آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم ۔ جيئن ته اڄوڪي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي ۾ اسان جي نوجوان سنڌي شاعر نوشاد ڀٽي هڪڙو تمام خوبصورت نظم پڙهيو مان هن نظم مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهيان، جيڪو توهان جي خدمت ۾پيش ڪري رهي آهيان۔


    آ ته ماسترڙو ڦيرايون۔
    نوشاد ڀٽي ٽنڊو محمد خان

    آ ته ماسترڙو ڦيرايون
    علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون

    ماستر منهنجو سُهڻو سُهڻو
    پڙهيل گهڻو پر گهٽ آ ڪُڇڻو،
    قسمت هن کي آهي ڀُلايو !
    واهه جو مولا آهي ملايو !
    آ ته هن جو رُوح رڙايون !
    علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون !
    آ ته ماسترڙو ڦيرايون !


    آيس ڪم جي ڏور وٽائي،
    اٺ اٺ پيريڊ اُن ۾ ملائي،
    زوري هن کي ڪلاس ۾ نيئندس
    نوڙي جهٽ پٽ ورندي وٺندس،
    پو ڪندو هُو وائڙيون وايون
    علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
    آ ته ماسترڙو ڦيرايون،

    صُبح شام پيو نوٽس ٺاهيندو،
    دير ڪندو ته پگهار ڪٽبو،
    ٿڙندو ٿڙندو ڪلاس ۾ ويندو،
    پو سڄو ڏينهن مُنهن ڦٽائيندو،
    آ ته هن جو جِي  جلايون،
    علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
    آ ته ماسترڙو ڦيرايون۔

    ”نوشاد “ اچي ڪر هن تي غور،
    ڪم ڪري جيئن آهي ڍور،
    ماستر آهي سُهڻو منهنجو،
    ناهي هن کان بهتر ڪنهنجو
    ڇو نه ڀلا ڪو پيريڊ لڳايون
    علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
    آ ته ماسترڙو ڦيرايون

    ڪيئن ڀائرو آهي نه مزاحيه شاعري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    بهترين ادي
    تمام زبردست نظم آهي
    مهرباني
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)



    تمام بهترين ونڊڻ جي مهرباني ادي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    منهنجي ڀيڻ جيترو هي بيت پڙهڻ ۾ مزيدار ۽ سمجهه وارن لاءِ فڪري آهي انکان وڌيڪ مون لاءِ ماضيءَ جي ڏور پڻ آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته آءُ اهو نظم ڏاڍي شوق سان پڙهندو هيس ۔۔۔

    آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون
    دوست گهڙيءَ کن دل وندرايون
    منهنجو لاٽون سهڻو سهڻو
    رنگارنگي ۽ من مهڻو

    ننڍڙي لاءِ پرائمري هي نظم اسانجي ڪورس ۾ هوندو هو پر آءُ انکي ان وقت ڳائيندو وتندو هيس جڏهن ٻاهر دوستن سان لاٽون ۽ چڪريون ڦيرائيندا هئاسون ۔۔۔

    ڇا ته يادون ڏياري ڇڏيون اٿوَ

    لک ٿورا سهڻي نظم ونڊ ڪرڻ تي ۔۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادي فقط مزاحيه آهي يا ڪا نصيحت به آهي. هن بند ۾ ته ڳاڙهين سٽن جو مقصد سمجهه ۾ ڪونه آيو ته قسمت جو ُڀلايل به آهي وري الله اسان کي اهڙو ملايو خوشي جي ڳالهه به آهي ان جو مقصد يا ته لکڻ وارو ٻڌائي يا ڪو ٻيو سنڌي شاعري جو ڄاڻو ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    بهترين ونڊ آهي ادي

    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

    سدائين گڏ
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادي اهڙي مزاحيه نظم ونڊ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته اوهان مزاحيه حس به تمام گهڻي ۽ سٺي رکو ٿا۔۔۔ سنڌ سلامت کي اوهان تي فخر آهي۔۔۔ مهرباني۔۔۔ اهڙا ونڊ جاري رکو ​
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    بس ادي جهڙا روح تهڙا ختما
     
  9. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    مهرباني ادا رمضان منڌرا توهان بهترين نظم چئي هن نظم جي تخليق ڪار جو مان وڌايو۔ توهان جا اهي ڪامينٽس محترم نوشاد ڀٽي تائين پهچايا ويا آهن۔
     
  10. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادا عاشق جي مهرباني۔ توهان نوشاد ڀٽي جي هن نظم کي بهترين ونڊ چيو۔
     
  11. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)


    ادا نثار ابڙا توهان جي حوصلا افزائي لاجواب آهي، نوشاد ڀٽي صاحب کي توهان جا ويوز پهچايا ويا آهن جيڪو هن نظم جو شاعر آهي، آئون به ادا نثار ناز کان شاعري سکڻ جي ڪوشش ۾ آهيان جيئن ئي واندڪائي ملي ته پنهنجي شاعري به جلدي توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪنديس۔
     
  12. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادا رحيم بخش صاحب جيئن ته هن نظم جو شاعر ادا نوشاد ڀٽي آف ٽنڊو محمد خان آهي توهان جو هي پيغام کيس پهچايو ويو آهي وڌيڪ وضاحت ته اهوئي ڪري سگهي ٿو۔ جيتري قدر مونکي خبر آهي ته ماستر ويچارو هر دور ۾ لاٽون وانگر ڦرندو رهندو آهي، ڪڏهن پڙهائي جي معاملي ۾ ڦريو آهي ته ڪڏهن پڙهائڻ جي معاملي ۾ ڦريو آهي، ڪڏهن حاضري جي معاملي ۾ گهوماٽيون پاتيون اٿس ته وري ڪڏهن گوسڙو استاد ٿي کينوڙي وانگر ڪنيون ڪيون اٿس۔ ماستر کي ملندو به جام آهي ته ماستر سدائين بُکون به ڪاٽيندو آهي الغرض ته ماستر جي اُٺ وانگر ڪا به ڪل سڌي ڪانه هُوندي آهي۔ توهان جي مهرباني ادا۔
     
  13. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادا وحيد توهان جي مهرباني۔
     
  14. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    ادا مست في الحال اسان به توهان وانگر سائين نثارناز کي شاعري ۾ پنهنجو استاد مُڃي ڇڏيو آهي، باقي هن نظم جو خالق ادا نوشاد ڀٽي آهي، مونکي اهو نظم تمام سُٺو لڳو ، توهان مون ناچيز تي فخر نا ڪندا ڪريو پر سنڌ سلامت تي فخر ڪندا ڪريو، جنهن اسان سڀني سنڌي ڀائرن ۽ سنڌي ڀينرن کي ملايو آهي۔
     
  15. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    مونڪي روح ۽ ختمن واري ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي ادا طاهر سنڌي ان مان توهان جو ڇا مطلب آهي؟
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آ ته ماسترڙو ڦيرايون (نوشاد ڀٽي)

    واهه ادي واهه تمام بهترين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو