تعارف

'تعارف' فورم ۾ منظر جلباڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2009۔

  1. منظر جلباڻي

    منظر جلباڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    السلام عليڪم پيارا سنڌ سلامت جا دوستو!

    ڪافي ڏينهن کان وٺي ڪجهه پيارا دوست جنهن ۾ ادا عبدالرشيد سمون ۽ اسانجو پيارو ڀاءُُ فقير مخدومي زاهد سومرو، سنڌ سلامت فورم جي اهميت جي باري ۾ موبائيل فون تي ٻڌائيندا رهيا ۽ اسرار ڪندا رهيا ته توهان ضرور هڪ دفعو فورم تي رڪنيت حاصل ڪري وزٽ ڪريو۔ جڏهن مون سنڌ سلامت فورم جوائن ڪيو ته ڪافي دوستن جون معلوماتي، اسلامي، ۽ ادبي لکڻيون پڙهيون ته دل ۾ اهو جذبو پيدا ٿيو ته واقعي اسان جا سنڌي دوست تعليمي ۽ معلوماتي ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ڪافي نين شين کي حاصل ڪرڻ جو جستجو رکن ٿا۔ جو محدود وسيلن جي باوجود به تمام گهڻي معلومات رکن ٿا۔


    ادا منهنجو پورو نالو مشتاق احمد جلباڻي آهي ۽ آءُ سنڌ جي سهڻي ڌرتي جي هڪ تاريخي، سياسي ۽ تعليمي ماڳ لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکان ٿو۔
    تعليم: ايم اي جنرلزم (صحافت(
    ليڪن منهنجي بدنصيبي اها آهي ته ايم اي صحافت ۾ ڪرڻ جي باوجود مان هڪ اهڙي سرڪار اداري سان وابسطه آهيان جنهن ۾ صحافت جو سوال ئي پيدا ناهي۔۔۔۔۔
    مونکي لکندين به ڊپ ٿو ٿئي ته اسان جا سنڌ سلامت فورم تي موجود اهڙا دوست آهن جيڪي ادب جي هر نقطي کان واقف آهن۔ انهي جي لاءِ ڪا غلطي هجي ته معاف ڪندا۔
    منهنجون دعائون هميشه هميشه پنهنجي سهڻي سنڌ ڌرتي ۽ ان ۾ رهندڙ ماروئڙن جي لاءِ رهنديون۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    مون ئي پڇيو هُن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين،
    هو به کلي پيو، مان به کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا مشتاق احمد ”منظر“ جلباڻي مهرباني سائين جو ٻن پيارن دوستن ادا رشيد سمون ۽ ادا زاهد سومرو مخدومي جي سڪ ڀرين سنيهن تي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري هليا آيا۔ مٺا توهان جي اچڻ تي اسين سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي ايترا ته خوش آهيون ايترا ته خوش آهيون جو ڪپڙن ۾ ئي نٿا ماپجون۔
    ڀلي آيا ادا جلباڻي محفل اڄ سجائڻ لئه
    اڱڻ مُنهنجو اُجارڻ لئه وڏو ميلو مچائڻ لئه​

    اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان پنهنجي لکڻين سان سنڌ سلامت جي محبتي آستاني کي جرڪائي ۽ مهڪائي ڇڏيندا۔سدائين گڏ ۔ شال جُڙيا هُجو (آمين)
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين مشتاق جلباڻي صاحب،
    حق موجود؛

    ادا (ڳوٺائي)، ڪافي ڏينهن کان راه پئي ڏٺي ته من ڪو ڳوٺائي اچي نڪري ته حال احوال ٿين ... ادا سائين هن فورم تي نه ڪو وڏو آهي نه ڪو ننڍو بس سڀ دوست آهن ... جو ويٺا هڪ ٻئي کي سنڀالين، کلائين، صلاحين ۽ سڌارن ... اوهين به ڀلي ڪري آيا ... جي آيا ... اسانجون اکيون ٿڌيون ... اهڙي سٺي مضمون ۾ ايم اي ٿيل اٿوَ جو اوهانکان، اسانکي گهڻو ڪجه سکڻ لاءِ ملندو ...

    ادا رشيد ۽ ڀاءُ مخدومي هن اوطاق جا مور آهن ... سندن قلندري شوق آهي ته جيترا دوست گهڻا اوتري محبت گهڻي ... ”

    ”وڌي واڙي لڳي ڀاڳ“

    هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان اوهانجو
    ”آڌرڀاءُ“​


    اميد ته ڪچهريون پيون ٿينديون ...
    shal judy hujeen
    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا مشتاق منظر توهان جا لک قرب جو توهان فورم تي پنهنا قربائتا قدم ڀريا۔۔۔۔ سچ ته فورم مهڪي اٿيو۔۔۔ توهان جو فورم تي ان ڏينهن کان وٺي ئي انتظار هيو جڏهن کان فورم لانچ ٿيوهو۔۔
    دوستو توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ادا مشتاق جلباڻي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ انتهائي همدردي جا جذبا رکندا آهن ۔۔۔۔ جڏهن به ڪنهن پريشان حال سنڌي کي ڏسن ته ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجي هڙان ۽ وڙان مدد ڪندا آهن۔۔۔ ان مان اندازو لڳايو ته هو ڪنهن به سنڌي کي غمگين نه ڏسي سگهندا آهن۔۔۔۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته سندن اهڙن همدردي واري جذبن کي برقرار رکي ۽ کين موٽ ۾ بهترين اجر فرمائي۔۔۔ (آمين)
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين مشتاق احمد جلباڻي سائين معاف ڪجو اوهان کي سنڌ سلامت فورم جي دعوت ڏئي وري پاڻ غائب ٿي وياسون۔۔۔۔۔
    اوهان جي تعارف تي جڏهن نظر پئي ته اصل پنهنجي دل باغ بهار ٿي وئي۔۔۔ لک قرب جو اوهان جهڙو محبوب پيارو ۽ دوست جنهنجي صلاحيتن کان شايد ته مان واقف آهيان پر اسان جا هن سنڌ سلامت جا دوست واقف ناهن ۔۔۔۔۔ ادا اوهان جي اچڻ سان سنڌ سلامت جا ڀاڳ کلي پوڻ جي برابر آهن۔۔۔۔ اوهان جون ناياب لکڻيون، اسان جي هن فورم جون زينت بڻبيون۔۔۔۔ اميد ٿا ڪريون ته اوهان ضرور به ضرور سنڌ سلامت کي پنهنجو قيمتي ٽائيم ڏيندا۔۔۔۔۔۔

    باقي سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جو ڳوٺائي هن فورم تي موجود آهي۔۔۔ سائين جن اسان جي مان به ڪجهه لکيو آهي پر حقيقت اها آهي جو اسان جا محسن آهن ۔۔۔۔۔ اهو اوطاقون سائين جن ڪري قائم ۽ دائم آهن۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين جلباڻي صاحب توهان کي اسان جا دوست ويلڪم ته چئي چڪا آهن پر مان ڦلپوٽي فقير توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چوان ٿو اسان کي وڏي خوشي ٿئي ته توهان جهڙا نامور دوست اسان جي ننڍڙي فورم تي هلي آيا آهن ادا اسان کي توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو .
    ادا هي توهان لا۽ ......................
    ادا نه نه انڪار نه ڪجا۽
    هي وٺو گل توهان لا۽ ولو کان اوڌر تي ورتا آهن مان ولو کي چيم ته يار اسان جو دوست آيو آهي فورم تي گل کپن سو ادا اوڌر سوڌر تي توهان لا۽ هي گل ورتا آهن شل قبول پون :D

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو