ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،
    رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،

    برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون،
    ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي،
    اُڀ اُڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساهي ساهي،
    گوريلن جا گيت هوا ۾، ٻرندا محبت ميت هوا ۾،
    راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو،
    اهڙو ڏينهن به اچڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

    هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا،
    وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
    آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
    ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا،
    ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
    هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

    تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
    تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
    اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
    دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
    جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

    ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
    ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،
    يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا،
    اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ،
    هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
    هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ادا تمام سٺو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ادا آرزو مهرباني

    منشي ابراهيم سنڌ جي انقلابي شاعرن مان چوٽيء جو شاعر رهيو آهي۔ سندس شاعري سنڌين لاء هڪ حوصلو ڏيندڙ پيغام آهي۔ اهڙي ڀلوڙ شاعر جي شاعري ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
    ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،

    تمام سهڻو،

    انقلابي جذبي سان ٽمٽار نظم ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. IMRAN KHAN

    IMRAN KHAN
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2011
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    LARKANA
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ادا آرزو تمام ناياب شاعري ونڊ ڪئي اٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،
    رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،

    ادا آرزو تمام بهترين شاعري ونڊڻ جي مهرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

    ادا سٺي ونڊ آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو

    ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڳڙهي خيرو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو

    ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڳڙهي خيرو
    انشاء الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مهربانيون ادا سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ننگر پرويز عباسي

    ننگر پرويز عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2012
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    99
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو
    ادا ڇا سنڌ سلامت تي ابراهيم منشي جي شاعري جو مڪمل ڪتاب موجود ڪونهي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اصل دل وٽان سٽون۔۔۔مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔

    تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
    تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
    اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
    دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
    جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    بهترين ۽ حوصلائتو ونڊ
     
  15. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    منشي لفظن جو بادشاهه شاعر هو۔سندس مزاحمتي
    يا رومانوي مطلب ته منشي جنهن به صنف کي ڇهيو
    ان کي لازوال بنائي ڇڏيائين،منشي ٻولي جو بادشاهه شاعر هو
    هن وٽ ٻولي جو خزانو تمام وڏو هو،شاعر ته سڀ سٺا هوندا اهن
    پر ٻولي سان جهولي ڀريل ڪجهه خوشنصيب شاعرن کي ئي ملندي آهي،
    جيئن منشي،استاد بخاري،نياز همايوني،حليم باغي اهي ٻولي جا بادشاهه شاعر هئا ۽ آهن۔
    سندن متعارف ڪرايل تشبيهون،استعارا هر دور ۾ نوان رهندا،سندن ڏات تي زوال اچڻو ئي ناهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو