”وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون سموريون نوڪريون ڏيو“:سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو مطالبو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون سموريون نوڪريون ڏيو“:سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو مطالبو، قرارداد منظور



    [justify]ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ اسيمبليءَ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪري مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي سرڪار جي سڀني ادارن ۾ سنڌ کي ڪوٽا تحت پوريون نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ جيڪي نوڪريون کُٽل آهن انهن جو پورائو به ڪيو وڃي. اهو ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي سينيئر ميمبر ڊاڪٽر سڪندر منڌري پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ”هي اسيمبلي مطالبو ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ايندڙ سمورن خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن سميت سڀني وزارتن جي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ماضيءَ ۾ سنڌ کي حصي کان گهٽ مليل نوڪريون به ڏنيون وڃن۔

    پاڪستان جي آئين جي شق 38 ۾ اهو واضح آهي ته رياست ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته وفاقي نوڪرين ۾ صوبن جي نوڪرين جي ڪوٽا کي محفوظ بڻايو ويندو ۽ ماضيءَ ۾ صوبن کي سندن حصي موجب جيڪي نوڪريون نه مليون آهن اُهي پڻ ڏنيون وينديون“، ٺهراءَ تي تقريرون ڪندي سرڪاري ڌر ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته هٿياربند فوج ۽ عدليا ۾ پڻ سنڌ کي حصي موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. هنن اهو به مطالبو ڪيو ته وفاقي سرڪار پاران ملازمتن ۾ ڪوٽا جي لتاڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار قدم کڻي، حق تلفي ٿيندي رهي ته وفاق کي نقصان رسندو، ٺهراءَ پيش ڪندي ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته هن وقت وفاقي سرڪار جون ڪُل 4 لک 39 هزار 10 نوڪريون آهن جن ۾ سنڌ جو حصو 82 هزار 5 سئو 2 نوڪرين جو ٺهي ٿو پر سنڌ کي اٽڪل 45 هزار نوڪريون مليل آهن ۽ 37 هزار 6 سئو 28 نوڪريون گهٽ مليون آهن، هن چيو ته وفاقي وزارتن ۾ سنڌ کي 19 هزار 2 سئو 56 نوڪريون گهٽ ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪارپوريشنن ۽ خودمختيار ادارن ۾ سنڌ کي ڪوٽا کان 18 هزار 3 سئو 72 نوڪريون گهٽ مليون آهن، اهي انگ اکر وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جا آهن، حق تلفي جاري رهي ته ايڪتا کي نقصان رسندو، هن چيو ته وفاقي سرڪار جي 20 کان 22 هين گريڊ جي پوسٽن تي سنڌ جي ڪوٽا جي حالت تمام خراب آهي، بچاءُ واري وفاقي وزارت جي ماتحت نوڪرين ۾ ته سنڌ کي اٽي ۾ لوڻ برابر حصو ڏنو ويو آهي، هن چيو ته آئين تحت پاڪستان وفاق آهي ۽ صوبا ان جون وحدتون آهن ۽ آئين تحت رياست جي اها ذميواري آهي ته اها وحدتن جي حقن کي محفوظ بڻائي، سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار جي ملازمتن ۾ ڪوٽا جي لتاڙ کي سگهاري نموني روڪي، هن چيو ته وفاقي سرڪار جي نوڪرين ۾ صوبن سان ڏاڍائي جو سلسلو جاري رهيو ته اهو وفاق خلاف هوندو. هن چيو ته جيڪڏهن آئون هتي سڀئي انگ اکر پيش ڪندس ته وڌيڪ مايوسي ۽ محرومي پکڙجندي، وفاقي سرڪار جي گريڊ 13 جي نوڪرين ۾ سنڌ جا ملازم 606 هجڻ گهرجن پر ان گريڊ تي سنڌ کي مليل نوڪرين جو تعداد صرف 2 سئو 33 آهي. جڏهن ته 5 ۽ ان کان هيٺين گريڊن ۾ سنڌ کي 15 هزار 4 سئو 98 گهٽ نوڪريون ڏنيون ويون آهن. قانون واري وزير اياز سومري چيو ته آئون هن ٺهراءُ سان هزار سيڪڙو متفق آهيان. 1947ع کان وٺي سنڌي قوم سان ڏاڍائي ٿيندي پئي اچي، عدليا ۽ فوج ۾ به سنڌ سميت صوبن کي پورو حصو ڏنو وڃي. هن چيو ته حق گهرڻ ڪو ڏوهه ناهي.

    هن چيو ته آمر پرويز مشرف سنڌين تي چٿر ڪئي ته اهي اهل ناهن پر پاڪستان کي ترقي ۽ ائٽم بم جي طاقت ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري سنڌي آهن. ڪچي آبادين واري وزير رفيق انجنيئر چيو ته وفاقي نوڪرين ۾ جعلي ڊوميسائيل تي به سنڌ جي حصي جون نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد سردار احمد چيو ته اسان اهو مسئلو قومي مالياتي ڪميشن ۾ به کنيو هو. هن چيو ته بچاءُ واري وفاقي وزارت جي نوڪرين ۾ به صوبن جو حصو هجڻ گهرجي، تنهن ڪري ٺهراءُ ۾ اهو به چيو وڃي ته فوج، هوائي فوج ۽ سامونڊي فوج سميت بچاءُ واري وفاقي وزارت جي نوڪرين ۾ به صوبن لاءِ حصو رکيو وڃي. پ پ جي انور مهر چيو ته وفاق جي نوڪرين ۾ حصو پورو نه ٿو ملي. اسان کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي، هن چيو ته هٿياربند فوج ۾ به اسان کي پورو حصو ڏنو وڃي.

    پ پ جي ڊاڪٽر احمد علي شاهه چيو ته سنڌ سان 63 ورهين کان ڏاڍايون ٿي رهيون آهن، پاڻي، مالي وسيلن، قدرتي وسيلن ۽ نوڪرين ۾ سنڌ کي ان جو پورو حصو نه پيو ملي. وفاق ۽ صوبن ۾ ڇڪتاڻ آهي، اهو بهتر ناهي ته صوبا ۽ وفاق جهيڙي ۾ هجن، ان ڪري اسان کي پنهنجو پورو حصو ملڻ گهرجي. پ پ جي نجم الدين ابڙي چيو ته اهو فطري عمل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا صوبي کي حق نه ملندو ته ممڻ مچندو. پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ اسيمبلي اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. اسان کي نوڪرين سميت ٻين مامرن ۾ پورو حصو ڏنو وڃي نه ته پوءِ جيڪڏهن ”تو نهي هي، تو ڦر ڪُڇ ڀي نهي هي.“ ٿي ويندو، پ پ جي مجدد اسراڻ چيو ته وفاقي نوڪرين جا اشتهار سنڌي اخبارن ۾ به ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي به ڄاڻ ملي سگهي. آئين تحت اسان جو وفاقي نوڪرين ۾ حصو 11 ڏهائي 4 سيڪڙو آهي پر هن وقت اسان کي اڌ کان به گهٽ حصو يعني صرف 5 ڏهائي 2 سيڪڙو نوڪريون مليل آهن.

    پ پ جي حميرا علواڻي چيو ته بلوچستان ۾ محرومي جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ بلوچستان جي ماڻهن کي هڪ لک نوڪريون ڏنيون ويون پر سنڌ جون وفاقي ملازمتن ۾ هزارين نوڪريون اڃا تائين رهيل آهن. هن چيو ته خيبر پختونخوا صوبي جي ماڻهن کي اسان جي حصي جون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته وفاق سنڌ کي سدائين ناڻي، پاڻي، تيل، گئس ۽ نوڪرين مان پورو حصو نه ڏنو آهي. هن چيو ته وفاق ۾ ته ڏاڍايون آهن پر سنڌ ۾ به ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. اسان کي موجوده سرڪار ۾ اميد آهي ته اها ڏاڍاين جو ازالو ڪندي ڇو ته صدر به سنڌ مان آهي. پ پ جي فرحين مغل چيو ته وفاقي سرڪار ۾ سنڌ جي نوڪرين جي ڪوٽا جي لتاڙ ٿي رهي آهي. اها سنڌ سان ڏاڍائي آهي، فوج ۾ به اسان کي ننڍيون نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سنڌ جي ماڻهن کي وفاقي سيڪريٽري بڻايو، ايم ڪيو ايم جي هير سوهو چيو ته اسان جي ٺهرائن کي اهميت ۽ موٽ نه ٿي ملي، اهڙي ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ٺهراءُ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان لهه وچڙ ۾ رهي، بعد ۾ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو.[/justify]

    روزانه ڪاوش جي خبر
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ”وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون سموريون نوڪريون ڏيو“:سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو مط

    سائين سنڌ سان هر ڀيري ناجائزيون ٿينديون پيون اچن

    شل خدا پاڪ ڪري ته ان تي عمل به ڪرائين

    ته هوند ڪافي گهرن جا چلها به آباد ٿي سگهن ٿا

    مهرباني سائين ونڊ ڪرڻ لا۽

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون سموريون نوڪريون ڏيو“:سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو مط

    فقيرن جي بادشاهيء جو خير

    بلڪل فقير سائين جي ان تي عمل ٿئي ته هوند سنڌ جا گهڻا نوجوان روزگار سان لڳي وڃن۔ هي اسٽيٽسڪس گهني ڪم واري آهي۔ مان سائين نثار يا ادا مست کي عرض ڪندس ته هي انگ اکر گڏ ڪري سنڌ سلامت تي هڪ سٺي رپورٽ ٺاهجي جيڪا ڇپائي عوام جي سامهون آڻجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو