ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڏينهن مڙئي ڏون (منصور ر ويراڳي جي ياد ۾ لکيل مضمون)
سنڌ جي قديم تاريخي، ثقافتي ۽ علمي شهر هالا پنهنجي ادبي اتهاس ۾ بي شمار گوهر لڪايو ويٺو آهي. حضرت مخدوم نوحؓ کان ويندي مخدوم طالب الموليٰ تائين، محترم سوز هالائي کان ويندي حميد شهيد تائين ۽ نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن تائين هالا جي سينڌ ۾ لاتعداد ستارا چمڪي رهيا آهن. اهڙن گوهرِ بي مثل مان سنڌ ڌرتي جو ناليوارو شاعر، ناول نگار، سماج سڌارڪ، مضمون نويس ۽ کاهوڙي “محترم عبدالرؤف المعروف منصوري ويراڳي” پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏي شخصيت جو مالڪ هو. هالا جـــــــــــي ادبي تاريخ ۾ سائين منصور ويراڳي جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. سائين پنهنجي سموري حياتي علم و ادب کي ارپي ڇڏي. هن عملي طور ادب جو بنيادي ڪارج حاصل ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ هڪ صحتمند معاشري جي تشڪيل لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سائين جي شخصيت نون لکندڙن لاءِ شفقت ڀري هئي، پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ صوفي مزاج هئا، سندن شخصيت حسن اخلاق جو مجسمو هو. منصور ويراڳي جو جنم جان محمد “اضعف” جي گهر، دادو ضلعي جي شهر مانجهند ۾ 8 آڪٽوبر 1930ع تي ٿيو. سندن والد پڻ سٺو شاعر هو. سائين منصور ويراڳي جو جنم جيتوڻيڪ مانجهند شهر ۾ ٿيو پر پنهنجي زندگي جو سمورو عرصو پاڻ هالا ۾ گذاريائون، جيڪو سندن اباڻو وطن پڻ هو.
هالا سان تعلق رکندڙ جڳ جهان جو سير ڪندڙ، مشهور سيلاني ۽ مهان انسان الطاف شيخ لکي ٿو: “منصور ويراڳي هڪ ادارو هو، منهنجو گهڻو ساٿ سائين ســـــــــــان رهيــــــــــــــــــو، منهنجي
ســــــــــائين سان هالا اچڻ تي ملاقات ٿيندي هئي. 1955ع ۾ سائين مون کي چهين درجي ۾ پڙهايو
فقط ٻه ليڪچر ڏنائين جيڪي اڄ تائين مون کي ياد آهن آئون سندن ليڪچر وساري نه ٿو سگهان.
سائين هڪ مڪمل شخصيت رکندڙ هو، هو صحيح نموني سان مڪمل مسلمان هو، سندن ڄمار
خوش مزاجي ۾ گذري آئون سندن شخصيت ۽ تحريرن مان متاثر ٿيا آهيون” غريبن جو همدرد ۽ فقيراڻي طبيعت جـــــــــــــو مـــــــــــالڪ منصور صاحب پنهنجي نوجواني ۾ “منصور سنڌي” جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پر بعد ۾ من جي ويراڳي سبب “منصور ويراڳي” جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن جاکوڙي، غريبن ۽ بي پهچن جو هڏ ڏوکي انسان، جواني جي اسهڻ واري وهيءَ ۾ الحاج مرحوم پير محمد “سائل” انصاري هالائي جهڙي انقلابي اڳواڻ جي شاگرديءَ ۾ رهيو. پاڻ هڪ بهترين ۽ بيباڪ مقرر هئڻ سان گڏ عسڪري جيون گهارڻ جو پڻ شوقين هو. ان ڏس ۾ تحــــــــريڪ آزادي پـــــــاڪستان جي متحرڪ ڪارڪن، آل انڊيا مسلم ليگ شاگرد ونگ “مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جو جنرل سيڪريٽري ۽ سيد احسن الهاشمي جي سرپرستي ۽ سالاري هيٺ “مسلم نيشنل گارڊس” جو تعلقه سپہ سالار ٿي رهيو. وطن جي محبت سان سرشار هن نوجوان “مسلم هو تو مسلم ليگ ۾ آئو” جي نعري کي ٿرن ۽ برن، شهرن ۽ ڳوٺن، واهڻين ۽ وستين ۾ گونجايو. محترم منصور ويراڳي ننڍي عمر کان ئي قومي جذبي سان سرشار هئا، منصور ويراڳي سنڌي ٻولي جو سهڻو شاعر، ناول نگار، مضمون نويس هجڻ سان گڏوگڏ بهترين ادبي ورڪر ۽ سماج سڌارڪ هئا. سندن ڪوششن سان ئي هالا ۾ بهتر علمي ادبي ماحول جڙيو. سندن محنتن ۽ ڪوششن سان هالا ۾ ڪيترائي مشاعرا ۽ علمي محفلن جو اهتمام ٿيو.15 اپريل 1947ع تي “بزم رفيق” جي نالي سان هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌائون، هن تنڊظيم متعلق ڄاڻ ڏيندي ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب “هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو” ۾ لکي ٿو ته هن تنظيم جا مختلف شعبا هئا جن ۾ 1. رفيق اڀياس گهر 2. رفيق الاشاعت 3. رفيق پرائيويٽ اسڪول 4. شعبه تفريحات شامل آهن. هن تنظيم پاران مختلف علمي ادبي محفلون رچائڻ کان سواءِ مختلف ڪتاب به شايع ڪرايا ويا. جن جو تفصيل پڻ ڪتاب “هالا جي ادبي تنظين جو تنقيدي جائزو” ۾ موجود آهي. اهري ريت منصور ويراڳي سنه 1958ع ۾ سنياسي ادبي سنگت جي نالي سان هڪ نئين تنظيم جوڙي جنهن جي پليٽ فارم تان پڻ ڪيترائي ادبي پروگرام منعقد ڪيا ويا. تنهن کان سواءِ ڪيترائي ڪتاب هن تنظيم پاران اشاعت هيٺ آيا. “منصور ويراڳي” اڪثر سنڌ جي اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ نڪرندڙ هفتيوار، ماهانه ۽ روزانه اخبارن، رسالن ۽ مئگزين ۾ مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي. سال 1960ع ۾ “منصورويراڳي” جي قلم مان سرجندڙ تخليق “شام و سحر” کي ايتري ته پذيرائي ملي، جو جئين ئي پڙهندڙن تائين پهتي ته واه! واه!! مچي ويئي. 1965ع واري جنگ ۾ وطن جي حب سان سرشار هن مردِ مجاهد، پنهنجي اندر جا اڌما قومي نغمن جي روپ ۾ لکي ديس جي هر دڳ تي قوم ۾ ڏاڍو ولولو ۽ جوش پيدا ڪري ڇڏيو.سنه 1971ع ۾ منصور صاحب جن انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا جو بنبياد وڌو. جنهن جي طرفان پڻ ڪيترائي ادبي سانگ سجايا ويا. هن اداري پاڻ اٽڪل ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب پڙهندڙ جي جهولي ۾ وڌا ويا. انهن مان “سوره ياسين، سوره ڪهف، سوره رحمٰن، وطن جي راه ۾، واٽون ويهه ٿيون، محبوب مصطفيٰؐ، جيون ساٿي، مٺڙيون راتيون، گلابي مکڙيون، بانو، دو آنسو(اردو)، صدائي وطن، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، سوري جنين سيج، هن پار، اندر جا آلاپ، اڻ مڻيا موتي، رفيق گرامر، روشن راتيون-پيارا ڏينهن، عاشق عزازيل، سڄڻ سفر هليا، شام و سحر، ڪنول جي ڪهاڻي، ڀيڄ مولا، ارمان اڌورا، رنگين گل، زندگي هڪ خواب، مزدور جولاش، رت جا ڳوڙها ۽ سندن آخري ڪتاب “غيرت” جيڪو مهراڻ اڪيڊميءَ حيدرآباد طرفان شايع ٿيومنصور ويراڳي “بزم گلستان سنڌ” جو روح روان پڻ هو، جنهن جون سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون. هن بزم طرفان اسرندڙ نوجوان اديبن ۾ اصلاحي لکڻين ۽ سماج ۾ سچائيءَ جو روح ڦوڪڻ لاء وڏي جاکوڙ ڪئي. نتيجاً ڪيترائي نوان ليکڪ ۽ شاعر پيدا ڪيا؛ جيڪو ان وقت جو شاندار رڪارڊ ثابت ٿيو. ان کان علاوه پاڻ هيٺين علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جا تاحيات سربراه ۽ سرپرست ٿي رهيا. جن ۾ ماهانه سنڌ اسلام آباد، شاھ لطيف مجلس هالا، عرئبڪ ايجوڪيشن سوسائٽي، سنياسي پبليڪيشن هالا، متحده ادبي انجمن هالا، سنياسي ادبي سنگت هالا، انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا ۽ اضعف هالائي يادگار لائبرري ۽ اڀياسي گهر هالا شامل آهن. منصور صاحب هڪ خوبصورت شاعر پڻ هو، سندس ڪلام، نعتون ۽ قومي نغما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پڻ سٺ واري ڏهاڪي کان نشر ٿيندا رهيا. مرحوم جي شاعري کي چوٽيءَ جي مشهور فنڪارن ڳايو آهي جن ۾ مرحوم استاد محمد ابراهيم، مرحوم ڍول فقير، مرحوم استاد محمد جمن، عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، زليخـــاخــديجه، زيب النساء، مرحوم رجب علي ، مرحوم محمد يوسف، استاد منظور علي خان ۽ علڻ فقير شامل آهن. علڻ فقير، منصور ويراڳي کي پنهنجو روحاني مرشد ڪري به مڃيندو هو. سنڌي ادب جو هي سدا بهار املهه موتي محترم منصور ويراڳي تاريخ 13 فيبروري 2008ع تي هميشه هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا )انا لله و انا اليه راجعون(
جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌِڱَ لٽبــــــــــــا ڌوڙ ۾، اُڀِـــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون، اُٿي لوچ لطيــــــــــــــف چئي.