ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح
علي اڪبر مشوري
اسان جي هن معاشري کي جيڪڏهن اسين مردن جو معاشرو چئون ته غلط نه ٿيندو ڇو ته هر طرف مرد حاوي آهن. جتي عورتن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو. عورتن کي سواءِ ڏکن جي ڪجهه به نه مليو هجي اتي جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي همت ۽ جستجو سان انهن مردن جي اک ۾ اک وجهي اڳيان وڌي اچي ته اها نه صرف عورتن لاءِ هڪ عظيم مثال ثابت ٿيندي آهي، پر مردن لاءِ به هڪ سبق هوندي آهي. اهڙي عظيم مثالن مان هڪ مثال عرفانه ملاح جو پڻ آهي.عرفانه ملاح دادو جي ننڍڙي ڳوٺ سيتا ۾ 27 آگسٽ تي هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم ورتو. عرفانه ملاح پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ سيتا مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن مئٽرڪ سيتا شهر مان ڪئي ۽ انٽر جي تعليم ميهڙ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. پر هن جي والد صاحب هن جي تعليم تي اعتراض ڪيو. هن جي والد اهو شرط رکيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ٿيڻ چاهين ته هو ان کي پڙهائيندو، پر افسوس ته قسمت هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ عرفانه ملاح ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي پئي. هن جي والد هن تي پابندي لڳائي ڇڏي ته هو وڌيڪ نه پڙهندي صرف گهر جو ڪم ڪار ڪندي، پر هن جي پڙهڻ جو جوش ۽ جذبو ڏسي هن جي وڏي ڀاءُ ۽ امڙ هن جو ساٿ ڏنو، هن جي والد کي راضي ڪري ورتائون.
هن کي بي ايس سي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا وٺي ڏنائون، جنهن ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ان کان پوءِ 1998ع ۾ ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد وئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پاڻ کي مڃرايو. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم فل ڪئي. هاڻ هيءَ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪري رهي آهي. سن 2004ع ۾ عرفانه ملاح کي سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته استادن کي صرف پڙهائڻ نه گهرجي، پر شاگردن جي همت افزائي به ڪرڻ گهرجي. يونيورسٽي جي زندگي ۾ هن عورتن جي جاکوڙ لاءِ قدم کنيا، جنهن ۾ حسينا ساند، پرهه بلوچ ۽ امر سنڌو هن جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. عرفانه ملاح هيومن اسٽڊيز جي ڊگري پڻ حاصل ڪري چڪي آهي.
عرفانه ملاح جو ادب سان گهڻو چاهه آهي، الطاف شيخ، امر جليل ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب وڏي چاهه سان پڙهندي آهي. عرفانه ملاح روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکندي آهي.
اڄ ڪلهه عرفانه ملاح ڪاوش جي اپٽار پروگرام ۾ ميزبان طور پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهي آهي. عرفانه ملاح کي پنهنجي والد جا اهي لفظ ياد آهن ته اسان جي معاشري کي اڏوهي بلڪل کائي چڪي آهي. ڳوٺن ۾ وڏيرا ۽ مرد عورتن کي ڪجهه به نٿا سمجهن، هو صرف عورتن کي پنهنجو غلام سمجهي رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ 48 سيڪڙو عورتون آهن ۽ 52 سيڪڙو مرد آهن. وڏيرا عورتن جي تعليم جي حق تي قابض آهن. اسان جي معاشري ۾ عورتن کي مردن جيترا حق نٿا ڏنا وڃن.*
عرفانه ملاح جا ڪالم پڙهڻ لاء هيٺ ڪلڪ ڪريو
عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر 1
عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر2
عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر3
عرفانه ملاح جا ڪجهه وڊيو پروگرام
عرفانه ملاح جو پروگرام ٻاراڻو ادب۔۔۔ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
عرفانه ملاح جو پروگرام سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار ڏسن لاء هت ڪلڪ ڪريو عرفانه ملاح جو پروگرام پنهنجي ڌرتي سان عشق، محبت ،جذبات ۽ ان لاء پاڻ پتوڙڻ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
بشڪريه روشني ڊاٽ ڪام ، ڪاوش اخبار، گوگل، يوٽيوب۔