چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا دوستو ڪافي ڏينهن کان پو هي هڪڙو تازو آزاد نظم لکيو اٿم، جيتري مصروفيت اٿم منهنجي لالکڻ ڪافي مشڪل هو، پر هڪڙي تمام پياري هستي هن ويلٽائن ڊي تي مونکي شاعري م پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيا، هاڻي مون لا لازم هو ته ان پياري هستي کي پنهنجو خيال ارپيان، ان پياري هستي کي اڄ صُبح سويرو هي آزاد نظم ارپي ڇڏيو اٿم باقي سنڌ سلامت جي سموري ساٿين کي به دل جي گهرائين سان ارپيان ٿو۔

    آزاد نظم
    نثاراحمد ناز

    چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين،
    محبتن جا خُواب ارپڻ کان پهرين،
    ٿرڪندڙ شباب ارپڻ کان پهرين،
    مِٺي سوچجان،
    ٿورو سوچجان،
    وفائن جي رستن تي هيل،
    جفائن جا ٻُوٽا ڀي اُڀري پون ٿا،
    گُلابن جي موسم ۾،
    خزائون ڀي گُهلِي پون ٿيون،
    مٺي سوچجان ، ٿورو سوچجان،
    ثواب جيڪي تون ارپين پئي هرڪنهن،
    گُناهن جي گُنگا ۾ نه ڌوپي
    ته سگهندا،
    شرابن جو ڳالهيون تون ارپڻ ڇڏي ڏي،
    ڪو مدهوش بڻجي،
    تنهنجي دل جو شيشو نه ٽوڙي وجهي،
    الا ! تنهنجي دل جو شيشو جي
    مٺڙي ٽُٽِي پيو،
    ته جِي مان ڀي نه سگهندس،
    پن ڇڻ جي موسم جيان،
    ڇڻي مان ڀي پوندس،
    متان ڪنهن کي ڀُلجي،
    چپن جا گُلاب ارپين،
    متان ڪنهن کي ڀُلجي،
    تازا ۽ ڳاڙها گُلاب ارپين،
    متان ڪنهن کي ڀُلجي،
    پوتر شباب ارپين،
    متان ڪنهن کي ڀُلجي،
    اکين جا شراب ارپين،
    مٺِي سوچجان،
    ٿورو سوچجان...........
     
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    زبردست ادا
    تمام بهترين نظم آهي
    مهرباني
     
  3. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ادا نثارناز جو هي خوبصورت آزاد نظم اڃا ڪالهه سندس زباني ٻُڌي چُڪي آهيان، سندس انداز بيان کي ٻُڌي چُڪي آهيان تمام زبردست ۔هن آزاد نظم ۾ منهنجي خيال ۾ هڪڙو اهم ترين پيغام آهن انهن ٽين ايجز نوجوان ڇوڪرين لا هڪڙو زبردست ميسيج آهي ، ته سندن چپن جا گُلاب ، سندن محبتن جا خواب صرف سانڍي رکڻ لا آهن، ڪنهن تي انڌو اعتبار ڪرن کان پهرين سوچڻ ضرور هوندو آهي۔ سائين نثار جون مهربانيون آهن۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    [justify]
    مٺا ٿورو تون به سوچجان
    پيارا تون به سوچجان
    [/justify]
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ادا عاشق جون مهربانيون
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ادي مهرباني، جنهن کي مون اهو ميسيج ارپيو هو ان مهرباني هستي منهنجي هن نظم کي پنهنجي دل ۾ شايد جڳه ڏني هُجي، باقي هاڻي هي نظم سموري سنڌ جو آهي، سنڌي ماڻهن جو آهي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    مونکي خبر آهي ته جتي پُڄي نه سگهجي اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو آهي، ۽ هاڻي اهو اهو توتي ڇڏيان ٿو ته فيصلو ڪر ته ڪير وريام آهي ته ڪير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ جو ڀلو سڀ جو خير ادا طاهر سنڌي۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    استاد مڃين نه مڃين!!
    ڳوٽ ته مون ڀڳي آهي۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    ڳوٽ تون ڀڃين وين تڏهن به خير آهي۔ اسان ته مٺا سدائين هارايو آهي هڪ هار وڌيڪ هڪ بيوسي وڌيڪ ۔ ٺيڪ آهي ادا طاهر۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز


    [justify]سائين هڪ ڳالهه ته ٻڌايو۔۔۔ >:/ >:/
    توهان جي مشڪل حل ٿي يا نه۔۔؟؟ :-??[/justify]
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    [justify]ادا اسد مشڪل اها حل ٿيندي آهي جنهن جو ڪو حل هجي پر هت ته مشڪل جو ڪو حل ئي ڪانه آهي، سو الله سلامت رکي منهنجي پياري دوست ناز کي۔[/justify]
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    [justify][justify][justify]
    ادا ان معاملي ۾‌توهان جيڪا دعا گهريو پيا، اها الائي جي سائين نثار ناز کي پسند اچي الائي جي نه؟؟؟
    پاڻ ته دعا ٿا گهريون ۔۔۔ يا الله هن شينهن جو مسئلو حل فرماءِ ۔۔ هر مشڪل کان بچائينس۔۔۔۔۔۔​
    [/justify][/justify][/justify]
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    منهنجو ووٽ اوهان سان گڏ۔۔۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ناز سلام

    مجازي ۽ عشقيه شاعري ڪرڻ ته ڪو نثار ناز کان سکي۔۔۔۔۔۔۔

    متان ڪنهن کي ڀُلجي،
    اکين جا شراب ارپين،
    مٺِي سوچجان،
    ٿورو سوچجان...........


    پوء به چوي ٿو وقت ڪونه ٿو ملي۔ هيڏي شاعري ۽ هيڏي معني واري سو ناز کي وقت ڪيئن ملندو۔

    جڏهن به نثار ناز جي شاعري پڙهندو آهيان ته مونکي عاشق مزاج والي خيرپور مير علي نواز ناز ياد اچي ويندو آهي۔ جنهن جي شاعريء ۾ به عشق اوتيل هوندو آهي۔

    تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

    اهو شعر ڄڻ ته نثار ناز لاء ئي لکيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن سندس عشقيه رمزون مونکي سمجه ۾ ڪونه اينديون آهن۔ ان جو سبب شايد منهنجي طبيعت جو شاعرانه نه هجڻ آهي۔

    مهربانيون سائين
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين (آزاد نظم) نثاراحمد ناز

    [justify]ادا سليمان ادو ناز اسان جو سينيئر بهترين دوست آهي، جنهن لاءِ صرف دعاء ئي ڪري سگهجي ٿي، باقي قرباني ڏيڻ سائين نثار ابڙي جيان اسان ڪونه سکيا آهيون،،،[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو