هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

'هارڊويئر' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت

    دوستو اسان هارڊ ويئر جي پهرين ڪلاس ۾ اسان هارڊ ويئر بابت اهو سکيا هئاسين ته هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ عام استعمال ۾ ايندڙ هارڊ ويئر جي باري ۾ سکيا هئاسين .
    هاڻي اسان هارڊ ويئر جي ٻئي سبق ۾ اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ لڳل تمام ٻاهريان هارڊ ويئر ريموو ڪري وري ٻيهر لڳائڻ سکنداسين .

    سڀ کان پهريائين ته توهان ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون ڪريو پو۽ سڀ کان پهريائين بجلي جي بورڊ مان پاور سپلائي جون تارون ڪڍي ڪري الڳ ڪريو پو۽ ڪمپيوٽر مان مائوس ، ڪي بورڊ ، مانيٽر ، پرنٽر وغيره وغيره سڀ هارڊ ويئر ريموو ڪريو
    مائوس کي ريموو ڪرڻ وقت صرف توهان کي اهو خيال رکڻو آهي ته توهان جو مائوس يا ڪي بورڊ ps/2 آهي يا وري يو ايس بي پورٽ اسٽائيل ۾ آهي

    اچو ته ڏسو ڪهڙا پورٽس يو ايس بي پورٽس آهن ۽ ڪهڙا پورٽس پي ايس ٽو آهن .

    هي پي ايس ٽو مائوس ، ڪي بورڊ پورٽس آهن
    هتي مان اوهان کي اها معلومات پڻ ڏيندو هلان ته ڪنيڪٽر پڻ ٻن قسمن جا هوندا آهن
    نمبر هڪ في ميل ڪنيڪٽر
    هي پي ايس ٽو هي تصوير في ميل ڪنيڪٽرس جي آهي
    [​IMG]
    نمبر ٻه ميل ڪنيڪٽرس هي هيٺين تصوير ميل ڪنيڪٽرس جي آهي
    [​IMG]
    هن هيٺين تصوير ۾ ميل ، في ميل ڪنيڪٽر گڏ آهن سوراخن وارو ڪنيڪٽر في ميل آهي ۽ پنن وارو ميل ڪنيڪٽر آهي
    [​IMG]

    هي هيٺيون يو ايس بي اسٽائيل ۾ مائوس آهي
    [​IMG]

    يو ايس بي اسٽائيل ۾ ڪي بورڊ هن طريقي جو هوندو آهي
    [​IMG]

    هاڻي صرف مائوس يا ڪي بورڊ پي ايس ٽو اسٽائيل ۾ آهي ته انهي کي لڳائڻ وقت صرف اهو خيال رکڻو آهي ته جيئن پنا آهن مائوس جو اهي سهي نموني سان لڳائڻيون آهن جيڪڏهن سهي نموني سان نه لڳيون ته ٻيو ڪو خاص نقصان نه ٿيندو پر صرف مائوس يا پورٽ خراب ٿئي سگهي ٿو سو ان ڪري مائوس يا ڪي بورڊ کي احتياط سان ريموو ڪري وري لڳائي ڪري اهڙيون ڪوششون ٻه ٽئي دفعا ڪريو ته جيئن توهان کي ان تي مهارت حاصل ٿئي وڃي .
    هاڻي سڀ جا سڀ ٻاهريان هارڊ ويئر ڪمپيوٽر مان الڳ ٿئي چڪا آهن سو هاڻي انهن کي صاف ڪري وري ٻيهر
    لڳايو
    پي ايس ٽو مائوس يا ڪي بورڊ لڳائڻ وقت صرف اهو خيال ڪرڻو آهي ته ائين نه ٿئي جو اسان مائوس جي جڳهه تي ڪي بورڊ لڳائي ڇڏيون ۽ ڪي بورڊ جي پورٽ ۾ مائوس \:D/\:D/\:D/\:D/ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو وڃي ته پرواه نه ڪريو ان عمل سان ڪو نقصان نه ٿيندو آهي صرف سسٽم اسٽارٽ ٿيڻ وقت ايرر ايندو ۽ سسٽم مائوس يا ڪي بورڊ ڊٽيڪٽ نه ڪندو .
    مائوس ، ڪي بورڊ ، مانيٽر واري تار ، جيڪي توهان جا ٻيا هارڊ ويئر ڪمپيوٽر سان اٽيچ هئا اهي سڀ ڪنيڪٽ ڪري آخر ۾ پاور سپلائي ڪنيڪٽ ڪري بسم الله پڙهي ڪري ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ڪريو .

    هن سبق ۾ اسان ٻاهريان هارڊ ويئر ريموو ڪري وري لڳائڻ سکياسين .

    اميد آهي ته توهان دوستن کي هي ننڍڙي ڪوشش پسند آئي هوندي

    هاڻي وري هڪ اڌ سوال به ٿئي وڃي ائين نه ٿئي جو رشيد اچي سوال ڪري ...ها ها ها

    سوال نمبر هڪ .

    ڪنيڪٽر گهڻن قسمن جا هوندا آهن ؟

    سوال نمبر ٻه .

    پي ايس ٽو پورٽ ۽ يو ايس بي پورٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟

    توهان جي جوابن جو منتظر ...

    سدائين گڏ





     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    واه سائين واه فورم تي اوهان جي فرمائش مطابق اوهان لاء ڪلاس روم جو اضافو به ڪيو ويو آهي اوهان وعدي مطابق پنهنجي تدريسي عمل کي به جاري رکيو آهي الله تعالى توهان کي سلامت رکندو.

    فقير سائين اگر اجازت هجي ته ٿوري ڳالهه جو اضافو ڪجي.
    هن سبق واري معلومات ڪافي دوستن کي هوندي ليڪن هت ڪي دوست نوان به هوندا انهن لاء ضرور فائدو ٿيندو. هڪ دوست مون کان سوال پڇيو ته پي ايس ٽو ڪنيڪٽرن کي رنگ ڇو آهن ؟ انلآء عرض ته جيئن نون دوستن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ته ادا
    سائي رنگ وارو پي ايس ٽو ڪنيڪٽر ۾ مائوس لڳايو ويندو آهي ۽ نيري رنگ واري پي ايس ٽو ڪنيڪٽر ۾ ڪي بورڊ لڳايو ويندو آهي.
    ۽ خاص ڪري انهن ڪنيڪٽرن ۾ مائوس يا ڪي بورڊ لڳائڻ وقت زور سان اٽيچ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي بلڪ انهن کي گهمائي ڦيرائي صحيح لڳائجي ورنه ڪنهن ويجهي ڄاڻو دوست کان هڪ ٻه دفعا ڪنيڪٽ ڪرڻ جي تجربو حاصل ڪجي ڇو ته جيڪڏهن ڪنيٽرن خراب ٿي ويا ته توهان وارو ڪمپيوٽر في الحال هلي نه سگهندو جيستائين ڪنهن مستري جو منهن نه ڏسي.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    فقير سائين۔۔۔۔ اڄ ته واهه واهه ٿي وئي۔ اوهان جو هي ٽيوٽرل به نهايت معلوماتي رهيو۔۔۔ اميد ته اسان جهڙا ڪم علم دوست اوهان جي هنن موضوعن مان فائدا حاصل ڪندا۔۔۔ سائين رحيم بخش جي به مهرباني جن هڪ نهايت اهم ڳالهه طرف دوستن جو ڌيان ڏياريو۔۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    واھ فقير تمام بهترين نموني سان اوهان سمجهاڻي ڏني آهي۔
    فقير سائين اوهان جيڪي هيٺيان سوال ڏنا آهن۔
    ڪنيڪٽر ٻن قسم جا ٿيندا آهن ميل في ميل۔ ڳالھ ته صاف ظاهر آهي ته پنن وارو ميل ۽ سوراخن وارو في ميل۔
    سوال2 پي ايس ٽو پورٽ ۽ يو ايس بي پورٽ ۾ صرف اهو فرق آهي ته پي ايس ٽو لڳائڻ وقت ٿورو خيال ڪرڻو پوندو ته ته ڪٿي پنان خراب نه ٿي وڃن ۽ غلط نه لڳي وڃي۔جيڪڏهن مائوس يا ڪي بورڊ جي ڪابه پن ٽيڙي ٻيڙي ٿي وئي ته ڪم خراب ٿيندو۔۔۔۽ ها جڏهن اسان پي ايس ٽو مائوس يا ڪي بورڊ لڳائيندا آهيو يا وري چينج ڪندا آهيو ته سسٽم کي جيستائين ري اسٽاٽ نه ڪنداسين تيستائين سسٽم مائوس يا ڪي بورڊ نه کڻندو، پر ڪڏهن ڪڏهن کڻي به ويندو آهي۔
    باقي يو ايس بي پورٽ لڳائڻ تمام سولو ۽ ڊاريڪٽ لڳائڻ سان سسٽم کڻي ويندو آهي مطلب سسٽم ري اسٽاٽ ڪرڻ جي ضرورت ڪان پوندي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!



    واليڪم السلام سائين ،

    سائين هڪ اهم نڪتي ڏي ڌيان ڇڪائڻ جي مهرباني پر سائين ائين به هوندو آهي ته ڪي بورڊ يا وري مائوس جي ڪنيڪٽر به انهي ئي رنگ جو هوندو آهي جيڪو رنگ ڪمپيوٽر جي بيڪ سائيڊ کان ڪنيڪٽر جو هوندو آهي

    [​IMG]

    سائو رنگ سائي مائوس جو ڪنيڪٽر هوندو آهي
    ءٌ نيرو وري ڪي بورڊ جو ڪنيڪٽر هوندو آهي

    ٿريڊ کي پسند ڪرڻ ۽ ريپلائي ڪرڻ جي مهرباني سائين

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    محترم سائين اسد مير جت

    توهان ته هارڊ ويئر ۾ استاد آهيو پر مون جي ڪوشش اها آهي ته جيئن مان شروع کان وٺي هر شي هارڊ ويرئ جي باري ۾ معلومات سنگت سان ونڊ ڪريان هتي ڪافي اهڙا سيکڙاٽ دوست به آهن جن کي ڪا معلومات نه آهي ان ڪري مان اهڙي ڪوشش ڪئي آهي ته شروع کان وٺي معلومات ڏيان جيڪڏهن جتي ڪا ڀل چڪ ٿئي ته مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا .


    پسند ڪرڻ جي لا۽ مهرباني

    سدائين گڏ
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!



    عاشق علي سولنگي ،

    توهان جي ٻنهي سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ مان اهو ظاهر آهي ته توهان ٿريڊ کي گهرائي سان پڙهيو آهي

    تمام بهترين

    اميد ٿئي ڪجي ته اهڙي ئي نموني سان ٻين دوستن کي پڻ لاڀ ملندو

    سدائين گڏ
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    واه سائين، سکي وياسون، اهو ڪم ته ڀلو ٿيو ۔۔۔۔ پر هڪ حيرانگي به ٿي ته بي جان شين ۾ به ميل يعني نر ٿئي ۽ فيميل يعني ماده ٿئي ۔۔۔ هل ته سهي ۔۔۔۔ مطلب جيڪا شئي پن سان هجي سا نر ۽ جيڪا شئي سوراخ سان هجي سا ماده ۔۔۔ اها ڳاله ته صفا چٽي سمجهه ۾ اچي وئي آهي ۔۔۔

    تفصلي ۽ ترتيبوار سمجهاڻي ڏنل آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    فقير سائين اسان ڪيڏا به هوشيار هجون ۔۔۔ پر هاڻي آهيون اوهان جا شاگرد۔۔۔ سو مڙئي پارتڙي۔۔۔۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    تمام ڀلو۔۔۔ سائين
    جڏهن مون پهريون چڪر ڪمپيوٽر ڏٺو ۽ سکڻ ٿي چاهيو ته استاد اسڪرين تي سيکارڻ کان اڳ اهو ئي چيو هو ته پهريان سي پي يو ۾ لڳل تارن کي کي غور سان ڏس ۽ انهن کي الڳ ڪري ٻيهر لڳاءِ اهو ڪم ايترا دفعا دهراء جو پڪ سان ڄاڻي سگهين ته ڪهڙي تار ڪهڙي سوراخ ۾ لڳندي۔۔۔
    ٻي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته منهنجي هڪ آفيس ۾ پوسٽنگ ٿي اتي پهريان ئي خبر پئجي وئي ته ڪو ڪمپيوٽر جو ايڪسپرٽ پيو اچي هالانڪه ان وقت مون کي ونڊوز انسٽاليشن کان وٺي پرنٽر اسنٽاليشن تائين به نه ايندي هئي 8-| پر جڏهن آفيس ۾ پهتس ته آفيسر چيو ته هي ڪمپيوٽر پينٽيم ون آهي جيڪو محڪمي 50000 ۾ خريد ڪيو آهي۔۔۔ پر ڪجهه ڏينهن ۾ ئي خراب ٿي پيو آهي۔۔۔ ٻئي ڪنهن کي ان ڪري هٿ لائڻ نه ٿا ڏيون ته قيمتي شي آهي ڪاٿي وڌيڪ خراب نه ٿئي ۔۔۔ توهان هن کي درست ڪيو۔۔۔
    دوستو مون ان کي بس 5 سيڪنڊن ۾ درست ڪري ورتو ۔۔۔ =D> توهان يقينن منهنجي قابليت تي متاثر ٿيا هوندو پر حقيقت اها آهي ته ان ڪمپيوٽر ۾ ڪي بورڊ جي تار مائوس پورٽ ۾ ۽ مائوس جي تار ڪي بورڊ پورٽ ۾ لڳل هئي۔۔۔۔
    خير هتي پورٽس جي ڳالهه هلي پئي ته ٿورو مان به وضاحت ڪندو هلان اهڙيون پورٽس مڌربورڊ ۾ لڳل هونديون آهن جن جا مڪمل نالا ۽ شڪليون هن تصوير ۾ واضح آهن۔۔۔۔

    [​IMG]

    سائين کي درخواست آهي ته سي پي يو کولي ان جي اندرين هارڊويئرس کي به ڪڍي لڳائڻ سيکارين ۽ انهن بابت ڪجهه معلومات ڏين۔۔۔۔ مهرباني۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    ها ها ها ۔۔۔۔۔۔ ڏاڍو سٺو ٿيو۔۔۔ اسان جي جادوگر ايڊمن جو پهريون جادو اسان کي خبر پئجي ويو۔۔۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    مطلب ته هتي سڀ هارڊويئر جا جادوگر ۽ ماهر ويٺا آهن سواء منهنجي

    پر فقير جون مهربانيون جو هن يقينن هي ٿريڊ مون جهڙن ڪمپيوٽر جي جاهلن لاء ئي شروع ڪيو آهي۔ لک قرب فقير جا سولي سمجهاڻي ۽ دوستن جا به قرب جيڪي سبق ۾ واڌارو ٿا آڻين ۽ ان کي وڌيڪ چٽو ڪري پيش ٿا ڪن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    پــــر سائين ڪي بورڊ جي تار مائوس ۾ يا وري مائوس جي تار ڪي بورڊ ۾ لڳڻ سان ڪمپيوٽر هلندو آهي،،،پر ڪي بورڊ ۽ مائوس ڪم کان جواب ڏئي بيهي رهندا آهن.
    هڪ دفعو اها ڪار مونسان پڻ ٿي هُئي..مان ڪي بورڊ جي تار مائوس واري جڳھ تي ۽ مائوس واري تار ڪي بورڊ جي جڳھ تي لڳائي هئي...سسٽم ته هلي پيو پر...ڪي بورڊ ۽ مائوس ڪون پيا هلن.
     
  14. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!



    پسند ڪرڻ جي مهرباني سائين

    باقي سائين نر ۽ ماد جو چڪر شروعات کان هلندو ٿو اچي :d:d:d

    لک لائق سائين پسند ڪرڻ جا

    الله پاڪ توهان کي صحت تندرستي عطا ڪري

    آمين

    سدائين گڏ
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!


    سڀ کان پهريائين ته توهان جي مهرباني جو توهان تفصيلي نموني سان پورٽس جي تصوير ونڊ ڪري آگاه ڪيو

    ٿورا ....................

    باقي ڪوشش ڪبي ته ايندڙ سبب ۾ هارڊ ويئر جي انٽرنل پارٽس بابت وضاحت ڪري سگهان

    ان ۾ توهان جي رهنمائي جي ضرورت پوندي


    مهرباني باقي توهان سائين چئي الائجي ڪنهن کي مخاطب آهيو مان ته فقير ماڻهو آهيان :p:p:p



    سدائين گڏ
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!


    بس ادا اها ته توهان جي مهرباني يا وڏائي چئبي .

    دوستو مان توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هارڊ ويئر جي سبقن بابت مان ادا سليمان سان صلاح مشورا ڪندو رهندو آهيان ۽ ادا مون کي سٺي نموني سان بريف ڪندو رهندو آهي

    لک ٿورا سائين

    سدائين گڏ
     
  17. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    سائين پنهنجي سنگت ۾ اڪثر دوست ڪافي ڪجهه شيون ڄاڻندا آهن ليڪن اهو ضروري نه آهي ته سڀ هر هڪ شيء کان واقف هجن جيڪڏهن ڪنهن دوست ڪا هڪ ڳالهه به اوهان جي سبق مان حاصل ڪئي ته سمجهو توهان جي محنت ساڀ پئجي وئي ٻيو ته ڪافي دوستن کي ڪو ٿريڊ ٺاهڻ جو سليقو به اچي ويندو هر ٿريڊ ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه نڪري اچي ٿي جيئن هن ٿريڊ ۾ سائين عبدالوحيد جي ٿريڊ ۾ پنهنجو سهڻو انداز آهي ليڪن ان کي وري سائين عبدالرشيد جن به پنهنجي پياري انداز ۾ بيان ڪيو ته هر ڪنهن جي ذهن ۾ ڪافي شيون نقش ٿي ويون ان ئي طرح جڏهن هڪ مرحلو اختتام کي پهچندو ته معلومات جو هڪ بهترين گلدستو ٺهي پوندو جيڪو نه فقط نون دوستن کي فائدو ڏيندو ليڪن هر دوست کي ڪا نه ڪا معلومات ضرور فراهم ٿيندي. ان ڪري ڪم کي جاري رکو & جنهن دوست کي سبق ۾ اگر ڪا نئين معلومات آهي ته ڀلي شيئر ڪري ان ۾ سڀني جي بهتري آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!


    بلڪل سائين مون جا پڻ اهي ئي خيالات هوندا آهن

    توهان ته مون جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي

    اهڙي طرح سان همت افزائي ڪندا رهندا


    سدائين گڏ
     
  19. prince

    prince
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2010
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    زبردست سمجھاڻي آھي ادا توھان جي۔
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون ......!

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو