لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    (محترم ميمبرس اسلام عليڪم۔ اڄڪله ٻين جي جائيداد تي لينڊ مافيا جو قبضو عام ٻڌاڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي ڪري ڪيترائي جائيدادن جا مالڪ پنهنجي جائيداد کان محروم ٿي وڃن ٿا۔انڪري آسان پنهنجي آها ڊيوٽي ٿا سمجهون ته لينڊ مافيا جي خلاف قانون جي استعمال تي روشني وجهون ته ڪئي ڪو به اسان جو سنڌي سٻاجهڙو ان مسئلي کي منهن ڏي رهو آهي ته هو ان مان مستفيد سگهي اڪثر جائيداد جي جهڳڙن ۽ مسئلن ۾ فريق حقوق جائيداد ۽ قبضي جي لا۽ سول ڪورٽن سان رجوع ڪنديون آهن اندرسيڪشن 8 ۽ 9 اسپيسفڪ رليف ايڪٽ ۽ سول پروسيدير ڪود 1877 ، ان ۡ کان علاوه ڪنهن شخص جي زمين يا گهر تي غير قانوني طور تي قبضو (Tress Pass) ڪرڻ وارو شخص پي پي سي (پاڪستان پينل ڪود) جي تحت سزا جو حقدار آهي ان لا۽ يا ته پوليس وٽ ايف آئي آر ڪٽرائجي يا ڪورٽ ۾ سڌو فرياد اندرسيڪشن 200 سي آر پي سي (ڪرمينل پروسيدير ڪود) جي تحت داخل ڪجي پر مشاهدي ۾ اها ڳاله آئي آهي باوجود هنن قانونن جي ڪجه ماڻهون يا گروه عوام کي انهن جي جائداد تان غير قانوني طور تي بي دخل ڪري ٿو۔ ان فعل جي مرتڪب ماڻهن يا گروه کي قبضا گروپ مافيا جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري عوام کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو ٿو پوي۔ان ڪري وڌندڙ شڪايتن کي مدنظر رکندين وفاقي حڪومت هڪ قانون زير عنوان "غير قانوني بيدخلي مجريا 2005 (Illegal Dispossession Act 2005) نافذ ڪيو آهي جنهن جو مقصد اهڙن گروهن يا افرادن جي سرگرمين کي ٻجو ڏنو وڃي۔ ان قانون جي مطابق عدالت مان مراد سيشنس ڪورٽ آهي جنهن ۾ ڪيس ڪرمينل پروسيدير ڪود 1989 جي تحت هلندو۔ قانون جي تشريح جي تحت قابض (Occupior ) جنهن وٽ جائداد جو قانوني قبضو هجي يا مالڪ (Owner) کي بغير ڪنهن قانوني جواز جي جائداد (Immonvable Property attached with earth) مان بيدخل ڪندو ته ائين ڪرڻ وارو ماڻهو سيڪشن 1 مٿئين قانون جو ملزم هوندو ۽ ان کي ڏهن سالن تائين سزا ۽ جرمانو لڳائي سگهجي ٿو۔
    جيڪو ماڻهو جائداد مان بيدخل ٿيو آهي اهو هڪ سڌي درخواست (Direct Complaint) اندر سيڪشن 3 آف اليگل دسپزيشن ايڪٽ 2005 جي تحت سيشنس ڪورٽ ۾ داخل ڪندو۔ ڪورٽ سيڪشن5 آف اليگل دسپزيشن ايڪٽ 2005 جي تحت علائقي جي پوليس اسٽيشن جي انچارج (SHO) کي تفشيش جو حڪم ڏيندي ته پندرهن ڏينهن ۾ تفتيش ڪري ٻڌائي ته مالڪ يا قانوني قابض کي جائداد مان ملزم بيدخل ڪيو آهي يا نه۔ جيڪڏهن رپورٽ پازيٽو ايندي ته ڪورٽ فريادي کي ٻڌي يا ان جو بيان ريڪارڊ ڪري ڪمپلينٽ تي ڪاگزيننس کڻي ملزم جي حاضري لا۽ سمن يا بيل ايبل ورانٽ ڪن حالتن ۾ نان بيل ايبل وارنٽ اشو ڪندي ۽ جڏهن ملزم ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندو ته ان کان ضامن وٺندي ان کان پو۽ فرد جرم (Charge) عائد ڪري ڪيس هلائيندي، فريادي ۽ ان جي گواهن جا بيان ريڪارد ڪندي ان کان پو۽ ملزم جو بيان اندر سيڪشن 342 ڪرمينل پروسيدير ڪود جي تحت ريڪارد ڪندي ۽ ان کان پو۽ جيڪڏهن ملزم واقعي مٿيو جرم ڪيو هوندو ته ان کا سزا ڏيندي ۽ جائداد مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪندي۔ هن قانون جي سيڪشن (1) 7 جي تحت جيڪڏهن ڪورٽ شروع ۾ ئي هن نتيجي تي پهچي ٿي ته مالڪ يا قانون قابض غير قانوني طور ملزم جائداد مان بيدخل ڪيو آهي ته جائداد جو عارضي قبضو (Interim Possession ) مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جيڪو ماڻهو اهو قبضو نه ڏيندو ته ڪورٽ عدالت جي ڪنهن آفيسر کي يا اهلڪار کي احڪامات جاري ڪندي ته پوليس جي مدد سان قبضو جائداد جو مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪيو وڃي۔ جڏهن ته سيڪشن 8 جي تحت مقدمي جي اختتام تي جڏهن ڪورٽ هن نتيجي تي پهچي ته جائداد جي مالڪ يا قانوني قابض کي غير قانوني طور بيدخل ڪيو ويو آهي يا جائداد ڦري ويئي آهي ته ڪورٽ حڪم ڪندي جائداد فورن ان جي مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪئي وڃي۔ ان مقصد جي لا۽ عدالتي آفيسر انچارج پوليس اسٽيشن کي حڪم ڏيئي سگهي ٿي ته ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي۔
    هن قانون تحت نه رڳو ملزم کي سزا ملندي پر مالڪ يا قابض کي جائداد واپس موٽي ملندي۔ جڏهن ته ديواني مقدمو ( سول سوٽ ) داخل ڪرڻ سان صرف قبضو جائداد جو واپس مالڪ کي ملندو پر ملزم کي سزا ڪانه ايندي۔ انهي طرح ٽريس پاس جي ايف آئي آر ڪٽرائڻ سان ملزم کي پاڪستان پينل ڪود تحت سزا ته ملندي پر مالڪ کي جائداد جو قبضو نه ملندو۔
    هي سڄي معلو معات هن فورم جي ميمبرن کي ان لا۽ گوش گذار ڪئي آهي ته هو جڏهن به هن قسم جو ڪو مسئلو فيس ڪن ته صحيح قانوني قدم کڻن۔ هميشه پنجهي دعائن ۾ اسان کي شامل ڪندا۔ توهان جي را۽ جو انتطار رهندو۔ الله پاڪ توهان جو ۽ اسان جو هميشه حامي ۽ ناصر رهي۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    قانوني حساب سان بهترين معلومات آهي ادا ميمڻ صاحب

    جزاڪ الله

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو


    سدائين گڏ
     
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    تمام بهترين معلومات۔۔
    اوهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔
    مهربانيون
     
  4. اعجاز احمد قريشي

    اعجاز احمد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استينوگرافر ڊسترڪت ڪورت ٺتو
    ماڳ:
    ٺٽو
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    سائين توهان جو هر ڪالم اسان لا۽ قيمتي هوندو آهي خاص طور تي اسان جهڙن ماڻهن لا۽ تي وڌيڪ ڪارائتمند هوندو آهي ڇو جو اسان جو تو تحلق به قانون وراري اداري سان ئي آهي۔ اسان اميد رکون ٿا ته مستقبل ۾ به سائين توهان هن عمل کي جاري رکندا ۽ اسان جو دعائون هميشه لا۽ توهان سان گڏ آهن ۽ پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو نه سمجهندا۔
    توهان لا۽ شاه صاحب جو هڪ بيت نالي ڪيان ٿو۔۔۔
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منج، اچي بونه بهار جي۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    سائين محترم، اوهانجي قانوني لائبريري ۾ هڪ تمام سهڻو ليک پڙهڻ لا مليو ۔۔۔ بيشڪ سنڌ اندر خاص ڪري قبضه خور تمام گهڻو ڦڙت لڳا پيا آهن ۽ مسڪين ماڻهن جي جاين، ملڪيتين ۽ زمينن تي قبضا جاري ۽ ساري آهن ۔۔۔ هن ڪڌي ڪاروبار ۾ جت عام ماڻهون شامل آهن ساڳي جا تي تمام پهچ وارا ماڻهون پڻ شامل آهن ۔۔۔ بلڪ علائقي جا قانوني ادارا پڻ ان ۾ ملوث ٿين ٿا ۔۔۔

    پاڪستان ۾ مصيبت اها آهي ته غير قانوني ورتل شين جي ضمانت به آهي ۽ اهي ملي به وڃن ٿيون پر افسوس جو قانوني ورتل شين جي ڪا ضمانت ناهي ته ورتل شئي ملندي به يا نه ۔۔۔

    اوهانجي آڏو مثال ڏيان ۔۔۔۔

    1۔ مون سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ زمين ورتي جيڪا ان وقت قبضي جي هئي پر هاڻ اها پڪي به ٿي وئي آهي، ۽ مون گَهرُ ٺهرائي الله جا شڪر ويٺو ادا ڪريان ۔۔۔۔

    2۔ مون هڪ قانوني فليٽ ورتو آهي، نيشنل ها وي تي بهينس ڪالوني چوراهي جي ڀر ۾ پارڪ ويو اپارٽمنٽ ۾ 13 سال ٿي ويا آهن، قسطون به 95 فيصد ادا آهن ۽ هائوس بلڊنگ جو قرض به وٺي بلڊر کي ڏئي چڪو آهيان جن جون قسطون به 4 يا 5 سالن کان ادا ويٺو ڪريان پر فليٽ جي ملڻ جو ڪو آسرو ئي ناهي ۔۔۔ چون ٿا ته ٻن ڀائرن جو جهيڙي سبب ملڪيت تي ڪيس ٿيو آهي، هاڻ جڏهن اهو ڪيس پورو ٿيندو تڏهن قبضو ڏيندا ۔۔۔ ڀلا ڪيو ڳالهه 300 ماڻهن جا فليٽ ٻن ماڻهن جي جهيڙي ۾ ڦاٿل ۔۔۔ آهي ڪو حل؟

    3۔ مون ملير ڊولپمنٽ ۾ هڪ پلاٽ سسئي ٽول پلازه جي ڀر ۾ ورتو هيو، 13 سال ٿي ويا پئسا به سڀ ڏئي چڪاسون پر قبضي ڏيڻ ۾ اداري جو ڪو عمل ناهي ۔۔۔۔ چون ٿا ته مقامي ڳوٺاڻن جي ڪيل ڪيس سبب عدالت ۾ آهي ۔۔۔ هاڻ ڪيو انصاف، ڪيترن ئي ماڻهن جا پلاٽ ڦاٿل هوندا پر فيصلو عدالت ڪڏهن ڪندي ۔۔۔۔ شايد ڪڏهن به نه ۔۔۔؟ يا وري وس وارا ماڻهون ملير ڊولپمنٽ جي ڊائريڪٽر کي پئسا کارائي پلاٽ جو بدل ڪرائي وٺي ويا هوندا ““““؟؟؟؟

    سو منهنجا ڀا پاڪستان ۾ ماڻهون ته ماڻهون ادارا به ڏتڙيل يا وري قبضاخوري جي مرض ۾ مبتلا آهن ۔۔۔

    ڪنهن ڪنهن تي ڪيس ڪجي ۔۔۔۔؟ اعلان هزارين مان نه رڳو ۔۔۔

    اوهانکي شابس هجي جو اهڙا سهڻا ۽ ڪارائتا ونڊ ٿا ڪريو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    ادا غلام مصطفى اڳ جيان اوهان جو اهو مضمون پڻ وقت جي حالات تي مبني ( ڄڙيل ) آهي ، جنهن ۾ اوهان اهڙي سهڻي پيرائي ۾ نشاندگي ڪئي آهي جنهن کي داد نه ڏيڻ سراسر نا انصافي ٿو سمجهان ، هڪ ٻيو عرض اهو آهي ته اوهان جيڪو مذڪور ٿيل مضمون جئين ته جائز ۽ ليز يا قانوني طرح سان ورتل جائيداد تي لکيو آهي ، ڇا اڄ ڪل جيان جيڪي ڪچي آبادي يا ليز نه ٿيل زمين لا اهڙو ڪو طريقو آهي جنهن جي ذريعي پلاٽ يا زمين تي جائز ۽ قانوني قبضو ڪري سگهجي هن لا رهنمائي ڪندا ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي ۔

    هڪ ڀيري وري به اوهان جي مهرباني !!!
     
  7. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    سائين جن ڏاڍي سٺي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي۔ مونکي هاڻي پڙهڻ جو موقعو مليو۔ سائين اسان جا وڏا ۽ استاد آهن پر آء پنهنجي ناقص سمجهه مطابق ٿورڙو اضافو ڪرڻ گهران ٿو۔ مذڪوره قانون ۾ ويجهڙ ۾ عزت ماب اعلي عدالت طرفان هڪ بهترين جدت آندي وئي آهي جنهن مطابق هن قانون جو اطلاق هر ان قبضي خور شخص جي خلاف ٿي سگهي ٿو ڀلي ان جو تعلق ڪنهن لينڊ مافيه سان به نه هجي۔
    ان نواڻ کان اڳم مذڪوره قانون جو اطلاق لاء اهو لازم هوندو هئو ته قبضي خور جو تعلق ڪنهن لينڊ مافيا سان هجڻ ثابت ٿئي پر هاڻي هي قانون هر ان شخص جي ظلم جو ازالو ڪندو جيڪو هلان ڪري ڪنهن بيواه، يتيم ۽ گهٽ استطاعت رکندڙ فرد جي جائداد ۾ ناجائز قبضو ڪري ٿو۔
    جيڪڏهن منهجي طرفان ڪا غلطي هجي ته اميد آ ته سائين جن درستگي فرمائيندا۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    هڪ اهم موضوع تي سائين غلام مصطفى صاحب جن ڄاڻ فراهم ڪئي آهي۔

    اسان جي ملڪ ۾ قبضه مافيا ۽ لينڊ مافيا ظلم پئي ڪري پر ماڻهوخبر ناهي ڇو ڪورٽن جا در ڪونه ٿا کڙڪائين۔ ان جا ڪهڙا سبب آهن جيڪڏهن سائين جن ان تي به ٿوري روشني وجهن ته بهتر۔ ڇو ته هلندڙ ڪيس سالن جا سال ٿا هلن ۽ تڪڙو اڪلاء ڪونه ٿو ٿئي۔ پر پوء به قانون جو رستو ئي بهتر حل آهي۔

    لک ٿورا اهڙي قيمتي ۽ معلوماتي ليک لاء۔
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: لينڊمافياجي خلاف قانون جواستعمال

    سائين غلام مصطفى ڪافي وقت کانپوء هڪ بهترين ء معني خيز مضمون ونڊڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين جي اهڙن مضمونن جو انتظاررهندو آهي
    مضمون م قانوني مسعلا تمام سهڻي ء آسان نموني ٻڌايل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڄڪلهه تقريبن دوستن سان اهڙا مسعلا درپيش اڄن ٿا درست معلومات ء ڄاڻ نه هجڻ ڪري ڪافي مسعلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين غلام مصطفى صاحب جي مهرباني جو پنهنجي قيمتي وقت مان سنڌ سلامت کي ٽائيم ڏين ٿا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو