”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو“: اديبن جون ريليون، ميڙاڪا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ڪالهه به سنڌي ادبي سنگت پاران مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، شڪارپور جي سگهڙن فقير وريام، حاڪم ميمڻ، عبدالحليم سومرو جي اڳواڻي ۾ لکيدر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، سيوهڻ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران حاجن پنهور، احسان رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، واهي پانڌي ۾ به امير امتياز، شمن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ڊگهڙي ۾ ٻالڪ ادبي فورم پاران ميڙاڪو ڪوٽايو ويو، جنهن ۾ پريم راٺوڙ، ڌر ميندر ۽ ٻين خطاب ڪيو، سنڌي ادبي سنگت سوڀوديرو پاران سنگت جي مهم جي سلسلي ۾ مذاڪرو ٿيو، جنهن کي لالڻ چني، زاهد عباسي، چيزل ڄامڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف جسقم اڳواڻ ڪم سوسائٽي ۽ ايم ايس ايف اڳواڻ لعل بخش سولنگي ٻولي مهم جي حمايت جو اعلان ڪيو، ٻلهڙيجي ۾ سنڌ ٻولي قومي ٻولي جي عنوان هيٺ هڪ تقريب انور پيرزادو ميموريل هاءِ اسڪول ۾ ٿي، جنهن ۾ جسقم، جسمم جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، سورهيه سنڌي، فراز پيرزادو، ڪامران پيرزادو، ٻيجل، اقرار پيرزادو ۽ استاد علي مردان چيو ته گڏيل قومن پاران دنيا جي هر ٻار کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو ٺهراءَ پاس ٿيل آهي پر پاڪستان جا حڪمران سنڌ جي عظيم شاعر ڀٽائي جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هنن گهر ڪئي ته سنڌي ٻولي کي فوري طور قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، باڊهه ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي غلام محمد ڀٽي ۽ پرويز سولنگي ڪئي، ريلي ٽائون هال کان حيدر چوڪ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.

    روزانه ڪاوش
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو“: اديبن جون ريليون، ميڙاڪا

    اسين پڻ سنڌ جي هن سهڻي اوطاق تان حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪريون ته حقدارن کي حق ڏنو وڃي، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رهندي، سنڌين جي ٻوليءَ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ختم ڪري سنڌيءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ۔۔۔

    اهو سنڌ جو حق ، سنڌين جو ملڪ آهي، سنڌين جي مال تي پورو پاڪستان ۽ دنيا جا ڏتڙيل ۽ ڀڄي آيل انسان پلجن ٿا پر پوءِ به سنڌ سان ٻه اکيائي، دشمني ڪيستائين هلندي ۔۔۔؟؟؟

    سنڌ جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان کي سنڌي لکڻ ۽ سنڌي پڙهڻ جو پابند ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه وارن ادارن جي سالانه بجيٽ وڌائي وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيقي ڪم اڳ کان اڳرو ٿي سگهي ۔۔۔

    اآءُ مطالبو ڪريانٿو، سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جي ڏاهن سنڌين کي ته هو اڳتي اچي سنڌي ٻوليءَ سان ساٿ نڀائن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻوليءَ واري قانوني حق ڏيارڻ ۾ پاڻ ملهائن ۔۔۔

    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو“: اديبن جون ريليون، ميڙاڪا

    ادا سٺي ونڊ آهي ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو