هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

'هارڊويئر' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو

    دوستو گذريل سبق ۾ اسان ڪمپيوٽر جا ٻاهريان پارٽس جيئن مائوس ، ڪي بورڊ وغيره وغيره ريموو ڪري لڳائڻ سکيا هئاسين اڄ اسان ڪمپيوٽر جي اندرين پارٽس جي باري ۾ سکنداسين ته ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل ڪهڙا پارٽس استعمال ٿيندا آهن
    ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل پارٽس ڪافي حساس هوندا آهن ان ڪري احتياط جي ضرورت پوندي آهي
    هيٺين تصوير ۾ انٽرنل پارٽس ظاهر ڪيا ويا آهن .

    [​IMG]

    هتي انهن پارٽس جي باري ۾ وضاحت ڪندو هلندس ته اهي ڪهڙي ڪم لا۽ استعمال ٿيندا آهن

    هارڊ ڊرائيو: هارڊ ڊرائيو ۾ اسان پنهنجي ڊيٽا کي محفوظ رکندا آهيون هي ڊرائيو اسان جي پرائمري اسٽوريج ايريا هوندي آهي اسان جي ونڊوز ، تصويرون ، سافٽ ويئرس سڀ ڪجهه هارڊ ڊرائيو ۾ محفوظ هوندو آهي .

    ايڪسپينشن سلاٽ : ايڪسپينشن سلاٽ اسان کي وڌيڪ ڊيوائس لڳائڻ جي سهولت مهيا ڪري ڏيندو آهي جيئن لين ڪارڊ، سائونڊ ڪارڊ ، ٽي وي ٽي وي ٽيونر ڪارڊ وغيره وغيره اهي سڀ ايڪسپينشن سلاٽ ۾ لڳندا آهن

    مدر بورڊ : مدر بورڊ هڪ سرڪٽ هوندو آهي هن جوڪم اهو آهي ته هي هارڊ ڊرائيو ، ريم ، سي . پي . يو کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي .

    ڊي وي ڊي روم : اسان ڊي وي ڊي روم جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي ٻنهي کي هلائي سگهو ٿا
    سي ڊي روم : اسان سي ڊي روم جي ذريعي صرف سي ڊي کي هلائي سگهو ٿا
    ڊي وي ڊي رائيٽر : اسان ڊي وي ڊي رائيٽر جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي هلائي ۽ سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي رائيٽ به ڪري سگهو ٿا
    ڪومبو ڊرائيو : اسان ڪومبو ڊرائيو جي ذريعي سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي هلائي سگهو ٿا پر رائيٽ صرف سي ڊي ڪري سگهو ٿا

    فلاپي ڊرائيو : فلاپي ڊرائيو ۾ صرف پڙهن جي صلاحيت رکي ٿئي هي پهرين قسم جي اسٽوريج جو قسم هئي هاڻي ته اها مارڪيٽ ۾ ملي ئي نه پئي هاڻي ان جي جڳهه تي يو ايس بي اچي وئي آهي فلاپي ڊرائيو ۾ ايم بي سائيز کي رکڻ جي صلاحيت هوندي هئي پر يو ايس بي ۾ جي بي يعنى گيگا بائيٽ جي ڊيٽا رکي سگهو پيا .

    ويڊيو ڪارڊ : ويڊيو ڪارڊ کي مون جهڙا فقير ماڻهو گرافڪس ڪارڊ به چوندا آهن هن ڪارڊ جو ڪم مانيٽر کان سسٽم کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي Visul Display ڪلرس جو سڄو ڪم هن جي ذمي هوندو آهي .

    پاور سپلائي : پاور سپلائي جو ڪم ڪمپيوٽر کي پارو سپلائي ڪرڻ آهي

    سائونڊ ڪارڊ : سائونڊ ڪارڊ جو ڪم آواز کي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ مهيا ڪندو آهي سائونڊ ڪارڊ الڳ به ملندو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن سسٽم ۾ سائونڊ ڪارڊ بلٽ ان هوندو آهي .
    لين ڪارڊ : لين ڪارڊ يا وري اين ،آ۽ ، سي : Net work Interface Card
    جتي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هجن ته اتي اسان لين ڪارڊ جي ذريعي انهن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندا آهيون . لين ڪارڊ ڪمپيوٽرن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندو آهي .

    پراسيسر : پراسيسر جو ڪم ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي اهي ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اسپيڊ مهيا ڪندو آهي

    فين : فين جو مطلب ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته پکو اهو پراسيسر جي مٿان لڳل هوندو آهي ته جيئن ان کي هوا ڏئي سگهي

    ريم : ريم جو ڪردار پڻ هڪ اهم ڪردار آهي ريم پڻ ڪمپويٽر کي هلائڻ دوران اسپيڊ ۽ سپورٽ ڪندي آهي جيڪڏهن ريم نه هوندي ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ ئي نه ٿيندو مختلف قسمن جا ايرر ظاهر ڪري بيهي رهندو .

    دوستو اڄوڪي سبق لا۽ ايترو ڪافي آهي اڄ اسان ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندڙ پارٽس بابت معلومات حاصل ڪئي سين ايندڙ سبق ۾ انهن کي کولي ڪري لڳائڻ بابت سکنداسين .

    تسيتائين اجازت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    فقير۔۔۔سائين تمام بهترين نموني سان اوهان هي اسانکي سبق پڙايو۔۔۔آهي۔
    پر اوهان هر سبق ۾ هيٺان جيڪي سوال پڇندا آهيو اُهي هن دفعي نه آهي۔۔۔؟؟
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

    باقي سوال جوابن جو هڪ الڳ سلسلو شروع ڪرڻ جو پيو سوچيان ان سلسلي ۾ سنگت جو ڇا خيال آهي ؟

    هڪ دفعو ٻيهر مهرباني ادا


    سدائين گڏ
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    سائين اهو ته تمام بهترين ڪم آهي۔۔۔ڀلي سائين جيڪا سنڱت جي صلاح۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    فقير سائين هڪ شيء سپر ڪومبو به مارڪيٽ ملي ٿو ان جو ذڪر اوهان ڪونه ڪيو آهي ۽‌ ٻيو عرض ته ڪومبو ۽ سپر ڪومبو ۾ فرق ڪيئن سڃاڻجي انجي پڻ ٿوري وضاحت ٿي وڃي ته بهتر۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    سائين سڀ کان پهريائين ته توهان جي مهرباني ،

    جو توهان کي مون جو ٿريڊ پسند آيو باقي مون جي خيال ۾ ادا ابو زين سپر ڪومبو ۽ ڪومبو جي باري ۾ وضاحت ڪري چڪو آهي ...

    وري به مان ان حوالي سان تفصيل تمام جلد سنگت آڏو رکندس

    مهرباني سائين

    سدائين گڏ
     
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    تمام بهترين
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    فقير سائين توهان هن سلسلي کي تمام بهترين نموني سان هلائي رهيا آهيو۔۔۔ ڪمپيوٽر جي بنيادي استعمال جون شيون اوهان تمام دوستن کي سٺي نموني ٻڌائي رهيا آهيو۔۔ مون جهڙا سيکڙاٽ دوست به اوهان جي هنن موضوع جي ڪري پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪري رهيا آهن۔۔​
     
  9. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    فقير توهان اسانکي هارڊويئر جي معلومات ڏئي رهيا آهيون شل فقير آباد شاد رهين اهڙا ڪم جو ڪري رهيا آهيو فقير نالو آهي اوهانجو پر فقيرن جا صدر آهيو۔۔
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

    سدائين گڏ
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    بس ادا اها ته توهان جي وڏائي چئبي جو توهان به پاڻ کي سيکڙاٽ چئي رهيا آهيو

    بس صرف توهان دوستن جي دعا گهرجي

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا مست

    قرب

    ٿورا .......................

    سدائين گڏ
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    وڏي مهرباني ڳوٺائي توهان جي

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ان کان علاوه پروموشن ڏيڻ تي پڻ قرب .............

    پر ادا هتي سردار ٿيڻ لا۽ کوڙ اميدوار اٿئو

    ڪٿي اهي ٻڌي نه وٺن ۽ وري پو۽ ڪرائن مون جي ميمبر شپ معطل فقيري تان :)):)):)):))


    سدائين گڏ
     
  13. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    اها ته اسان لاءِ تمام بهترين ڄاڻ آهي ۔​
     
  14. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    فقير سائين جي بادشاهي هميشه قائم ء دائم رهي

    سائين تمام سٺو ڪم پيا ڪيو
    ان کان اڳتي منهجو سکڻ جو سبق شروع ٿيندو
    سنق چوٿين جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    تمام ڀلو ۔۔۔
    ڀلا هاڻي اهو به ٻڌايو ته سي پي يو جي اندر موجود انهن پرزن منجهان به ڪي اهڙا پرزا آهن جيڪي جي نه لڳائيجن ته ڪمپيوٽر مشين اسٽارٽ نه ٿيندي۔۔۔؟
    انهن پرزن بابت به جيڪڏهن ٿوري گهڻي وصف ٿي وڃي ته هوندر سبق ياد بيهندو۔۔۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    مهرباني

    فقير جا ٿورا جو اسان جهڙن جاهلن کي به ڪمپيوٽر جي سولي نموني ڄاڻ ڏئي رهيو آهي۔ گهڻيون ڳالهيون سمجه ۾ اچي رهيون آهن۔ اميد آهي ته هي سلسلو پورو ٿيڻ کانپوء اسان به گهڻو ڪجه سکي وينداسين۔

    مون عرض ڪيو هو ته ڪورل ڊرا سيکارڻ لاء مست جيڪو سلسلو شروع ڪيو هو اهو رڪجڻ نه کپندو هو۔ ادا ابوزين ۽ مست کي گذارش آهي ته ٻئي ملي ڪري اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    زبردست ڄاڻ ڏني آهي
    مهرباني
     
  18. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    السلام عليڪم سائين

    سائين مان ڪوشش ڪريان پيو اميد ته توهان سان گڏ ٻين دوستن کي پڻ فائدو ملندو

    CD Drive جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها سي ڊي ڊرائيو آهي
    DVD RAM Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي رائيٽر ڊرائيو آهي
    DVD/CD-RW Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي ريڊر ۽ سي ڊي رائيٽر يعنى ڪومبو ڊرائيو آهي
    DVD-RW Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي رائيٽر يعنى سپر ڪومبو ڊرائيو آهي .

    سائين توهان جي ٻئي سوال جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    وڏي مهرباني ادا عمران توهان جي

    جو توهان فقير جي ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪري حوصلا افزائي ڪئي

    اميد ته اهڙا قرب ڪندا رهندو

    سدائين گڏ
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ...........

    ادا عرس پريو صاحب

    توهان جي وڏي مهرباني جو توهان کي فقير جي شيئرنگ پسند آئي

    باقي انشاء الله تمام جلد چوٿون سبق به اچي ويندو

    ٿورا ....................

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو