مراد علي مرزا جو وڇوڙو
عنايت بلوچ
فقط ويهه ايڪيهه ڏينهن اڳ 7 فيبروري 2011ع تي مون ڪاوش جي هن ئي صفحي تي مراد علي مرزا (جيڪو هاڻي مرحوم ٿي چڪو آهي) سان سندس بيماريءَ جي بستري تي ملاقات جو مختصر ذڪر ڪيو هو. هيءَ ملاقات حيدرآباد جي هڪ اسپتال جي وارڊ ۾ ٿي هئي. ان ملاقات ۾ مراد صاحب اکين جي اشارن سان منهنجي آجيان ڪئي هئي ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي مون ڏانهن نهاريو هو، ڄڻ ته مونکي چئي رهيو هو، عنايت صاحب، اوهان سان پنهنجي زبان سان نه ئي سهي پر اکين جي اشارن سان ته ڪچهري ڪري سگهان ٿو. (مراد صاحب تڏهن ڳالهائي نٿي سگهيو) ان وقت مون کي مرزا غالب جي سِٽ هنيانءَ تي هُري آئي هئي ته:
جيڪي ٻه چار سٽون 7 فيبروريءَ تي مون لکيون هيون، انهن جي آخر ۾ ڌڻيءَ در ٻاڏايو هئم ته الله پاڪ! مراد صاحب کي جلد سُگهو ۽ صحتمند ڪري ته جيئن اسانجو دوست وري علم وارن جي سونهن ۽ اديبن جي سٿَ جو سينگار بڻجي وڃي، پر مقدر جي لکيئي کي ڪوبه ٽاري نٿو سگهي ۽ مراد علي مرزا ڪالهه اسان سڀني کان وڇڙي ويو، يا ائين چوڻ اڃا به وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هو پنهنجن اصل سچن ساٿين يعني پنهنجن ڪتابن کان وڇڙي ويو آهي، جن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ راتين جو راتيون ويهي رهاڻ ڪندو هو. ماڻهن کان گهڻي ڀاڱي ڪناره ڪشي ڪرڻ، اڪيلائيءَ کي پسند ڪرڻ ۽ اڪيلائيءَ جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتابن سان ڪچهري ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هوندو هو. باقي انسانن ۾ ڪي ٿورڙا ئي هوندا، جيڪي سندس پڪا پختا دوست هوندا. ڳالهين ڳالهين مان معلوم ٿيو ته سائين محمد ابراهيم جويو ۽ محترم ع-ق شيخ (مرحوم) سندس يگانا يار هئا ۽ شام جو اڪثر ڪري ٽيئي دوست گڏجي هوا خوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. بُڪ اسٽالن تي وڃي ڪتابن کي ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ، لائبريرين ۾ ويهي مطالعو ڪرڻ ۽ ادبي گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ کين گڏ گهمندي ۽ هڪ ٻئي سان ادبي ويچار ونڊيندي ماڻهو اڪثر کين پيا ڏسندا پسندا هئا. گهڻا سال اڳ ع-ق شيخ کانئن ڇِڄي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو ۽ ڪالهه مراد علي مرزا به موڪلائي ويو ته مونکي لطيف جو هي بيت ياد پيو:
ڪالهه جيئن مراد صاحب جي ماڳ مٽڻ جي خبر پئي ته تڏي تي پهتاسين، جتي تمام گهڻا دوست سندس آخري ديدار لاءِ موجود هئا، جن ۾ جيترن مهربانن جا نالا ياد اچن ٿا، اُهي هي آهن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، حميد سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر قاضي خادم، انعام شيخ، نصير مرزا، شمس جعفراڻي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، منظور مراد (سندس پٽ) ذوالفقار هاليپوٽو، تاج جويو، علي محمد چنا، پروانو ڀٽي، اختر مرزا، سجاد مرزا، جاويد مرزا، مولا بخش قبراڻي، زوار نقوي، عبدالقيوم صائب، ظهير مرزا، ڪاظم رضا بيگ، محمد ايوب جمالي، گل محمد عمراڻي، فقير محمد ڍول ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هئا، جيڪي مراد صاحب جا مداح ۽ سندس بيحد عزت ڪندا هئا. آلين اکين ۽ مغموم چهرن سان، داتا جمن شاهه شهيد جي سندن اباڻي قبرستان ۾ مراد علي مرزا کي، سندس عزيز، جگري دوست ۽ عظيم ليکڪ ممتاز مرزا جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مراد علي مرزا هڪ وڏو ليکڪ هو. سنڌيڪاري، ڊراما نگاري ۽ ناول نگاري سندس خاص صنفون هيون. گهڻا سال اڳ هڪ مصري ليکڪ توفيق الحڪمت جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن جو عنوان هو، ”مونجهارو“، جيڪو انهن ڏينهن ۾ گهڻو پڙهيو ويو، پر جيڪو ٻيو ڪتاب مراد صاحب ترجمو ڪيو، اهو وڌيڪ اهم ۽ شهڪار هو ۽ اهو ڪتاب ڪولمبيا جي برک ليکڪ ۽ نامياري اديب گارشيا مارڪيز جو لکيل هو، جنهن جو عنوان Hundred years of solitude هو. مراد صاحب ان جو سڌو سنئون ترجمو ”اڪيلائيءَ جا سئو سال“ ڪيو هو، جيڪو سنڌ جي ليکڪن ۽ اديبن ۾ هن وقت تائين گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي. تڏي تي موجود مهمانن مان پروفيسر اعجاز قريشيءَ هن موضوع تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته هن سال 2002ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اقوام متحده طرفان ڪوٺايل هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي اتفاق سان سندس ملاقات گارشيا مارڪيز سان ٿي هئي. جڏهن قريشي صاحب کيس ٻڌايو ته پاڪستان جي هڪ وڏي ليکڪ مراد علي مرزا سندس ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌ جي اديبن ۾ بيحد مقبول ٿيو هو ته هو بيحد خوش ٿيو هو ۽ فرمائش ڪئي هئائين ته مهرباني ڪري اهو ڪتاب کيس موڪليو وڃي. اعجاز قريشيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته گارشيا مارڪيز اڃا تائين زنده، صحتمند ۽ خوش خرم زندگي گذاري رهيو آهي.
مراد صاحب دنيا جي شاهڪار افسانن جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو هو. ان ڪتاب جو عنوان هو ”عالمي افسانا“ پر سندس وڏن ۽ مشهور ترجمن منجهان ”پورب ڄائي“ سندس هڪ شاهڪار ترجمو آهي، جيڪو محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي عالمي شهرت يافته ڪتاب (Daughter of the East) جو ترجمو آهي ۽ انهيءَ سنڌيڪاريءَ تي کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ پڻ مليو هو پر منهنجي نظر ۾ دنيا جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه تي سندس لکيل ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ سندس سڀني تحريرن کان وڌيڪ شاهڪار، نج ۽ اوريجنل تخليق آهي. هڪ ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي سنڌيءَ ۾ لکيل هي پهريون ناول آهي، ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته لطيف جهڙي عظيم شاعر جي زندگيءَ کي ناول جي سانچي ۾ بيحد خوبصورتيءَ سان فِٽ ڪرڻ فقط ۽ فقط مراد علي مرزا جو ڪارنامو آهي، ڪنهن به ٻي جي ڀيڻي ڀر نه آهي. خبر ناهي ايترا ته سهڻا، سلوڻا، ميٺاڄ وارا ۽ ذائقي دار نج سنڌي لفظ ۽ من موهيندڙ انداز مراد صاحب کي ڪٿان هٿ آيو آهي، جو ناول پڙهندي ان جي ٻوليءَ جي چهراڻ ۽ چاشنيءَ کان دل نٿي ڀرجي.
مراد علي مرزا پنهنجي نفاست، شرافت ۽ حليم طبيعت سبب پنهنجن دوستن ۽ عزيزن جي دلين ۾ زنده رهندو ۽ پنهنجين شاهڪار تحريرن، ترجمن، ڊرامن ۽ مجموعي علمي، ادبي تخليقن جي ڪري ايندڙ نسل جي پڻ رهنمائي ڪندو رهندو۔
عظيم ڊرامه نگار ۽ ناول نويس جو لاڏاڻو
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
27 آگسٽ 1929ع ۾ حيدرآباد جي وسندي ٽنڊي آغا ۾ اک کوليندڙ سنڌ جو نالي وارو ناول نويس، نقاد، مترجم، ڊرامه نگار، افسانه نگار مراد علي مرزا ڪالهه صبح جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. مشهور ٽي وي آرٽسٽ منظور مراد جي والد مراد علي مرزا تي ڪجهه وقت اڳ فالج جو حملو ٿيو هو، حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو پر ان دوران حڪومتي پارٽيءَ جي ڪنهن به اڳواڻ يا وزير سندس طبيعت نه پڇي. سندس علاج ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا طرفان هلندڙ هو. مراد علي مرزا شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش تي انگريزي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو (پورب ڄائي) ڪيو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن کان انگريزي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جي ترجمي لاءِ سوچيو پر وري چونڊ مراد علي مرزا جي ڪئي وئي. افسوس جو پ پ حڪومت مراد علي مرزا جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي، جڏهن ته ادبي مڃتا طور ان وقت جي صدر فاروق لغاري جي هٿان 1995ع ۾ هن کي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هو.
مراد علي مرزا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ناول ”سامي سج وڙاءُ“ لکيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف تي لکيل پهريون ناول آهي.اهو ڪتاب ڇهه مهينا اڳ مارڪيٽ ۾ آيو ۽ ايترو ته وڪرو ٿيو آهي، جو بڪ اسٽالن تان ختم ٿي ويو آهي. ان ڪتاب کي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، سنڌي ادبي سنگت ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران سال جو بهترين ناول قرار ڏيئي ايوارڊ ڏنا ويا. 1960ع ۾ مراد علي مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 1989ع ۾ پروگرام مينيجر جي عهدي تان ريٽائرمينٽ ورتائين. مرحوم مراد علي مرزا سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري به رهيو، ۽ ٻن ادارن جو سيڪريٽري رهڻ هڪ اعزاز آهي. مرحوم جي مشهور ڊرامن ۾ ريڊيو پاڪستان تي ”قربتون ۽ فاصلا“ ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”هوشو شهيد“ شامل آهن، جڏهن ته هوشو شهيد تي اڄ تائين ڪنهن به ٽي وي ڊرامو نه لکيو آهي.جڏهن ته مرحوم مراد علي مرزا جي مشهور ڪتابن ۾ عالمي افسانه، مونجهارو، اڪيلائيءَ جا سئو سال، ٻارن لاءِ آکاڻيون، ادبي تنقيد جا احوال، ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪيترائي ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا.
روزانه ڪاوش تان ورتل

گو هاتهه کو جنبش نهين، آنکهون مين تو دم هي

ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارو ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن سين.