سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي ساٿي ، نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۔ محترم رضوان گل لاڙڪاڻي جي مهراڻ ادبي مرڪز سان لاڳاپيل هئڻ سبب هن وقت نه صرف عملي طور پر فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ تي به سنڌي ٻوليء جي ترقي ۽ واڌاري لاء اڻٿڪ ڪوششون وٺي رهيو آهي۔
رضوان گل شاعري ۽ ادبي حوالي کان علاوه ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز ، علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسز ۽ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو۔ رضوان لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي ست تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽائي بابت تحقيق به ڪري چڪو آهي۔ سندس هن وقت تائين پنج ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.
سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون۔ سندس فيس بوڪ ۽ انٽر نيٽ تي ڪيل ڪم تاريخي آهي جنهن ۾ پاڻ هند ۽ سنڌ جي سڀني ادبي شخصيتن ۽ شاعرن جي تصويري تاريخ سهيڙڻ ۾ مصروف آهن۔ ان کانسواء چونڊ شاعرن جي چونڊ شاعريء جي چترڪاري به ڪو کانئس سکي۔
ڏســو اڄ هي ڪــهڙو گـــل ٽـڙيو آ باغ ۾
جنهن جي خوشبوءِ تي ميلو مڙيو آ باغ ۾
سڀئي ڏيو مبارڪ مٺري”گل“ رضوان کي
اڄ جنهن مــٺڙو مـٺڙو قــدم ڌريو آ باغ ۾
آزاد آخوند
جنهن جي خوشبوءِ تي ميلو مڙيو آ باغ ۾
سڀئي ڏيو مبارڪ مٺري”گل“ رضوان کي
اڄ جنهن مــٺڙو مـٺڙو قــدم ڌريو آ باغ ۾
آزاد آخوند
تعارف
نالو : رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ
ادبي نالو : رضوان گل
جنم : 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو
ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا : شاعر ،ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
تعليم : ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڪرت : ليڪچرار، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
تعليمي ذميواريون :
ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز
علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرجوئيٽ ڪلاسز
مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر
تحقيقي ڪم :
لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽاهي بابت تحقيق
مختلف تنظيمن سان وابستگي:
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز
ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو
ايڊيٽر ” جيو مئگ“
ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن
ڇپيل ڪتاب :
”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو
”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،
”پيار جي پهرين بارش“ شاعريءَ جو مجموعو
”جاگرافيءَ جي لغت“
”سپنن جو انت“ ڪهاڻيون
روزاني ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”جاڳو“ ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.
ايوارڊ:
1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
پاران: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ
2. بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ زندگيء جون ڪيئي بهارون مسڪرائيندي ملهائن۔نالو : رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ

سنڌ سلامت جي ٽيم 17 جنوري 2011 تي لاڙڪاڻي ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سان ملاقات ڪئي. عبدالرشيد سمون ، رضوان گل ، مولوي رحيم بخش ڏاهري ، محمد سليمان وساڻ ، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ، بشير احمد شاد ۽ سائين بخش وساڻ
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: