حق جي ڳالھ چونداسين

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور


    ابراهيم منشي



    اسان هر دؤر جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسين،
    اسان وانگين جي هر ويري، وڏيري ساڻ وڙهنداسون.

    ڀلي ڪيسن ۾ اَٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو،
    ڀلي لوهن ۾ لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽهڪايو،
    ڀلي سُورين تي سَهڪايو، ڀلي ميدان ۾ ماريو،
    اسان سُوري تي پنهنجي ديس، جا نعرا پيا هڻنداسون.

    اسان دودا هميراڻي، ۽ دريا خان دُولهاڻي،
    اسان لاکا ته ڦولهاڻي، اسان هيمون به ڪالاڻي،
    اسان صادق مزاراڻي، اسان سان شاھ، سچل ساٿي،
    اسان مهمير ميدان ۾، مرڻ کان ڪِين مُڙنداسون.

    ڪروڙن جي هي آبادي، گھُري ٿي پنهنجي آزادي،
    ڪنداسون پنهنجي قُوت ساڻ، بي پاڙن جي بربادي،
    سدا سانگين جي شهزادي، متي مهراڻ جي وادي،
    انهيءَ مان سامراجي لوڌ، لوڌي نيٺ ڪڍنداسون.

    هتي ڌاريان جي ڌاڙيلا، سڀيئي گڏجي گُرو چيلا،
    وجھي وانگين ۾ واويلا، ويا ڀيلي ٻَنيون ٻيلا،
    ڪري مارو اُٿيا ميلا، وهائي رت سندا ريلا،
    ورهن جا وير ويرين کان، وڙهي هڪ ڏينهن وٺنداسون.

    مِڙيا ”منشي“ اجھي مارو، وطن پنهنجي سَندا وارو،
    ڪري هر درد پنهنجي جو، ٿا ڄاڻن سي دوا دارو،
    لکين لهرين منجھان لاشڪ، تري ڄاڻن اهي تارو،
    اسان اک سامراجي ڪابه سنڌڙيءَ ۾ نه سَهنداسون.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: حق جي ڳالھ چونداسين

    ادا سٺي ونڊ آهي .
     
  3. باري ڀٽي

    باري ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2011
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي
    جواب: حق جي ڳالھ چونداسين

    واھ ادا تمام بھترين ونڊ آھي۔۔۔۔
    مرحوم مُنشي ابراھيم
     
  4. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    حق جي ڳالھ چونداسين انشاءالله
     
  5. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ابراهيم مُنشي جي شاعري .،.،.،.،.،.،. تمام بهترين ونڊ آهي ____ ڳالهه هڪ جي ڪبداسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو