي انتها مصروفيت باوجود سنڌ سلامت جي فرمائيش کي مان ڏيندي هڪ دفعو ٻيهر هي محنت طلب ڪم مڪمل ڪيو)، محترم ابوزين (جن پنهنجي گهري نظر سان ڪيلينڊر جي غلطين کي درست ڪيو)، محترم رحيم بخش ڏاهري (جن وقت ڪڍي ڪيلينڊر تي نظر گهمائي ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي۔۔۔)، محترم سليمان وساڻ (جن جي ڪوششن ۽ لڳاتار رابطن ذريعي هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيو۔۔)، محترم نثار ابڙو ۽ محترم طاهر سنڌي (جن جي مسلسل همٿائڻ۔۔۔) ۽ انهن سمورن دوستن جو جن بار بار فون ڪري ڪيلينڊر بابت پنهنجا رايا ڏنا ۽ سال 2011 لاءِ ڪيلينڊر جي اشاعت بابت زور ڀريو۔۔۔۔

    گذريل ڪيلينڊر جي مقابلي هن دفعي گهڻ پنن جي بجاءِ سائيز ۾ معمولي اضافو آڻيندي هڪ ڪارڊنما پني جنهن سائيز 14x20 آهي تي ڪيلينڊر بڻايو ويو آهي جنهن ڪري گذريل سال جي مقابلي ۾ هن دفعي ڪيلينڊر پنهنجي پورن رنگن ۽ بي انتها خوبصورتي باوجود اڌ قيمت يعني صرف 15 روپين ۾ جڙي تيار ٿيو آهي۔۔۔۔
    دوستن کي درخواست آهي سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ شخصيتن کي پنهنجي خوبصورت رنگن ۽ سنڌي ٻولي جي لکائي جي حامل هن ڪيلينڊر کي مختلف تعليمي ادارن تائين پهچائين ۽ پنهنجي دوستن، احبابن، استادن ۽ شاگردن ۾ تحفي طور تقسيم ڪن ته جئين سنڌ، سنڌ جي ثقافت، سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت سان گڏو گڏ سنڌ سلامت فورم جي تشريهه کي عام ڪري سگهجي۔۔۔۔

    ان سلسلي ۾ پهريون قدم اڳتي وڌائيندي منتظمِ اعلى طور 100 ڪيلينڊر خريد ڪري مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرن سميت پنهنجي دوستن ۾ تقسيم ڪرڻ جو وچن ڪريان ٿو۔۔۔ ۽ توهان دوستن مان به اهڙي اميد ڪريان ٿو۔۔۔

    نوٽ ؛ ڪيلينڊر حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني فرمائي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي پروجيڪٽ انچارج محترم سليمان وساڻ سان رابطي ۾ اچو۔۔۔

    سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011
    [​IMG]

    سنڌ جا سڄڻ دوستو ۔۔۔!
    اچو ته سنڌي زبان کي دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملايون۔۔۔
    اچو ته سنڌ سلامت جي هن وشال اڱڻ تان هڪ ٻئي جي خوشين ۽ غمن جا ساٿي بڻجي، هڪ ٻئي جي رهنمائي ۽ رهبري ڪندي دنيا ۾ سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪريون۔۔۔۔
    اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام سهڻو ڪئلينڊر آهي، جيئن ته هاڻ آ پنهنجي گهر ڳالهائي رهيو هوس ته گهران ٻڌايو ويو ته ڪئلينڊر منهنجي گهر پهتو آهي ۽ ٻارن سميت مون واري گهر ڌياڻي تمام گهڻي تعريف ڪندي وڌيڪ ڪئلينڊرس جي فرمائش ڪئي ۔۔۔

    سڀني دوستن جن هن ڪئلينڊر جي سلسلي ۾ همٿ ڪئي انهن کي ٻنهي هٿن جو سلام ۽ سندن ٿورا لاهڻ جهڙا ناهن پر ڳائڻ جهڙا آهن ۔۔۔ جن دوستن جا نالا ادي رشيد مٿي ڄاڻايا آهن سي سڀ سنڌ دوست ۽ سنڌ سلامت جا سڄڻ آهن ۔۔۔ رب العالمين کين ڪوسو وا نه ڏيکاري ۔۔۔ آمين

    سائين سليمان جا لک ٿورا جن پنهنجي ساٿ جو ڀرپور احساس ڏياريندي سنڌ سلامت جي اوطاق کي سگهه بخشي آهي ۔۔۔

    ان سان گڏ 2500 روپين جا ڪئلينڊر منهنجا ٿيا جن ۾ ڪجهه ته منهنجي گهر پهتا آهن ۽ باقي به ڪجهه گهربا ته گهرائي وٺبا ۔۔۔ باقي ڪجهه منهنجي طرفان سنڌ جي ادارن ۽ سنڌ جي مشهور ۽ مخلص شخصيتن کي ڏنا وڃن ۔۔۔۔

    اوهان سڀني دوستن کي مبارڪون هجن ۔۔۔ اميد ته ائين ئي سنڌ جي مان ۽ شان جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجون خذمتون ادا ڪندا رهندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    سائين بهترين اسان سنڌ سلامت سان گڏ آهيون ۽ سنڌ سلامت مان اسان کي به سکڻ لاءِ گهڻون ڪجهه ملي رهيو آهي انهي ڪري سنڌ سلامت فورم جي منيجمنٽ جا اسان ٿورائتا آهيو جو هنن اسان کي هڪ خوبصورت فورم ڏنو آهي
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    هيئنر اسان جي پياري دوست زاهد سومرو الجميلي فون ڪئي۔۔۔ افسوس جو پنهنجي پروفيشنل مجبورين ڪري هو ڪجهه وقت کان سنڌسلامت ڏور آهي۔۔۔ جنهن جو ذڪر اڪثر فون وسيلي ڪندو رهندو آهي۔۔۔ سلام دعا کان پوءِ پهرين فرصت ۾ ڪيلينڊر بابت پڇيائين۔۔۔ جڏهن مون کيس ڪيلينڊر مڪمل ٿيڻ جي خبر ڏني ته گذريل سال وانگر هن دفعي به فوري طور 50 ڪيلينڊر خريد ڪرڻ جو چيائين ۔۔۔ ان طرح ادا سليمان وساڻ کي زاهد سومرو لاءِ 50 ڪيلينڊر الڳ ڪرڻ جي گذارش آهي۔۔۔

    دوستو گذريل سال وانگر هن دفعي به ڪيلينڊر 1000 تعداد ۾ ڇپرايو ويو آهي۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جا ڪافي دوست ڪيلينڊر حاصل ڪري پنهنجي دوستن ۽ احبابن تائين پهچائڻ گهرندا ان ڪري دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجيون ڪاپيون هتي لکڻ کان پوءِ ذاتي پيغام ذريعي پڻ ادا سليمان وساڻ تائين لکن ته جيئن محدود اسٽاڪ منجهان سندن لاءِ ڪاپيون الڳ ڪري سگهجن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    ادا رشيد جيئن ته مٿي سڀني دوستن جو ذڪر ڪري چڪو آهي جيڪي ڪيلينڊر پروجيڪٽ سان وابسطته هئا انهن دوستن جي محنت کي سلام آهي ڪيلينڊرس جي باري ۾ مون کي به ڪافي دوستن چيو آهي مان به انهن کي تحفي طور تي 2010 جا ڪيلينڊر ڏنا هئا ۽ هاڻي به دوستن کي ۽ تعليمي ادارن کي ڏيڻ جو عهد ڪريان ٿو مان ڪيلينڊرس جي سلسلي ۾ ادا سليمان وساڻ سان ڳالهائي چڪو آهيان انشاالله سڀاڻي تائين ڪيلينڊر مون وٽ پهچي ويندا

    هڪ دفعو ٻيهر سنگت کي سلام خاص طور تي ادا سليمان وساڻ صاحب ۽ محترم ابو واصف صاحب جن جا جن هر طرح جو تعاون ڪري ڪيلينڊر جي خيال کي عملي جامو پهرايو آهي

    جيئي سنڌ

    جيئي لطيف


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    سنڌ سلامت جا ساٿيو سلام

    مان رب پاڪ جو گهڻو شڪر گذار آهيان جو دوستن جيڪا ذميواري رکي هئي يا مان زوريء سڀني کي کڻائي هئي ته ڪيلينڊر ڇاپجي اڄ ان ۾ ڪامياب ٿياسون ۔ جيتوڻيڪ مان شرمنده آهيان جو دوستن سان ڪيل واعدي مطابق وقت سر ڪيلينڊر ڇپجي نه سگهيو ان جا به ڪيئي سبب هئا پر جيڪو رب پاڪ کي منظور۔

    مان ادا رشيد جو شڪرگذار آهيان جنهن هر پل رهنمائي ڪئي ۽ ان سان گڏ مان ٿورائتو آهيان سائين نثار ابڙي جو جيڪو مڪي پاڪ ۾ هوندي هر وقت رهبري ڪندو رهيو۔ خاص ٿورا محترم ابو واصف ۽ ادا ابوزين جا جن نه صرف ڪيلينڊر ڊزائن ڪيو پر ڪيتريون ئي تبديليون ڪندي ڪڏهن به نا اميد نه ڪيو ، سندن اهڙي سنڌ دوست جذبي تي مان کين سلام ٿو پيش ڪيان۔

    جيڪڏهن اسد مست جا ٿورا نه مڃجن ته نا انصافي ٿيندي جنهن به ذاتي ڪوششون وٺي هن پراجيڪٽ لاء اهم ڪم ڪيو۔ ٿورا ادي طاهر جا جنهن هر ٻئي ڏينهن ميسيج يا فون ڪري ڪيلينڊر بابت پڇندو رهيو۔ مهربانيون جاويد قاضيء جون جنهن گهڻي محنت ڪئي۔ ٿورا مولوي رحيم بخش صاحب جا، ٿورا فقير ڦلپوٽي جا ، خاص شفقت سائين نثار ناز جي۔

    دوستو ڪجه دوستن فون تي يا ذاتي پيغام ذريعي دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ دوستن وڌي ڪري ڪيلينڊر وٺڻ جو چيو آهي :

    ادا رشيد سمون 100 ڪيلينڊر
    سائين نثار ابڙو 150
    سليمان وساڻ 100
    ادا طاهر سنڌي 100
    فقير ڦلپوٽو 50
    ادا زاهد سومرو 50
    مولوي رحيم بخش صاحب ايڊوانس ۾ 500 رپيا ڏنا هئا ، کيس ڪيترا ڪيليندر کپن اهو به سڀاڻي تائين واضح ٿي ويندو

    باقي دوست به ٻڌائن ته جيئن وقت سر ڊسٽريبيوشن به ٿي سگهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    سائين رشيد سمون سميت هن پراجيڪٽ جي سموري ٽيم کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيان ٿو جن اهڙي بهترين پراجيڪٽ کي ڏينهن رات محنت سان مڪمل ڪيو آهي، سائين ابوواصف ۽ ادو ابوزين تصوراتي عڪس کي شڪلي صورت ۾ آڻڻ‌ جا ڪيترا نه ماهر آهن ان ڳالهه جو اندازو ڪيلنڊر کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو۔۔ بهرحال مهانگائيءَ جي ڪري هن ڀيري ڪئلنڊر کي فقط هڪ ئي پيج تي آڻڻو پيو، انشاءَ‌ الله ڪوشش ڪجي ته ان سلسلي کي اڃان اڳتي وڌائجي۔۔ توڙي جو ڪئلنڊر جي مارڪيٽ ۾ اچڻ ۾ ڪافي دير ٿي آهي پر هي واحد ڪئلنڊر آهي جيڪو سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ‌ هجڻ سان گڏ سنڌ جي تاريخي جڳهن ۽ شخصيتن بابت ڄاڻ‌ ڏئي ٿو۔۔۔ انشاءَ‌ الله اهو ڏينهن پري نه آهي جو سنڌ سلامت هڪ اداري طور اڀرندو ۽ هتان ڪئلنڊر سوڌو اهڙا ڪيترائي پراجيڪٽ‌ سامهون ايندا۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔​
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    سائين سليمان وساڻ! منهنجي کاتي ۾ فلحال 50 ڪئلنڊر ڏيو ته جيئن مان گذريل سال وانگر هتان جي تعليمي ادارن ۾ ان کي عام ڪري سگهان۔۔۔ وڌيڪ تعداد انشاءَ‌ الله وقت جي ضرورت تحت ٻڌائبي ڇو ته مان سمجهان ٿو ته اڃان ڪيترائي دوست ان سلسلي ۾ رابطو ڪندا۔۔۔۔
     
  9. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    دوستو هي تمام بهترين ڪوشش آهي ۽‌ انهي ڪوشش سان سنڌ سلامت کي ترقي ملندي ، مان به انهي ڳالهه کي پڙهي ڪري تمام گهڻو خوش ٿيس دوستن جي محنت تي انهن کي واڌايون هجن۔
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام بهترين اڳلي سال شايد مان ميمبر نه هيس انهي جي ڪري مون تائين سنڌسلامت جو ڪلينڊر نه پهچي سگهيو۔۔۔سو خير مان ادا سليمان وساڻ سان رابطو ڪري ڪلينڊر گهرائي ٿو وٺان۔۔۔مهرباني لک قرب​
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام بهترين ادا جن دوستن هن پراجيڪٽ ۾ حصو ورتو مان انهن جو شڪر گذار آهيان
    گذريل سال به مون وٽ ڪئلنڊر نه پهتو هيو هن سال ته مان اهو ضرور حاصل ڪندس .
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    السلام عليڪم دوستو!
    ڪافي ٽائيم گزرڻ کان بعد حاضر ٿيو آهيان، سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجا امتحان هلي رهيا آهن جنهن ڪري ڪجهه دوري ٿي وئي آهي جنهن لاءِ معذرت۔
    ساري ٽيم کي هن مختصرجواب ۾ لکين واڌايون قبول پون۔
    تمام بهترين ڪم ٿي ويو۔
    مون به 100 ڪاپيون بڪ ڪرايون آهن، اميد آهي ته صبح خميس تائين ان شاءَ الله پنهنجي قريبي ڊيلر (ادا سليمان) کان حاصل ڪري وٺندس۔
    ادا سليمان دل ۾ نه ڪجان يار۔
    مون اوهان کي مذاق طور حجائتو ٿي (قريبي ڊيلر) لکيو آهي۔
    ساري سٿ کي وري وري مبارڪون۔
    جيئي لطيف
    جيئي سنڌ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    ادا به چوين ٿو يار به چوين ٿو ۽ دل ۾ به رهين ٿو ته پوء دل ۾ ڪيئن ڪبي

    لک قرب اوهان جا ۔ انتظار رهندو ملاقات ڪئي ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    مهرباني ادا اوهان جي۔
    مون ته 100 ڪاپيون پهرين ڏينهن ورتيون ته ٻئي ڏينهن هڪ به نه بچي۔
    وري 100 ڪاپيون ٻيون وٺڻيون پيون۔
    ادا سليمان الله اوهان کي خوش رکي جو اوهان مونکي 200 ڪيلينڊر گنجائش ڪڍي مهيا ڪري ڏنا۔
     
  15. جاويد قاضي

    جاويد قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام دوستن کي منهنجو سلام
    خوش رهو ۽ خوشيون ونڊيو
    جاويد قاضي
     
  16. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪلينڊر جيڪو اسان جي سنڌ ڌرتي جي تاريخ سان سمايل آهي۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  17. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    تمام بهترين تحفو۔۔
    مهربانيون دوستو
     
  18. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    ادا سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔۔۔۔۔۔۔ کين جس هجي جو ايترو خوبصورت ڪيلينڊر سنڌي عوام کي ارپيو اٿن۔۔۔ مهربانيون سموري سٿ لا۔۔۔۔
     
  19. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    سوپر تمام سُهڻو ڪيلينڊر ، اميد ته جلدي منهنجي گهر ۽ آفيس جي سُونهن کي سجائيندو شدت سان انتظار پئي ڪريان۔ الائي ڪيئن ۽ ڪٿان اُڏامي ايندو۔
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي تياري مڪمل۔۔۔۔

    مهرباني ادي

    انشاء الله ڪيلينڊر جلدي اوهان جي گهر ۽ آفيس تائين پهچندو۔ ڪيلينڊر ڄامشورو تائين ادا اسد وٽ پهتا آهن اميد ته هو سائين نثار ناز تائين جلد پهچائيندو۔ منهنجو ارادو هو ته ٽنڊي محمد خان اچون ۽ ڪيلينڊر به کنيون اچون پر آفيس جي تمام گهڻين مصروفيتن سبب اهو ممڪن ٿي نه سگهيو ان لاء معذرت ٿي ڪجي۔

    انشاء الله زندگي رهي ته ڀيرو ڀڃبو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو