دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [justify]هانگ ڪانگ جي شاگردن کي دنيا ۾ سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪي تعليم جي هر شعبي ۾ مهارت رکن ٿا، تازو ٿيل هڪ تحقيق دوران 37 ملڪن جي 4 لک 25 هزار شاگردن جي چڱي ريت پرک ڪرڻ کانپوءِ هانگ ڪانگ جي شاگردن کي سڀ کان بهترين شاگرد هجڻ جو اعزاز ڏنو ويو، ٻين بهترين شاگردن وارن ملڪن ۾ سنگاپور تائيوان، ڪئناڊا، آمريڪا ۽ متحده عرب امارات جا ملڪ به سر فهرست آهن، آمريڪا جو هن ڊوڙ ۾ 10 هون نمبر آهي، روس پڻ ٽاپ ٽين ۾ شامل آهي، جڏهن ته جاپان کي بهترين 5 ملڪن جو حصو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي جتي جي شاگردن جون صلاحيتون هر ڪو مڃي ٿو، يمن جا شاگرد پڻ سائنس ۽ حسابن جي مضمونن ۾ هوشيار ترين شاگردن ۾ شامل آهن، موراڪو کي 8 نمبر بهترين شاگرد ڏيندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، گذريل سال سنگاپور جي شاگردن پهرين پوزيشن ماڻي هئي پر هلندڙ سال چوٿين نمبر تي آيا آهن، هانگ ڪانگ کانپوءِ ٻئي نمبر تي تائيوان ۽ ٽئين نمبر تي ڏکڻ ڪوريا جي شاگردن کي تعليم جي سمورن مضمونن ۾ ماهر سمجهيو وڃي ٿو، هن تحقيق جو مقصد سمورن ملڪن ۾ تعليم جو معيار ۽ شاگردن جي اهليت جو ڪاٿو لڳائڻ آهي، تحقيق موجب جيڪي شاگرد گهر توڙي اسڪول ۾ ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا اهي وڌيڪ بهتر ثابت ٿين ٿا ۽ سندن تعليمي نتيجا پڻ اطمينان جوڳا هوندا آهن، ڪمپيوٽر ۽ ڪتابن ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد پڻ غير معمولي هوشيار هوندا آهن.[/justify]

    (ڪاوش)
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    ادا نئين معلومات فراهم ڪرڻ جي مهرباني .
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    [justify]ٻيون سڀ ڳالهيون ته ڪارائتي معلومات ڏين ٿيون پر مٿي چونڊ ڪيل جملو اسان لاءِ لمحه ئي فڪريا آهي ته سنڌ ان ڏس ۾ ڪٿي بيٺي آهي ۔۔۔؟ سنڌي ٻارن کي اسڪول ۾ چئن ٻولين کي پڙهڻ کانپوءِ سائنس ۽ سماجي علمن کي پڙهڻو پوندو آهي ۔۔۔ ۽ انهن چئن ٻولين کي پڙهڻ کانپوءِ هو ڪنهن هڪ ٻوليءَ ۾ به مهارت حاصل ڪري نه سگهندا اهن، نتيجو ته وڏا علمي مضمون پڻ رهجي ويندا آهن، بلڪه انهن ٻولين جي مضمونن ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ سبب ڪيترائي ڏاها شاگرد انجنيئرنگ ۽ طب جي تعليم ۾ پهچي نه سگهندا آهن ۔۔۔

    سنڌ کي پنهنجي تعليمي نصاب کي بدلائڻو پوندو ۽ سنڌ کي سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي نعمت سان نوازي اڳتي آڻڻو پوندو ۔۔۔ نه ته هن مثال جيئان رڍ آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا ۔۔۔ اسين تعليمي معيار جون شڪايتون ڪندا رهنداسون پر کڙ تيل ڪون نڪرندو ۔۔۔

    هن وقت موجوده ٺاهيل ملڪ پاڪستان ۾ سنڌ، تعليم، رانديون، صحت، عدالت ۽ اقتصاديات جي کوٽ ۽ سماجي ڀنڃ ڊاهه کي منهن ڏئي رهي آهي ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    ادا معلومات فراهم ڪرڻ جي مهرباني .
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    بهترين معلومات۔۔۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    ادا سائين توهانجي معلومات تمام گهڻي ڪارائتي آهي ان لاء آوهان کي شاباس هجي پر فڪر جي ڳاله هي آهي ت آسان جو پاڪستاني يا سنڌي شاگرد ڪڏنهن ان ڊوڙ ۾ پهرين ٽن پو زيشنن مان ڪا پو زيشن کڻندو۔آلله پاڪ جي رحمت مان آسان مايوس ن آهيون۔آنشاآلله هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو جڏنهن اسان پنهنجي شاگرد جو نالو هن جي ڄاڻ،قابليت ۽ هوشيارپ جي ڪري ڏاڍي فخر سان وٺندا سين۔
     
  7. علي نقي نقوي

    علي نقي نقوي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 فيبروري 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    ادا توهانجي ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح پر مان ته اهو چوندس اسان جي سنڌي شاگردن ۾ جيڪا صلاحيت آهي اها ڪنهن کي به نهاهي پر ڪاڏي وڃون اسان کي نه صحيح استاد مليا پر استاد به ويچارا ڪيڏانهن وڃن جهڙو ديس اوهڙو ويس نمبر اسانجو ئي پهريون آهي پر اسانجي سياستدانن ،حڪمرانن جو نمبر اسانجي نمبرن تي ڇائنجي ويو آهي ان ۾ ايڏي ته اونداهي آهي جو اسان وارو سوجهرو نه هئڻ جي برابر وڃي بيٺو آهي هڪ دفعو ڪو حقيقي مومن مولائي ملڪ هلائي پو ڏسو اسانجا سنڌي ڪيئن نٿا نمبر کڻن اي ڪاش!
    منهنجا مولا ڪڏهن ايندو اهرو رهبر ،اڳواڻ جيڪو اسان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ۾ آڻيندو ،منهنجا مولا جلدي پنهنجي اهڙي نمائندي کي آڻ جيڪو اسانجي ڏکن دردن کي سمجهي سگهي آمين يا رب العالمين
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

    منهنجا مولا جلدي پنهنجي اهڙي نمائندي کي آڻ جيڪو اسانجي ڏکن دردن کي سمجهي سگهي آمين يا رب العالمين

    ثم آمين
     
  9. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: دنيا جا سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو شاگرد

     
  10. صدا حسين

    صدا حسين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2018
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺري ميرواہ
    ادا
    زبردست معلومات سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو