ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جون به مهربانيون جو توهان منهنجي هر تحرير جو جائزو وٺي ڪري پنهنجا خيال پيش ڪندا رهيا آهيو، جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، ادا باقي بقول سائين نثار ابڙو صاحب جن جي ته 1000 ڇا، 5000ڇا۔۔۔ هت سنڌ سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي سان ته ڪو حساب ئي ڪونهي، بس پنهنجي ڌن ۾ لڳا رهو، پوء اڳيو جواب ڏئي يا نه ڏئي، توهان پنهنجي ڪوشش نه ڇڏيو، ۽ ڪاميابي جو اهيوئي اصول آهي، ادا سنڌ سلامت جي جن ساٿين منهنجي تحريرن کي پڙهي ڪري انهن تي پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا ۽ انهن تحريرن جو جواب ڏنو انهن تمام دوستن جي به مهرباني، ۽ جن دوستن ميمبرن صرف منهنجن تحريرن ۽ ونڊن کي پڙهيو ۽ ڪن سبب جي ڪري جواب ڏئي نه سگهيا انهن دوستن جي به مهرباني، ان کان علاوه اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جا ميمبر ته نه آهن پر پنهنجي محبت مان نيٽ گردي ڪندي يا پوء فيس بڪ جي رستي منهنجي تحريرن کي يا ونڊن کي پڙهيو ۽ پسند يا ناپسند ڪيو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار چاهيندي به ڪري نه سگهيا انهن دوستن سنڌين ڀائرن جو به مان شڪرگذار ۽ ٿورائتو آهيان۔۔ دعا آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي سنڌي ماڻهون دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وسندو رهي ۽ پنهنجي سنڌ امڙ کي ياد ڪندو رهي۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا ڦلپوٽه صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان منهنجن تحريرن کي پسند ڪيو ٿا، جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان۔ الله توهان کي خوش رکي،۔ ادا توهان لکيو آهي ته۔۔۔۔ ممتاز مبارڪ اٿئي يار 1000 ٿريڊ وڏي ڳالهه آهي ۔۔۔ مگر ادا مان ته چوندس ته هن سنڌي ٻولي لاء منهنجا هي 1000 هزار ٿريڊ ڪجهه به نه آهن هت ته هڪ لک ٿريڊ به ڪجهه نه آهن، دعا ڪيون ته سنڌ ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي لاء اهو ڪجهه ڪري سگهون جنهن جي سنڌ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي کي ضرورت ۽ گهرج آهي، ادا توهان ڏسو ته اردو وارن انٽر نيٽ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان جي نسبت اسان سنڌين جو ڪم تمام پوئتي آهي جنهن لاء اسان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻ پوندي، هون تن سنڌي ادبي بورڊ وارن تمام سٺو ۽ تعريف لائق ڪم ڪيو آهي جنهن جي تعريف ڪرڻ کانسواء ماڻهون رهي نه ٿو سگهي، مگر ادا انهن به علم کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ واري جي سائيٽ تان عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ نه ڪا تحرير کڻي سگهي ٿو ۽ نه وري پاڻ وٽ محفوظ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ان سائيٽ تي سنڌي علم ادب، تاريخ جا بهترين ڪتاب موجود آهن مگر افسوس جو انهن تي به ڪن ماڻهن جو قبضو ڄميل آهي، ۽ اهو سرمايو پنهنجي مٺي ۾ بند ڪري ويٺا آهن،، ادا سنڌ جي زمين هميشه علم ادب ورهائيندي رهي آهي ۽ جڏهن تاريخ تي نظر وجهندوء ته توهان کي معلوم ٿيندو ته صرف سنڌ جي شهر ٺٽي اندر به ان وقت ۾ 300 مدرسه موجود هئا، جتي علم جي ورهاست ڪئي ويندي هئي،۽ صرف سنڌ جي هڪڙي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جن جا ئي 150 کان مٿي لکيل ڪتاب آهن جن کي به نيٽ تي آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌي جا اهي ڪتاب به نيٽ تي آڻڻا پوندا جيڪي سنڌ جي مختلف لائبريرين ۾ سرڻ واري حالت ۾ آهن، ۽ اهو سرمايو اسان کي محفوظ ڪرڻو پوندو، ورنا اسان کي اسان جو ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندو۔۔، توهان ڏسندو ته بريصغير ۾ قرآن جو پهريون ترجمو به سنڌي ۾ ٿيو هو مگر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان کي قرآن جي ڊڪشنري نيٽ تي نه ملندي، جنهن تي به ڪم ٿيڻ گهرجي ان کان علاوه نيٽ تي قرآن جا سنڌي ۾ تفسير هجڻ گهرجن جنهن تي ڪم ٿيڻ گهرجي، ادا مان نااميد نه آهيان اسان جو نوجوان نسل تمام سٓو ڪم پيو ڪري مگر انهن ڪم ڪرڻ وارن جو تعداد تمام گهٽ آهي۔ جنهن کي وڌڻ گهرجي ۽ الله ۾ اميد ۽ اسرو آهي ته اهڙا مرد مجاهد پيدا ٿيندا جيڪي اهيو ڪم ڪندا، ۽ اسان جي سنڌ جي عالمن جو ڪم جديد مٿيارن مطابق دنيا سامهون آنيندا۔ انشاءالله۔ ،
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا آرزو صاحب توهان جون به مهربانيون جو توهان مون کي ياد رکيو ۔ دعا آهي ته توهان سان گڏ اسانجي تمام سنڌ سلامت جي ساٿين جون آرزوئون شل پوريون ٿين ۽ سدائين شل خوش رهن هن سنڌ سونهاري جي ڌرتي تي ۽ دنيا جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾۔۔ ۔ ادا حقيقت پڇو ته مون ڪڏهن به مبارڪون حاصل ڪرڻ لاء سنڌ سلامت تي ناهي لکيو ۽ ونڊ ڪيو بس اهيا منهنجي محبت آهي، ۽ توهان سڄڻن جي محبت آهي، باقي ڪو محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن اسان کي ڪو سيلز جي نوڪري وانگر ٽارگيٽ ناهي ڏنو ته توهان کي هيتري عرصي ۾ هيترو ڪم ڪرڻو آهي يا هيتريون تحريرون توهان کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻيون آهن، ادا آرزو صاحب وري به محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن جي ۽ سندس ٽيم جي مهرباني آهي جو اڄ اسان هڪٻئي سان محبتن جا گل پيا ٿا ورهايون ادا هي سنڌ سلامت اسان جي جديد دور جي اها اوطاق آهي جنهن اوطاق ۾ هر قسم جو سگهڙ ۽ ڏاهو شرڪت ڪري ٿو ۽ پنهنجون پنهنجون تحريرون ، دل جون ڳالهيون صلاحون پيو هت ونڊ ڪندو آهي ۽ وٺندو آهي، ۽ اهو به دنيا جي مختلف ماڳن تي ويهي ڪري ،ادا ڪو دور هو جو اسان جا وڏڙا پنهنجو ٻني ٻاري جو ڪم ڪار لاهي ڪري اچي ڳوٺ جي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا، مگر هاڻ ته ههئڙي اوطاق جي به صحولت ملي وئي آهي، جنهن جي مدد سان اسان هڪٻئي سان پنهنجا تجربه ۽ علمي معلومات ونڊ ڪري سگهون ٿا۔ ۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    [justify]آءُ اوهان دوستن کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته سائين ممتاز کي سنڌي سان ڪيتري محبت آهي اهو ته اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جو سائين جي قربت ۾ رهيو هجي سائين جي آستاني تي جڏهن به ويندا آهيون ته سائين جي هر طرف سنڌي ادب سان وابسطه ڪتابن جا انبار هوندا آهن۔ ۽ اوهان کي هڪ ٻي ڳالھ به ٻڌايان ته هي جيڪو اوهان سائين جي صحت جي اپيلن جو بار بار اعلان ٻڌندا آهيو ان جي پٺيان به هڪ راز آهي اهو ننڊي لاءِ سبق پڙهيو هو سين ته ماءِ پٽ کي چوندي هئي ته بابا ايترو نه پڙھ بيمار نه ٿي پوين ته الائي اهو ٻار بيمار ٿيو الائي نه پر سائين ممتاز جي بيماري جي اصل وجه به ڪمپيوٽر تي ٽائيم ڏيڻ ۽ سندس آڻٿڪ محنت آهي، سائين ڊيوٽي تان واپس اچي رات جي گهني دير تائين اوهان سان ڪچهريون ڪندو آهي۔ بس سائين جي محبت جو ڪيترو تذڪرو ڪجي اتريو ئي چئي سگهجي ٿو ته سائين ممتاز صاحب اوهان جي جدوجهد کي ٻنهي هٿن سان سلام آهي شال خوش رهو الله اوهان جي صحت کي سلامت رکي۔وسلام[/justify]
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    پيارا دوست محترم عبدالرشيد سمون صاحب۔۔۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ڪري منهنجي هن هزار تحريرن جي تڪميل تي مون کي مبارڪ پيش ڪرڻ سان گڏ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي لاء توهان تمام سٺا الفاظ استعمال ڪيا آهن، ۽ توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔ (ڪڏهن سوچيو به نه هو ايترو جلد ڪو پنهنجي موضوعن جي تعداد کي چئن عدد ۾ آڻيندو پر يقين ڏيارڻ لاءِ اداممتاز وگهيو جون لکڻيون جو آهن۔۔۔۔ ) ان لاء عرض ته ادا اهيو سڀ ڪريڊٽ توهان ڏانهن ئي وڃي ٿو سڀ کان پهرين ته مان اهيو ئي عرض ڪندس ته ادا اهي توهان جون مهربانيون آهن جو توهان ههئڙو سنڌ سلامت جو فورم اسان کي مهيا ڪري ڏنو آهي، ۽ ان سنڌ سلامت جي فورم کي اسان جي سامهون آڻڻ لاء توهان کي ڇا نه ڪرڻو پيو هوندو اهو ته توهان کي ئي خبر هوندي، بس اسان کي ته ٺهيل ٺڪيل هي فورم ملي ويو آهي، جنهن لاء اسان الله جو جيترو شڪر ڪريون اهو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هي به هڪ جديد دور جي بهترين صحولت آهي، ۽ هر صحولت ۽ نعمت جو هميشه الله جو شڪر ڪرڻ گهرجي،۔ ادا عبدالرشيد سمون صاحب ادا مون پاڻ به ڪو نه سوچيو هو ته مان سنڌ سلامت تي هڪ سال اندر هڪ هزار ونڊون ڪري سگهندس، ۽ مون کي سنڌ سلامت جي دوستن پاران ايترو مان ملندو، بس اهيو توهان دوستن جون مهربانيون آهن ۽ انهيء ذات جا ڪرم آهن جنهن جي هٿ وس اسان جي هي جان آهي جو مون کي اهيا همت ۽ طاقت ڏنائين، ورنه هي بندو ته ڪنهن ڪم لائق ئي نه آهي۔۔انتهائي سست ۽ ڪاهل ماڻهون آهي۔۔۔ شڪر الحمدالله۔۔
    ادا مان جڏهن پوئين سال2010ع ۾ هن ئي فيبروري جي مهيني ۾ نيٽ تي نيٽ گردي ڪندي جڏهن سنڌ سلامت جو فورم ڏٓٺو هو ته منهنجي دل باغ بهار ٿيڻ سان گڏ گد گد ٿيڻ لڳي هئي ته منهنجي لاء ته موجون ٿئي ويون جو مون کي ههئڙو لکڻ ۽ پنهنجي دل جون ڳالهيون اورڻ لاء پليٽ فارم ملي ويو۔ آهي ۽ منهنجي خوشي جي حد ئي نه رهي هئي اگر يقين ڪريو ته۔ ۽ انهيء شوق مون کي سنڌ سلامت جي فورم تي هڪ هزار ونڊون پوريون ڪرايون آهن، ادا اهيا به حقيقت آهي ته مان ڪو ٽارگيٽ پوري ٿيڻ لاء ناهيان پنهنجون ونڊون ونڊ ڪندو پر خبر ناهي الائي ڇو، منهنجي سنڌي ٻولي سان محبت آهي، ۽ دل چوندي آهي ته پوري زندگي سنڌي ٻولي ۾ لکندو رهان ۽ لکندو رهان۔۔ ادا سمون صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ ( پنهنجي چونڊ لکڻيون ۽ مختلف هنڌا پنهنجي لاجواب سليڪشن گڏ ڪري سنڌ سلامت جي زينت بڻائينديو رهندو آهي۔۔۔سمون ) ادا اهيا به حقيقت آهي ته مان پنهنجن چونڊ لکڻين سان گڏ مختلف سائيٽن تان مختلف اخبارن توڙي رسالن مان اهي لکڻيون کڻي ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيون آهن جيڪي مون کي پسند آيون آهن، اهو ان لاء ته چوندا آهن ته جيڪا شيء پنهنجي لاء پسند ڪيو اها ٻئي لاء به پسند ڪريو، سو ان لاء اهي قيمتي تحريرون مختلف هنڌن تان انهن جي حوالن سان گڏ سنڌ سلامت تي پڻ ونڊ ڪندو رهيو آهيان، ته جيئن منهنجا ٻيا سنڌ سلامت جا دوست به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن۔ ۽ الحمدالله۔۔۔ الله جا ڪروڙين ڪرم ۽ احسان چئبا جو مون پاڻ به اهيو ڏٺو ته انهن ونڊن ۽ تحريرن کي به سنڌ سلامت جي دوستن پسند ڪيو ۽ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو جنهن جو ثبوت منهنجون اهي ونڊون آهن جن جي هيٺان مختلف دوستن جا جواب ڏنل ادا محترم عبدالرشيد صاحب وري به توهان جا لک لائق ۽ قرب جو توهان اسان سنڌين کي ههئڙو سنڌ سلامت جهڙو بهترين فورم مهيا ڪري ڏنو آهي، جنهن جي مدد سان اسان پنهنجون دل جون ڳالهيون تحريري انداز ۾ بيان ڪري دل کي سڪون ڏياريون ٿا۔
     
  6. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    سائين ممتاز کي هن حقير طرفان به 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ، دعا آهي ته رب پاڪ سندن قلم ۾ اڃان وڌيڪ تاثير عطا ڪرين ۽ سندس قومي ڪوششن کي قبول ڪرين۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا عمران صاحب توهان جي به مهرباني جو توهان به منهنجي هر تحرير تي نظر رکر ڪري منهنجي تحريرن جو جائزو وٺندا رهيا آهيو، ۽ تمام سهڻا جواب پڻ ڏيندا رهيا آهيو، ادا اوهان سڀني دوستن جي مهرباني جو مون کي پنهنجي محبت ۾ ياد رکيو آهي، ادا اصل مبارڪ جي لائق ته اسان جو دوست محترم عبدالرشيد ۽ سندس ٽيم آهي جنهن ايتري محنت ڪري هي سنڌ سلامت جي اوطاق مهيا ڪري ڏني آهي، جنهن اوطاق تان اسان جي ڪافي سنڌي دوستن جا ڪمپيوٽر جا ٽيڪنيڪل مسئلا ۽ حل ٿين ٿا ۽ ڪيترين ئي نين ڳالهين جي سکيا ملي ٿي، جنهن کان شايد ڪير انڪار نه ڪندو، ۽ منهنجي هن ڳالهه سان اتفاق ڪندو۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا عرس پريا صاحب۔۔ توهان جون اهي محبتون ۽ چاهتون ۽ مهربانيون آهن جو منهنجن تحريرن کي پسند ڪريو ٿا، جنهن لاء مان تمام دوستن جو ٿورائتو آهيان۔ادا پريا صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ ( توهانجي محنت ء سچائيء جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ ) ادا تعريف ته منهنجي انهيء مالڪ جي آهي جنهن هن پوري سنسار کي پيدا ڪيو آهي، باقي اسان ته سست ڪاهل۽ گنهگار ماڻهون آهيون بس ادا دعا ڪريو ته ڪو چڱو ڪم ڪري وڃون، باقي اسان جو ڪو حال ڪونهي ڪو۔۔۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا اسان جي طرفان به سائين جن کي مبارڪون .
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا افتخار چوهاڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجن تحريرن تي پنهنجي نظر رکو ٿا ۽ انهن کي پڙهي ڪري پنهنجي خيالات کان پڻ آگاهه ڪريو ٿا، جنهن لاء مان توهان جو پڻ ٿورائتو آهيان۔ادا چوهاڻ صاحب توهان دعا ڏني آهي ته رب پاڪ مون کي صحتيابي نصيب ڪري سو ادا ان لاء عرض ته اهڙيون دعائون ڏيندا رهندا تاڪ الله تعاله مون کي تمام تڪليفن مان جان ڇڏائي ڪري مڪمل صحتياب بڻائي۔۔۔۔ ادا توهان منهنجي تحريري ڪم کي پسند ڪيو آهي جنهن لاء مهرباني۔۔۔ ادا افتخار صاحب مان ته اهيو چوندس ته توهان به ته سنڌ سلامت تي تمام سهڻو ڪم ڪري رهيا آهيو، خاص ڪري توحيد جي حوالي سان ۔۔۔ جنهن ڪم لاء دنيا ۾ هڪ لک چوويهه هزار نبي ۽ پيغمبر موڪليا ويا آهن، ادا حقيقي دين ته توحيد ئي آهي باقي ٻيون ڳالهيون ته بعد ۾ آهن، جيئن هر شيء جو مغز هوندو آهي اهڙي ريت اسلام جو معز ته توحيد ئي آهي، دعا آهي ته اسان تمام مسلمانن کي توحيد تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطاء ڪري ۽ شرڪ ۽ بدد کان شل بچائي آمين۔۔۔شرڪ اهو گناهه آهي جنهن جي ڪري اسان جا تمام نيڪ عمل به ضايع ٿئي ويندا آهن، ۽ اهيو قرآن جو حڪم آهي نه ڪي منهنجو خيال يا سوچ آهي،،،، ادا توهان جا مضمون ڪميونزم ڇا آهي ۔۔۔ ۽ ڪميونزم جا اڳواڻ ۔۔۔ سوشل ازم ڇا آهي سنڌ سلامت تي بهترين ونڊون آهن۔
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا اظهرالدين بهلڪاڻي توهان جون به مهربانيون جو توهان مون کي 1000 تحريرن تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، ادا اميد ته آئينده به منهنجي تحريرن تي نظر رکي ڪري ان جي مٿان پنهنجا ڪمينٽس ۽ خيال پيش ڪندا رهندا، ادا ڪنهن به تحرير کي پسند ۽ نا پسند جي ووٽ جي تڏهن خبر پوندي جڏهن توهان ان تحرير جي جواب ۾ پنهنجا خيالات پيش ڪندوء۔۔۔ ڪوشش ڪندا ڪريو ته هر تحرير تي پنهنجا ڪمينٽس پيش ڪريو پوء اهي مخالفت ۾ ئي ڇو نه هجن۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا ممتاز اوهان ته آئيڊيل آهيو واقعي ادا اوهان جون رپورٽس مڪمل هونديون آهن۔ جاري رکو ادا۔۔۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    ادا ڏاڏل شينو سائين۔۔۔ توهان جون محبتون ۽ قرب آهن جو توهان منهنجي باري ۾ ايترو سوچيو ٿا، سنڌ سلامت جي سنگت سان جڏهن ڳالهه بيماري ۽ سنڌي علم ادب ۽ ٻولي سان محبت جي نڪتي آهي ته پوء ڇو نه ڪجهه ٻيون به ڳالهيون ڪجن جنهن سان ڪجهه تاريخي حقيقتون سامهون اچن۔ ۔۔۔ حقيقت ته اهيا آهي ته محترم دوست ڏاڏل صاحب سان پهرين ملاقات ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ٿئي ۽ اها ملاقات به يادگار ملاقات هئي، ۽ ان پهرين ئي ملاقات ۾ هڪ هوٽل تي ويهي ڪري ماني نوش ڪئي سين جيڪا ڏاڏل صاحب ۽ سندس دوست ٿهيم صاحب جي طرفان هئي۔ ۽ ان پهرين بيٺڪ ۾ محترم دوست ڏاڏل صاحب حضرت ڊاڪٽر علامه اقبال رح صاحب جن جا شعر پڙهيا جيڪي مون کي تمام گهڻا پسند آيا، هڪ ٻه الفاّظ سمجهه ۾ به نه آيا جنهن جي مون ڏ_اڏل صاحب کان وضاحت به پڇي ۽ ڏاڏل صاحب تمام سهڻي طريقي سان ان جو مطلب ۽ سمجهاڻي به سمجهائي۔، خير اها ملاقت ته پنهنجي جڳهه تي هڪ يادگار بڻجي وئي، مگر ان کان پوء اسان ٻنهيء کي گڏجي رهڻ جو پڻ موقعو مليو، ۽ شايد اسان ٻه سال گڏ پاٽنر به ٿئي رهياسين، ۽ اهو پاٽنرشپ وارو وقت به تمام سٓو ۽ سهڻو گذريو، جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان۔۔۔ ۽ اهيا به حقيقت آهي ته مون وٽ ڪتابن جو انبار آهن ۽ ان وقت به هئا، ، ( ۽ ڪتاب پڙهڻ منهنجو ننڍپڻ جو شوق آهي، مان ننڍپڻ ۾ ٻئي ڪا شيء نه وٺندو هئس پر انهن پيئسن مان به ڪتاب خريد ڪندو هئس، ڪتاب رسالا پڙهڻ جو شوق ته مون کي هون ئي ننڍپڻ کان هو مگر مٿان وري زندگي جو بهترين دوست ۽ روحاني استاد محترم مرحوم سائين حافظ خليل صاحب جن مون کي رهنمائي لاء ملي ويا، جن قرآن حديث، بزرگن جون ڳالهيون سنڌي ادب، تاريخ شاهه جي شاعري رومي رح جي مثنوي جا مثال تمام سهڻي نموني سان سمجهايا، ۽ حافظ صاحب جي سنگت جي ڪري مون گهڻو ڪجهه سکيو، جنهن لاء مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندس، دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم حافظ خليل صاحب جون بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون نصيب ڪري آمين۔)
    ڏاڏل شينو صاحب منهنجو گڏ رهڻ دوران پاڻ ۾ مذهب تاريخ ۽ سياست وغيره تي ڳالهيون حال احوال ۽ بحث مباحثه به ٿيڻ لڳا، ۽ ڪتاب ڏسڻ ڪرڻ جو به موقعو مليو، جنهن ۾ ڪڏهن محبت ته ڪڏهن تلخي به سامهون آئي، مگر دلين ۾ ڪڏهن ڪو ڏار نه پيو، اهيا ڏاڏل صاحب جي خوبين جي ڪري۔۔ ڏاڏل صاحب ۾ هڪ تمام وڏي خوبي آهي جنهن جو ملڻ مشڪل ضرور آهي، ۽ اها آهي ماڻهن سان ڳنڍي رکڻ۔۔ جنهن لاء شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جن فرمايو آهي ته ۔۔۔ هلو هلو ڪورئي نازڪ جنين نيهن ، ڳنڍن سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا۔۔۔۔ توهان کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته ڏاڏل صاحب هميشه اردو ادب ۽ اردو شاعري پڙهندو ۽ ڪندو هو، سندس ڪالم ۽ تحريرون به اردو ۾ هونديون هيون، ۽ اهي به لکي ڪري سنڀاليندو گهٽ هو جنهن جي گواهي ڏاڏل شينو صاحب پاڻ به ڏيندو۔۔ مگر منهنجي گهڻي زور ۽ اسرار تي پاڻ انهن کي محفوظ ڪرڻ لڳا، ۽ کين ياد هوندو ته سندن لکيل تحريرن لاء مون ئي کيس فائيل ٺاهي ڏني هئي، ۽ مان جڏهن سنگت ۾ ڪچهري دوران شاهه صاحب جا بيت پڙهندو هئس ته ڏاڏل صاحب وري ڊاڪٽر علامه اقبال صاحب جا شعر پڙهندو هو، ۽ هڪ ڏينهن مون کين چيو ته ڏاڏل صاحب توهان ماشاءالله سان ذهين به آهيو ۽ توهان جو لکڻ پڙهڻ سان به لڳاءُ آهي، ۽ ڪتاب پڙهڻ جا به ڪوڏيا آهيو ته پوء توهان شاهه صاحب جي شاعري کي ڇو نه ٿا پڙهو، ۽ سنڌي ۾ ڇو نه ٿا لکو، ۔۔۔ سچ پڇو ته ان کانپوء ڏاڏل شينو صاحب جن شاهه جو رسالو خريد ڪري آهي، ۽ ان کي پڙهڻ شروع ڪيائين، ۽ ماشاءالله سان شاهه صاحب جي ڪافي شاعري ياد ڪري ويا آهن، ۽ ان کان پوء هڪ اخبار ۾ به لکڻ شروع ڪيائون، ۽ اڃان به لکندا پيا اچن۔ مزي جي ڳالهه تي جڏهن شاهه کي پڙهيائون ته کين شاهه صاحب جي مزار تي وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پوء اسان دوستن شاهه جي مزار ڀٽ شاه تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيوسين ۽ هتان ڪراچي مان پنهنجي گاڏي ۾ ڀٽ شاه پهتاسين ۽ سڄي رات ڀٽ شاهه تي شاهه صاحب جو راڳ ٻڌوسين۔ جنهن تمام گهڻو مزو ڏنو۔ ۔
    ادا ڏاڏل صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ (سائين ممتاز کي سنڌي سان ڪيتري محبت آهي اهو ته اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جو سائين جي قربت ۾ رهيو هجي سائين جي آستاني تي جڏهن به ويندا آهيون ته سائين جي هر طرف سنڌي ادب سان وابسطه ڪتابن جا انبار هوندا آهن۔ سو ادا توهان ته ان ڳالهه ۾ واقف آهيو ۽ توهان ته منهنجي قربت ۾ به رهيا آهيو۔۽ اهيا ڳالهه به سچ آهي ته منهنجي ڪتابن کانسواء ناهي سرندي، هاڻ ته ڪراچي ۾ وقت به تمام گهٽ ٿو ملي ورنه جڏهن دادو ۾ هوندا هئاسين ته وقت ئي وقت هو ۽ مان پنهنجي دڪان کان پوء شام جو جڏهن دڪان تي بابا مرحوم ايندا هئا ۽ دڪان سنڀاليندا هئا ته ( دعا آهي ته الله کين جون بشري مدايون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين ) مان دادو جي علامه آء‌آء‌قاضي لائبرير وڃي ڪري ڪتاب پڙهندو هئس ۽ پنهنجو وقت نه وڃائيندو هئس، يا وري دادو ۾ هڪ ڪتب خانو هو نورالاسلام نالي جنهن تي محترم دوست خالد صديقي صاحب ۽ ڪجهه ٻيا دوست هوندا هئا جن سان علمي ادبي روح رهاڻ ٿيندي هئي، ۽ ادا توهان جي اهيا به حقيقت آهي ته منهنجو ڪمپيوٽر تي گهڻو ويهڻ درست نه آهي، ۽ مان ڪمپيوٽر تي تمام گهڻو ٽائيم ڏيان ٿو، جنهن جي ڪري مان بيمار به ٿئي پوان ٿو، وري به توهان جي مهرباني جو توهان اهيو خيال رکو ٿا۔۔۔ مهرباني۔۔
    ادا ڪجهه سال پراڻي هڪ ڪتابن نڪتل تصوير پڻ ونڊ ڪيان ٿو

    [​IMG]
     
  14. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

    سائين الله اوهان جي ان شوق کي خضري عمر عطا ڪري الله اوهان جي صحت و سلامتي کي دائم و قائم رکي ءاءُ اسان کي ته خوشي ٿيندي آهي جڏهن ڪو انسان ڪنهن انسان جي ڪم ايندو آهي توهان جا ته مونتي احسان آهن جو اوهان منهجي بي معنيى الفاظن کي معنى‌ڏني الله اوهان جو حمي و ناصر ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو