۔سيد ميران محمد شاهه مٽياريءَ جي سيدن مان هو ۽ ٽکڙ جو رهاڪو هو. سيد ميران محمد شاهه 19 مارچ 1898ع تي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺ ٽکڙ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حافظ محمد يوسف ۽ حافظ هارون کان حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سنڌ مدرسي کان مئٽرڪ ڪري سنڌ ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. اتان بي اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون وٺي حيدرآباد ۾ وڪالت سان لاڳاپجي ويو.
مارچ 1924ع تي سن ۾ ٿيندڙ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.
1925ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928ع ۾ کيس سر غلام حسين هدايت الله جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ کنيو ويو.
سائمن ڪميشن جي مدد لاءِ بمبئي صوبي جيڪا ڪميٽي جوڙي هئي، ان ۾ سيد ميران محمد شاهه به هو. 1936ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو.
1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ هو حيدرآباد مان ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ سر غلام حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري رهيو.
اسپيڪر ديوان ڀوج سنگهه جي وفات کانپوءِ 1938ع ۾ سيد ميران شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو ۽ 1946ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
ان کانپوءِ هو سنڌ حڪومت جي مختلف عهدن تي مختلف وڏن وزيرن جي دؤر ۾ رهيو.
1952ع ۾ پاڪستان جو سفير ٿي اسپين ۾ رهيو، جتان 1953ع ۾ موٽي اچي ڪراچي، امپروومينٽ ٽرسٽ جي چيئرميني سنڀاليائين ۽ 1957ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو.
ادبي خدمتون:
شاهه صاحب سنڌ جي علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽ اعزازي سيڪريٽري رهيو، ڪجهه وقت ميمبر به هو. شاهه لطيف ڪلچر ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به ڪجهه وقت لاءِ هو.
شاهه صاحب کي شاعري سان به شوق هوندو هو. ڪيتريون ئي قافيون ۽ غزل لکيائين. تخلص مير ۽ مهجور هيس. سندس ڪجهه نثري مضمون به ملن ٿا، پر افسوس سندس ڪوئي ڪتاب نٿو ملي. راڳ سان به ٿوري گهڻي دلچسپي رهندي هئي.
محبت، اخلاق، خوش خلقي ۽ خلوص جو اعليٰ نمونو بڻيل هي انسان 16 نومبر 1963ع تي اسان کان وڇڙي ويو.بشڪريه عوامي آواز
بالڪل سائين دوستن جي محنت قابل تعريف آهي اوهان سائين رضوان گل صاحب جن کي به چئو ته سندن وٽ سنڌي شخصيتن متعلق ڪافي مواد آهي ٿورو ٿورو ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا رهن ته بهتر ٿيندو.
ٽکڙائي، سيد ميران محمد شاهه ”مير“، ”مهجور“: سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه جو پوٽو ۽ سيد حاجي زين العابدين شاهه جو وڏو فرزند، سيد حاجي ميران محمد شاهه ”مير“، ”مهجور“، 1898ع ۾ موجوده -ٽکڙ- ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي -تعليم-، علامه حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون وٽ حاصل ڪئي اٿس.-تن- ڏينهن ۾ -ٽکڙ- ۾ لوڪل بورڊ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿيو هو. جتان شاهه صاحب 4 درجا سنڌي پاس ڪري، 1910ع ۾، اعليٰ-تعليم- لاءِ ”سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچي“ ۾ داخل ٿيو، اتان 1917ع مئٽرڪ پاس ڪري، ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي“ مان، بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين، 1924ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد جي مشهور وڪيل، سنتداس سان ڀائيوار ٿي، وڪالت ۾ مهارت حاصل ڪيائون. شاهه صاحب جي ذهن رسا ۽ لڪل خداداد قابليت جو اندازو، سندس مدبر ناني، مرحوم عبدالحڪيم شاهه، سندس ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ئي پروڙي ورتو هو ۽ 1926ع ۾ جڏهن حيدرآباد ميونسپل اليڪشنون ٿيون، تڏهن عبدالحڪيم شاهه صاحب جي ڪوشش سان ميران محمد شاهه ڪهنه مشق اميدوارن کي پٺتي ڇڏي، پهريون نمبر آيو. سياست جي ميدان ۾ سندس هي پهريون قدم هو ۽ پهرين شانائتي ڪاميابي هئي. ساڳئي سال کيس، اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ عبدالحڪيم شاهه کيس، ”-بمبئي- ليجسليٽو ڪائونسل“ لاءِ اميدوار بيهاريو، جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ کيس حيدرآباد لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. وري 1930ع ۾ ٻيو دفعو -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، جتي سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاءِ نهايت اهم پارٽ ادا ڪيائين. سنڌ کي، جن سببن ڪري، سنڌي اڳواڻن -بمبئي- کان جدا ڪرڻ گھريو ٿي، انهيءَ جو مفصل رپورٽ شاهه صاحب جو ئي لکيل آهي. 1931ع ۾ ”فيلو آف بامبئي يونيورسٽي“ ٿيو. 1936ع ۾ سنڌ -بمبئي- کان جدا ٿي ۽ 1937ع ۾ سنڌ جي اليڪشن ۾، حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان باوجود سخت مخالفت جي نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ٿيس. 1938ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ڀوڄسنگهه، جي هن دنيا مان سڌارڻ جي ڪري شاهه صاحب کي سندس جاءِ تي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ڏهه سال فائز رهيو. 1946ع ۾ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ۽ مخالف ڌر جا ميمبر هڪ جيترا ٿي ويا ۽ ليگ جي شڪست يقيني پئي نظر آئي. انهيءَ نازڪ وقت ۾ شاهه صاحب بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي عهدي کي ڦٽو ڪري، ليگ کي ووٽ ڏنو ۽ مسلم ليگ شڪست کان -بچي- ويئي. سال 1947ع جي شروع ۾، پاڪستان کان 8 مهينا اڳ شاهه صاحب وري حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان بنا مقابلي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جلد ئي روينيو وزير ٿيو. پوءِ وزارت ۾ ڇهه دفعا تبديليون آيون، مگر شاهه صاحب جي لياقت کي ڏسي کيس سڀ ڪنهن وزارت ۾ کنيو ويو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاريءَ جو وزير هو. 1952ع ۾ سنڌي ليڊرن جي سياسي ڪشمڪش ڪري، سنڌ سان 92 الف فقرو لڳايو ويو ۽ -اسيمبلي- غير معين مدت تائين -ٽوڙي- ويئي. پر انهيءَ فقري لڳڻ کان اڳ شاهه صاحب وزيريءَ -تان- استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي. پاڪستان گورنمينٽ سندس جھوني تجربي کي مدِ نظر رکندي کيس -اسپين- ۾ سفير ڪري موڪليو، جتي -ٿوري- ئي عرصي ۾ چڱي شهرت حاصل ڪيائين. سندس عالي دماغ جي اها ثابتي آهي، جو -ٿوري- ئي عرصي ۾ اسپيني -ٻولي- ايتري قدر سکي ويو، جو مجمع عام اڳيان هڪ دفعو اسپيني زبان ۾ تقرير به ڪيائين. پاڪستان گورنمينٽ ڪن سبب ڪري، -اسپين- ۽ ڪن ٻين سفارتخانن کي -بند- ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ شاهه صاحب سفارت -تان- استعيفا ڏيئي واپس -اپريل- 1953ع ۾ پاڪستان موٽي آيو.
ان کان پوءِ شاهه صاحب کي ”ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي ڪراچي کي هڪ عاليشان شهر بنائڻ لاءِ سندس خدمتون قابلِ قدر آهن. سندس گھڻين ننڍين وڏين قومي خدمتن مان ”مدرسة البنات“ حيدرآباد قابلِ ذڪر آهي. انهيءَ مدرسي جو وجود شاهه صاحب جي محنت جو نتيجو آهي. جنهن جي قائم ٿيڻ ڪري، مسلمانن جي ڇوڪرين کي حيدرآباد ۾ -تعليم- جي پهرين سهوليت ملي. انهيءَ ڪم ۾ سندس مددگارن مان خان -بهادر- محمد صديق ميمڻ جو نالو قابل ذڪر آهي. ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“، جنهن ڪيترا ادبي شهه پارا منظرِ تي آندا، تنهن جو روح روان به شاهه صاحب هو. ڀٽائيءَ جي ميلي جي -تاريخ- جو اهو سونو ورق آهي، جو ميران محمد شاههجي ئي ڪوشش ڪري، ميلي جي وقت اتي ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ سنڌ جا وڏا وڏا اديب ۽ سريلا ڳائڻا، جن مان گھڻن شاهه ڀٽائي رحه جو ڪلام ته پڙهيو ۽ ڳايو هو، مگر ڀٽ اکين سان نه ڏٺي هئائون، سي به اچيو ڀٽ ڀيڙا ٿين ٿا. شاهه صاحب -تعليم- کان پوءِ پنهنجي زندگي جو سمورو عرصو سياست ۾ گذاريو. مگر ايڏين مصروفيتن هوندي به سنڌي علم و ادب کي نه وساريائين. ننڍپڻ کان قلم هٿ ۾ کنيو اٿس. جيتوڻيڪ سندس -تصنيف- ڪيل ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونهي، تڏهن به مختلف عنوانن تي سندس متعدد مضمون اخبارن، رسالن ۽ مجموعن ۾ شايع ٿيل موجود آهن. سندس انٽر آرٽس جي زماني وارو مضمون ”گنجي جبل جو سير“ ڪهڙي سنڌيءَ نه پڙهيو هوندو. -ان- مضمون مان سندس قابليت جو پورو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سندس ٻيو مضمون ”دل جي طلب“ به سنڌيءَ ادب ۾ چڱو درجو رکي ٿو. ڀٽ جي ڪانفرنس تي، 1953ع ۾ سندس پڙهيل مضمون ”شاهه جو -اٺ-“ ۽ ”شاهه جا پکي“ عاليشان مضمون آهن. ”پلن جو شڪار“ ۽ ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مضمون ”سير الحمراء“ وغيره به اعليٰ معيار جا مضمون آهن. شعر و شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي وٺي شوق هوندو هئس. پاڻ انهيءَ دور ۾ پرورش پاتي اٿس، جڏهن -ٽکڙ- ۾ شاعريءَ جو چرچو عام هوندو هو. گھر ۾ علامه ”فدا“ ۽ حافظ شاهه سندس -استاد- هئا. استادن جي صحبت ۾ رهي ڪافيون، غزل ۽ نظم تمام سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيا اٿس. سندس ڪلام تجنيس حرفيءَ، دلڪش زبان ۽ چست محاورن سان مرصع آهي.بشڪريه سنڌيانه۔
سنڌ جو ناليوارو اديب، سياستدان سيد ميران محمد شاهه مير (ٻيو ) جي16 نومبر 53ورسي جي مناسبت سان
ابراهيم لاشاري (وارهه)
سونهاري سنڌ جي هن خطي کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي وقت به وقت ڪيترن ئي اديبن شاعرن ، نقادن ، محققن ، اهل علم ، سياستدانن کي پنهنجي هنج ۾ پيدا ڪيو آهي جيڪي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ٿي پڌرو ڪرايو آهي . اهڙين تاريخ ساز شخصيتن منجهان سيد ميران محمد شاهه جو نالو به هڪ آهي ، سيد ميران محمد شاهه پنهنجي زندگي جو سفر سيد حاجي زين العابدين شاهه جي گهر کان مارچ مهيني جي 19 تاريخ سال 1898ع ڇنڇر ڏينهن اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي ضلعي (ٽنڊو محمد خان ) جي ڳوٺ ٽکڙ کان شروع ڪيو سيد ميران محمد شاهه جا وڏا اصل هرات شهر منجهان هجرت ڪري اچي سنڌ وسايائون سندن خاندان پهريان پراڻن هالن منجهه ۽ بعد ۾ مٽياري ۽ وري اچي ٽکڙ ۾ اچي ويٺا ، سيد ميران شاهه ٻيو سنڌ جو زبردست ڀلو اديب ، شاعر ، سياسي ليڊر ۽ سماجي خدمتگار پڻ ٿي رهيو ، سندس خاندان کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو شاهه ڪريم بلڙي واري ۽ ڌرتي جي عظيم ۽ وڏي مان وڏي صوفي شاعر لاکڻي لطيف (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ) جو خاندان سان تعلق آهي . پاڻ ابتدائي تعليم جو سلسلو ملا مڪتب کان شروع ڪيائون ، بعد ۾ سال 1917ع ڌاري سنڌ مدرسته الا سلام ڪراچي مان ڪيائين ۽ بي _ اي جوا متحان سال 1921ع ڊي _جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچي مان ۽ قانون جي ڊگري گورنمينٽ ڪاليج بمبئي منجهان سال 1924 ڌاري حاصل ڪيائين ۽ ساڳي سال 1924ع ڌاري حيدرآباد جي مشهور وڪيل سنت منگهارام جي فرم ۾ وڪالت ڪري پنهنجي قابليت نروا ر ڪيائين ۽ ٿوري عرصي ۾ وڏي مقبول ماڻيائين ان عرصي ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جو به شوق جاڳيس مڱر وڪالت واري شعبي سان سلهاڙجي وڃڻ بعد ٻئي ڪنهن سرڪاري نوڪري ڪرڻ سان دل نه لڳس سيد ميران محمد شاهه مير پنهنجي سياسي زندگي جي ابتد سال 1921 ع ڌاري حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊجي ڪئي ان ئي سال ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ حيدرآباد جو چيئرمين چونڊجي ويو سال 1928ع بمبئي ليجسليتو ڪائونسل جو حيدرآباد ضلعي منجهان ميمبر منتخب ٿيو اهڙي نموني سال 1929ع ۾ هڪ اهم عهدو حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو صدر مقرر پڻ ٿيو سندس جو شمار پڙهيل لکيل سياسي ميمبرن منجهان ٿيندو هو پاڻ سال 1928ع واري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ۾ شيخ عبدالحميد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ سان مقابلو ڪري ٻنهي ميمبرن کي شڪسٽ ڏي پاڻ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو سيد ميران محمد شاهه (ٻيو) سنڌ کي بمبئي کان ڌار ٿيڻ واري سلسلي منجهه سائمن ڪميشن ۽ لوٿين ڪميٽي سان گڌ ڪم ڪيو ۽ ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ (سنڌجدا ڪانفرنس) ڪوٺائي ماڻهن کي گڏ ڪري بيداري پيدا ڪرايائين ،سيد ميران محمد شاهه جي ڪوششن جي ڪري نيٺ سال 936ع ڌاري سنڌ صوبي کي بمبئي کان آزادي ملي . جنهن بعد جنوري 1937ع ڌاري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت سنڌ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي اليڪشن ٿي ، جنهن ۾ سيد ميران محمد شاهه مير ڪامياب ٿي سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو سيد ميران محمد شاهه پهريان پهريان سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت واري زماني ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري رهيو ۽ بعد ۾ ديوان ڀوجراج سنگهه جي وفات ڪري وڃڻ ڪري سال 1938ع ڌاري سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر چونڊيو ۽ ڏهه سال اسپيڪر جي منصب تي فائز رهيو ، پاڪستان وجود اچڻ بعد سال 948ع ۾ سنڌ جي وزارت ٺهي ته گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح کيس گهرائي اسپيڪر واري منصب تان استعفي ڏياري سنڌ جو وزير ماليات ۽ مهاجرن کي آباد ڪرڻ وارو کاتو ڏنو سال 952ع ۾ سيد ميران محمد شاه (اسپين) ملڪ جو هڪ سال لاءِ پهريون سفير پڻ مقرر ٿيو سال 954ع ڌاري ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ ( هاڻوڪي ڪي _ڊي _ اي) جو پهريون چيئرمين پڻ مقرر ٿيو ، سيد ميران محمد شاهه مير صاحب کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سال 957ع ڌاري ايگريڪلچر بئنڪ آف پاڪستان جو پڻ پهريوصدر به ٿيو . سيد ميران محمد شاهه جون سياسي ، سماجي ، ادبي ۽ ٿقافتي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن هن سال 1941ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي وڌاري لاءِ قائم ڪيل (سنڌي ساهتي لاءِ صلاحڪار ( هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ ) جو سال 1951ع تائين مسلسل ڏهه سال چيئرمين جي عهدي تي فائز رهيو سندس اهم ثقافتي ڪم منجهان (شاهه لطيف يادگار ڪائونسل ) قائم ڪريائين جنهن جي نتجي ۾ پنهنجي وزارت واري زماني ۾ ڌرتي جي وڏي مان وڏي صوفي شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي هر سال ورسي ملهائڻ جي زبردست شاندار روايت قائم ڪيائين .ان زماني کان وٺي هر سال (لطيف سرڪار ) جي سالياني ورسي شاندار نموني سان ملهائي ويندي آهي ، تنهن کان سواءِ سيد ميران محمد شاهه مير (ٻيو) لاکڻي لطيف جي مزار جي اڳڻ وٽ ثقافتي ڪانفرنس به ڪوٺائيندو هو جنهن جي روايت پڻ اڄ تائين هلندي پئي اچي سيد ميران محمد شاهه پڻ هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي ۽ هو ننچي هوندي زبردست شعر پڻ چوندو هو سندس شاعري ۾ ( مهجور ۽ مير ) تخلص ڪتب آندو اٿس . سندس هڪ شاعري شعري مجموعو جو ڪتاب (ڪليات ميران ) جي موضوع سان ڇپجي پڌرو ٿيو جيڪو پڻ هن وقت اڻلڀ آهي چيو وڃي ٿو ته سندس ڪتاب آمريڪا ملڪ جي لائبرري آف ڪانگريس۽ هارورڊ ۽ برطانيه ملڪ جي برٽش ميوزم ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ لائبرري ۾ موجود آهي پاڻ هڪ بهترين نثر نويس به هو سندس نثر ۾ ٻه مضمون ( گنجي ٽڪر جو سير ۽ دل جي طلب ) اهم حيثيت رکن ٿا جيڪي درسي ڪتابن ۾ اڃان تائين پڙهايا وڃن ٿا هڪ ٻيو ڪتان مختلف شاعرن جي شاعري ترتيب ڏئي (گلزار خيال ) نالي ڪتاب پڻ لکيائين سيد ميران محمد شاهه جي تعليم سان والهانه دلچسپي هوندي هيس حيدرآباد ۾ پهريون زناني اسڪول ( سنڌ مدرسته البنات) لاءِ ورتل ڪوششون هميشه يادگار رهنديون سنڌ جي سياسي سماجي ادبي شخصيت دنيا جا سمورا رنگ ڇڏي 16نوبر 1963ع ڇنڇر ڏينهن 65 سال 7 مهينا 28 ڏينهن زندگي جا گذاري سمورين سنڌ واسين کان جدا ٿي راهه رباني ٿي ويو اڄ سندس 53 ورسي ملهائي ويندي سندس آخري آرمگاه ٽکڙ آهي