قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    قومي شناختي ڪارڊ جي آهميت۔ قومي رجسٽريشن ايڪٽ 1973،جي سيڪشن 8 جي تحت هر بالغ شهري(بالغات جي عمر قانون مطابق 18 سال آهي)جي لاء شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي۔ساڳي ايڪٽ جي سيڪشن 4 جي موجب 18 سال يا انکان وڌيڪ هر شهري جي لاء خواه هو مرد هجي يا عورت،اندروني ملڪ هجي يا بيرون ملڪ،لازمي آهي ت هو هن قانون تحت پنهنجي پاڻ کي شناختي ڪارڊ جي دفتر ۾ رجسٽر ڪرائي ۽ قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪري۔جيڪڏنهن ڪو شهري 18 سالن کان گهٽ عمر جو آهي ت انجي رجسٽريشن ڪرائڻ ان جي والد يا سرپرست جي ذميداري آهي۔جيڪڏنهن ڪو شخص پنهنجو شناختي ڪارڊ ن ٺهرائيندو ت ان کي پاسپورٽ جاري ٿيندو ن ئي وري ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي لاء سفري ڪاغذن جو اجرا ممڪن هوندو۔ان کان علاوه هو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ن ڪري سگهندو۔پنهنجي شناخت ,شهري جي حثيت ۾ ن ثابت ڪري سگهندو۔بينڪ ۾ اڪائونٽ ن کولي سگهندو،لون ن حاصل ڪري سگهندو،ڪورٽ ۾ ڪنهن جو ضامن ن پئجي سگهندو مطلب ت هن کي زندگي جي فنانشل۽ سوشل ماملات کي منهن ڏيڻ لآء شناختي ڪارڊ جي تمام سخت ضرورت پوندي۔جيڪڏنهن ڪو شخص بغير ڪنهن معقول سبب جي پنهنجو شناختي ڪارڊ ن ٿو ٺهرائي يا شناختي ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ لاء غلط ڪوائف ٿو ڏئي ت هن کي سيڪشن 11(1)قومي رجسٽريشن ايڪٽ 1973،جي تحت 3 مهينا سزا۽ هڪ هزار ڏنڊ جي سزا آچي سگهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔قومي شناختي ڪارڊ جي وصولي لاء نادرا جو ٻن صفحن تي سادو فارم هر جڳه تي آساني سان دستياب آهي۔شناختي ڪارڊ جي فارم سان گڏ اڳ ۾ ٻ تصويرون جمع ڪرائوبون هيون پر هاڻي نادرا آفيس وارا پاڻ تصوريون ڪمپيٽورائيزاڊ ڪارڊ لاء ڪڊن ٿا۔فارم جي تصديق ڪنهن ذمدار آفيسر کان ڪرائڻ تمام ضروري آهي۔قومي شناختي فارم جي تصديق قومي ۽ صوبائي اسمبلين جا ميمبر، زڪوت ڪميٽي جا ميمبر،مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جا گريڊ 16کان مٿان ۽ فوج جا ڪميشنڍ آفيسر ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔۔توهان جيڪڏنهن سروري ڪندا ت توهان کي پنهنجي پسگردائي ۾ ڪافي آهڙآ ماڻهون ملندا جن جون عمرون ت وڏين آهن پر شناختي ڪارڊ جي اهميت ن معلوم هئڻ جي ڪري هنن اڃا تائين شناختي ڪارڊ ن ٺاهرايا آهن۔انهن سڀني ڳالهن کي نظر ۾ رکندي اسان مناسب سمجهو ت شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان سان رلٽيڊ قانوني تي روشني وڌي وڃي جو محترم ميمبر ۽ٻئي سٻاجهڙي سنڌي عوام ان مان مستفيد ٿي سڱهي۔الله سائين هميشه اوهان جو۽ اسانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔آمين۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ماشاءالله تمام بهترين معلومات آهي سائين

    اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جا لک ٿورا

    توهان جي اهڙئي ئي ٻئي مضمون جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    [justify]ادا بهترين معلومات آهي، لک ٿورا۔
    پر اسان وٽ هر بنگالي برمي آرام سان شناختي ڪارڊ ٺهرائي پاسپورٽون حاصل ڪري سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ مذا ٿا ماڻين، ڪمال آهي اسان جو ملڪ!!![/justify]
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ادا بهترين ائين نهايت ضروري مضمون پيش ڪيو آهي ۔

    اوهان جي محنت يقينن داد جي مستحق آهي ۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    بلڪل ادا ميمڻ صاحب کي شاباسون آهن بهترين ڄاڻ ونڊ ڪئي اٿن۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ادا بالڪل بهترين معلومات آهي يقيننا ان سان ڪافي دوستن کي فائدو رسندو ۽ اسان سڀني جي معلومات ۾ اضافو پڻ ٿيو. اوهان جا لک قرب اهڙا ونڊ جاري رکندا.
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ماشاءالله تمام بهترين معلومات آهي سائين
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    بهتري معلومات۔۔۔
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ادا سڀني ميمبرن جن آسانجي هن ننڍي ڪوشش کي ساراهيو آهي انهنجون تمام گهڻيون مهربانيون۔پر اسان کي وڌيڪ خوشي تڏينهن ٿيندي جڏهن هن مضمون کي پڙهڻ کانپوء هن اوطاق جا مانوارا ميمبر پنهنجي پسگردائي جي ماڻهن کي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي ن حاصل ڪرڻا جا نقصان ٻڌائي هنن کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء راضي ڪندا۔جيڪڏنهن برمي ۽ بنگالي ڪوڙن ڊيٽا تي شناختي ڪارڊ حاصل ڪيا آهن ت سيڪشن 11(2)نيشنل رجيسٽريشن ايڪٽ جي درخواست ڏئي اهي شناختي ڪارڊ ڪينسل ب ڪرائي سگهجن ٿا ۽ هنن کي ٽن مهينن تائين سزا ۽ هڪ هزار رپيا ڏنڊ ب هاڻي سگهجي ٿو۔
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

    پر سائين اڄڪلهه ڪارڊ حاصل ڪرڻ جهاد ڪرڻ جي برابر آهي
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    سائين تمام بهترين معلومات آهي، مون هڪ ڀيرو ڪارڊ ٺهرايو ته منهنجو ڪارڊ اردو ۾ ٺاهي ڇڏين وري اهو ڪارڊ مون 3 سال هلايو، نيٺ وري ڪارڊ رينيو ڪرايم ته ان ۾ وري ايڊريس غلط لکي ڇڏين۔۔ نادرا وارن کي سلام‌آهي۔۔۔​
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    سائين سزا تمام وڏي آهي، ويچارا برداشت نه ڪري سگهندا!
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    [justify]منهنجي ٻارن جي بي فارم ڊيٽا غلط لکين اها درست ڪرائڻ لاءِ ٻي فيس ڏني ته وري پليس آف برٿ ٻڌائڻ باوجود غلط لکي ڇڏين، ٻه سلام اٿن ادا، مڙئي پيا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جيان عوام جو پيسو ميڙين!![/justify]
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    سائين تمام بهترين معلومات آهي .
     
  15. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    سائين !
    نادرا وارا به عجيب مخلوق آھن جو شناختي ڪارڊ ٺھرائيندڙ ويچاري کي رلائي رلائي ماري ڇڏيندا آھن۔
    بس انھن وٽ ڪنھن جي پھچڻ جي دير ھوندي آھي ، مثا ل طور ڪا عورت پنھنجي ٻارن جو ب فارم ٺھرائڻ ويندي آھي ته ا ن کي چوندا آھن ته ٻارن جا ڪمپيٽرائزڊ ڄم جا سرتيفڪيٽ ٺھرائي اچو ، ان کان پو چوندا آھن پنھنجو نڪاحنامو کڻي اچو اھو به ڪمپيوٽرئياز ڊ، اھوبه يو سي مان جڏھن اتي پھچ مولوي شاھدن جا شناختي ڪارڊ کڻي اچو۔ ان کي چوندا آھن ڪاڏي منھن مريم جو ، ڪاڏي ٽڻڊوالهيار۔ اھو سڀ ڪجھ سوَ رپئي ڪمائڻ جي چڪر ۾ ويچارو حقيقي ماڻھو مريو وڃي ،ھزار رپيا ڏيندڙ هڪ ڏينهن ۾ ڪرڊ ٺهرائي کيسي ۾ ڪنيون وتن کڻي پو  اهو غير ملڪي ڇو نه هجي ۔
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار


    ٽن صوبن،فاٽا ۽ گلگت جي 13 لک ماڻهن سنڌ ۾رهائش اختيار ڪري شناختي ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا،نادرا جي تصديق
    اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 7 سالن اندر خيبر پختونخوا صوبي جي 6 لک 33 هزار 916، پنجاب صوبي جي 5 لک 59 هزار 620 ۽ بلوچستان جي 82 هزار 482 رهواسين سوڌو ملڪ جي ٻين علائقن مان 13 لک کان وڌيڪ ماڻهن سنڌ مان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي عارضي طور سنڌ جو رهواسي ظاهر ڪيو آهي، هنن سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد سڃاڻپ ڪارڊن بابت تفصيلي بريفنگ گهري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هاڻي موجوده حڪومت جو احتساب شروع ڪندي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين چوڌري نثار علي خان جي صدارت ۾ ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس دوران ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين نادرا انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 7 سالن ۾ ملڪ جي ٻِين صوبن جي 13 لک 870 شهرين سنڌ صوبي اندر عارضي رهائش وارا شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهن، نادرا چيئرمين موجب 6 لک 33 هزار 916 خيبر پختونخوا جي شهرين سنڌ ۾ رهائش جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا، جڏهن ته 5 لک 59 هزار 620 ماڻهن پنجاب، 52 هزار 259 ڪشميري ۽ 82 هزار 482 بلوچستان صوبي، جڏهن ته 28 هزار 443 فاٽا ۽ باقي گلگت بلتستان جي رهواسين سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي اتي عارضي رهواسي لکرايو آهي، نادرا چيئرمين چيو ته ٻين صوبن مان خيبرپختونخوا صوبي ۾ ان عرصي ۾ هڪ لک 53 هزار ۽ پنجاب ۾ 4 لک 70 هزار شهرين عارضي رهائش وارا ڪارڊ ٺهرايا آهن، جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبر نور عالم خان چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ افغانستان جي هڪ قبيلي گهرو وزارت کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ 40 ڪروڙ ڏئي پوري قبيلي جا ڪارڊ ٺهرايا، هن چيو ته دنيا ۾ مهاجرن کي شهريت نه ملندي آهي پر شهريت ملي وڃي ٿي، افغانين ملڪ کي مسئلن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن تي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته 90 هزار افغانين جي سڃاڻپ ڪارڊن کي رد ڪيو ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبر پرويز ملڪ چيو ته لاهور ۾ رهندڙ شهرين جا به ڪارڊ ٺهيل نه آهن، جنهن تي نادرا چيئرمين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته قانون واري وزارت کي لکيو آهي ته افغانين بابت پاليسي تبديل ڪئي وڃي، ڪاميٽي ميمبر حامد يار هراج چيو ته ملڪ اندر هڪ ماڻهو 2-2 ڪارڊ به ٺهرايا آهن، نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم ڪاميٽي کي ٻڌايو ته گذريل 7 سالن کان 2008ع تائين 5 ڪروڙ 40 لک 90 هزار سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هئا، نادرا ڪم تيز ڪري 2008ع کان هلندڙ مهيني تائين 8 ڪروڙ 43 لک 30 هزار ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا آهن، جن ۾ 4 ڪروڙ 89 لک مرد ۽ 4 ڪروڙ 84 لک 30 هزار عورتن جا ڪارڊ ٺهرايا ويا آهن، نادرا پاران اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ووٽر لسٽ 2007ع جي تصديق واري رپورٽ بابت جڏهن بريفنگ ڏيڻ شروع ڪئي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين چوڌري نثار علي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ووٽر لسٽ جي تصديق واري نادرا جي رپورٽ تي اڳوڻي حڪومت جي وزيرن اهو تاثر ڏنو ته هر تڪ ۾ 40 سيڪڙو جعلي ووٽر آهن، اهڙي رپورٽ منظر تي اچڻ بعد اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جو واضح موقف اچڻ گهرجي ها، هن چيوته جيڪڏهن جعلي ووٽر آهن ته به ان جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي، ووٽر لسٽ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پرويز مشرف ٺهرائي، جنهن تي نادرا چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڏنل نادرا پاران رپورٽ ڳجهي هئي، اها ڪٿي منظر تي اچڻ بابت 2 ڌار ڌار جاچ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن تي چوڌري نثار علي چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد سڃاڻپ ڪارڊن جي مامرن سميت نادرا پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي بريفنگ ڏئي، جنهن ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق وارو مامرو به شامل هجي، نادرا چيئرمين چيو ته هر شناختي ڪارڊ تي هڪ مستقل ۽ هڪ عارضي پتو هجڻ گهرجي، هن چيو ته مستقل پتو تبديل ڪرائڻ لاءِ ڊوميسائل ۽ ٻيا دستاويز طلب ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته عارضي پتو گريڊ 16 يا ان کان مٿي جي گزيٽيڊ آفيسرن جي تصديق سان ڪئي ويندي آهي ۽ تصديق ڪندڙ جي به تصديق ٿيندي آهي ته ڇا ڪٿي تصديق ڪندڙ جعلي نه آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ روزانو 60 کان 70 هزار شناختي ڪارڊ ٺاهي رهيا آهيون، پي اي سي جي پڇاڻي تي چيئرمين نادرا چيو ته غير مستقل پتي تي ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي سگهي ٿي ان تي چوڌري نثار علي خان چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به غير مستقل پتي تي رجسٽريشن ناهي ٿيندي، نور عالم چيو ته افغان مهاجرن باقاعده رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي، ان ۾ دهشتگرد به ٿي سگهن ٿا، گذريل ڏينهن ۾ هڪ پوري افغان قبيلي کي رجسٽريشن ڪري پاڪستاني بڻايو ويو آهي، اهڙا ماڻهو سعودي عرب ۽ آمريڪا ويندا آهن ته پاڪستان جو نالو بدنام ٿيندو آهي.
    ڪاوش
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ادا هت ته اسان جا پنهنجا سنڌي ئي آهن جن ٻن پيئسي جي لالچ ۾ انهن غيرن کي به سنڌ جي مختلف شهرن جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن جن جو نه سنڌي ٻولي سان ، نه ڪو سنڌ سان ڪو تعلق آهي، بلڪ اهي ته سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهون جا ويري آهن جنهن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاء ڪنهن دليل يا مثال جي به ضرورت نه آهي، ادا گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ جا ڪيترا سڃاڻپ ڪارڊ غير سنڌين کي ڏنا ويا آهن انهن جو به هت روزانه عبرت جي ٿورن سان تفصيل حاضر آهي، باقي حقدار سان ڇا وهي واپري ٿو اچو ته اهو هن وڊيو ۾ ڏسون۔

    سنڌ ۾ 7 سالن دؤران ٻين صوبن مان 13 لک 870 ماڻهن جا سنڌ سڃاڻپ ڪارڊ


    سنڌ ۾ 7 سالن دؤران ٻين صوبن مان 13 لک 870 ماڻهو اچڻ جو انڪشاف، شناختي ڪارڊ به اتي جا ٺهرائي ورتا اسلام آباد(رپورٽ: اصغر کاڻوٺي) نادرا جي چيئرمئن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 7 سالن ۾ ٻين صوبن مان سنڌ لڏ پلاڻ ڪري ويل ماڻهن جو تعداد 13 لک 870 آهي. جيڪو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ چؤڻ تي آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جو اجلاس چوڌري نثار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهين ۾ نادرا چيئرمئن علي ارشد حڪيم ٻڌايو ته نادرا شهرين کي هاڻي اها سهولت فراهم ڪري ٿي ته جيڪڏهن هو هڪ شهر کان ٻئي شهر يا هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ رهائش اختيار ڪن ٿا ته هو پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ هو ايڊريس تبديل ڪرائي سگهن. ان سلسلي ۾ ڏنل بريفنگ ۾ نادرا چيئرمئن ۾ ٻڌايو ته گذريل 7 سالن ۾ ٻين صوبن کان خيبر پختونخواه منتقل ٿيل ماڻهن جو تعداد هڪ لک 53 هزار آهي، پنجاب لڏ پلاڻ ڪيل جو تعداد 4 لک 70 هزار آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ 13 لک 8 سو 70 ماڻهن لڏ پلاڻ ڪري آيا آهن ۽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو ڪراچي آيا آهن. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي شهرن مانسره، سوات ۽ ايبٽ آباد ضلعن جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ سنڌ منتقل ٿيا آهن. ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميمبر افعان شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پشاور مان چونڊيل پ پ ايم اين اي نور عالم ڳالهائيندي چيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ هڪ افغان قبيلي گهرو وزارت جي عملدارن کي 40 ڪروڙ ڏئي پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهي. اهي ماڻهو دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهن. وڏي تعداد ۾ عربن ۽ افغانين جا ڪارڊ ڏکڻ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهن. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيرمئن چوڌري نثار احمد چيو ته اڄ جي حالتن ۾ نادرا کي پنهنجا فرض نڀائڻ گهرجن. غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ملڻ گهرجن. فوجي حڪومتون اڳ ۾ ئي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي چڪيون آهن. نادرا کي سنجيدگي جو مظاهرو اختيار ڪرڻ گهرجي. جنهن تي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته هن حڪومتي دور ۾ افغانين جا ڪارڊ ٺهرائڻ تي مڪمل پابندي لڳل آهي. اهو اهم اشو آهي. قانون واري وزارت کي اسان گذارش ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ ڪا ٺوس قانون سازي ڪئي وڃي. نادرا چيئرمين چيو ته جڏهن 2002ع ۾ نادرا جو نئون نظام آيو ته ان وقت اڍائي ڪروڙ سڃاڻپ ڪارڊ فارمن ذريعي ٺهيا هئا. انهن ۾ ڪجهه غلطيون هيون پر هاڻي فنگر پرنٽس تي جديد نظام ذريعن ڪارڊ ٺاهيا ٿا وڃن هن ٻڌايو ته روزانو هڪ لک ماڻهو نادرا اچن ٿا ۽ 70 هزار روزانه ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. ٿرپارڪر ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ نادرا ٽيمون کي وڃڻ ۾ ڏکيايون آهن پر اهي جلد ختم ڪيون وينديون. هن چيو ته جيڪو به ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ٻئي ايڊريس تبديل ڪرائي ٿو ڀلي اهو 10 ڀيرا ڪرائي ان جي ڊيٽا نادرا وٽ موجود هجي ٿي.

    http://www.youtube.com/watch?v=SAEphqFJqnQ&playnext=1&list=PL96A59406DA300736
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    ادا ممتاز اوهان جي به بهترين بريفنگ آهي، ٿورا دوست۔۔
     
  19. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: قومي شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان جي حصول جوطريقيڪار

    بهترين معلومات آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو