اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پيارا ساٿيو جيئي سنڌ، ڪالهه ادا نثار ناز هي هڪڙو آزاد نظم ليکو هو پاڻ لکندي لکندي اهو شاعري وارو ڪاغذ جو ٽڪرو غلطي سان منهنجي آفيس جي ٽيبل تي ڇڏي ويو ، تمام گهڻو پريشان نظر پئي آيو ، مان ڪنهنجي ڪنهن به شي جي چوري ڪري ڪونه ڄاڻان پر الائي ڇو ادا نثار ناز جي هر شي کي پنهنجي ، توهان جي ۽ ساري سنڌي قوم جي امانت سمجهي توهان سان شيئر پئي ڪريان۔

    آزاد نظم
    نثاراحمد ناز

    ڀلي اسان سان

    وفا جي ناتن،

    اکين جي ناتن،

    دلين جي ناتن،

    روئڻ جي ناتن،

    کلڻ جي ناتن،

    جِي وِڙهي ڪريو،

    سڀ پُڄاڻيون سائين،

    اسان توهان جي
    جوڙ جيڏا،

    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون ،

    نه سڀاڻي سائين،

    اسان وقت ويريءَ
    جي ظالم

    هٿن ۾

    کلي سدائين دلبريون وڃايون

    عاشقيون وڃايون،

    سڀني اسانجي

    سچائين کي جانان

    بزدلي ڄاتي،

    آ ڪوڙ ڄاتو،

    ڀلي ڪريو

    ڪنارا سان کان،

    اسان سدائين

    ٽنگيل ٽياسن

    اسان سدائين

    چٽيل نشانن،

    اسان جي اوقات
    ڪڏهن اڌروري

    ڪڏهن

    ته ڳولهي

    لڀي نه سائين

    ڀلي ڪريو

    اسان کان دُوري

    ڀلي ڪريو

    رُساما سائين،

    اسان توهان جي

    جوڙ جيڏا،
    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون ،

    نه سڀاڻي سائين ،،،، !

    نه سُڀاڻي سائين ....... !

    نه سُڀاڻي سائين ....... !


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    تمام بهترن شاعري آهي سائين جي ۽ لک ٿورا اوهان جا

    ادي توهان جي بدولت اسان کي سائين جي شاعري پڙهڻ لا۽ ملي

    لاجواب ونڊ آهي باقي سائين ته هميشه پاڻ کي ٽئي درجي جو شاعر ظاهر ڪندو رهندو آهي نه ته
    سائين ته نمبر ون شاعر آهي

    باقي ادي سائين جي پريشاني جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي الائي ڇو ۽ الله خيئر ڪري سائين ڏي

    هن عمر ۾ پريشان رهڻ ڪا صحت لا۽ سٺي ڳالهه نه آهي

    مهرباني ادي

    سدائين گڏ
     
  3. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    [justify]يا علي مدد پياري ڀيڻ شبانه تما م ًگهڻي ۡخوشي ٿي جو توهان ادا نثاراحمد ناز جي شاعري تمام خوبصورت شاعري ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي آهي ادا نثار ناز ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ گُم ٿي ويو آهي خير ڀا نثار جتي به هُجي سداائين خوشين جا جهول ڀريندو رهي ادا نثار ناز جي شاعري ڪڏهن ڪڏهن اندر ۾ اُها ڪري وجهندي آهي پر ان هوندي به پاڻ سدائين پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر سڏائيندو آهي جيڪا ڳالهه قسم سان مونکي قطئي ڪانه وڻندي آهي۔ هي آزاد نظم بلڪل ڊائري ۾ لکڻ جهڙو آهي۔وديڪ دعا۽ن ۾ ياد ڪندا ۔[/justify]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    شبانه ڀيڻ توهان جي ٽيبل تي اهو پنو رکي ڀُلجي ويس ان کي توهان وري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ڇڏيو زبردست بابا اسان جهونن جي مدد ائين ڪندا ته الله توهان جي مدد ڪندو، ادي مون ڪڏهن ائين چيو آهي ته اها شاعري منهنجي آهي شاعري جي شاعري ڪمپليٽ ٿيڻ کان پو هر انهي ماڻهو جي آهي جيڪو انهي شاعري کي پنهنجو سمجهي ان ۾ مان به اچي ٿو وڃان توهان به اچي ٿا وڃو ، سنڌ سلامت جي ڀائر به اچي وڃن ٿا ۽ سموري سنڌ به اچي ٿي وڃي
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    ادا نثار جي هي شاعري نه آهي پر حساس دل جي ڪفيت جو اظهار آهي ۔جيڪو هنن چپن تي لفظن جي صورت ۾ آندو آهي جيڪو توهان آدي شبانه آسان ميمبرن سان ونڍ ڪيو آهي۔توهان جي تمام گهڻي مهرباني۔بهترين آزاد شاعري آهي جيڪا سمجهدار لاء تمام گهڻي معنئ رکي ٿي۔
     
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    واهه ادي واهه
    ٿڪ ئي لهي ويا۔۔۔

    اسان اوهان جي جوڙ جيڏا

    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون ،

    نه سڀاڻي سائين ،،،، !

    مهربانيون
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    ڀيڻ راحيلا علي، توهان جون مهربانيون آهن جيستائين ادي شبانه امتياز توهان کي ڪو رپلائي ڏي تيستائين مان پنهنجي گم ٿيڻ جوسبب ٻُڌائي ٿو ڇڏيان، سڀ کان پهرين ته عمر جي انهي حصي ۾ آهيان جو توهان جيڏن سان جُوڙ ٿي نٿو سگهان، ان کان علاوه چوندا آهن پيٽ جِي بُک غم روزگار ڪڏهن ڪڏهن ڇا پر اڪثر انسان کي پنهنجي وجود کان بيگانو ڪري ڇڏيندو آهي ان ڪري ته چوان ٿو ته

    اسان سدائين

    ٽنگيل ٽياسن

    اسان سدائين

    چٽيل نشانن،

    اسان جي اوقات
    ڪڏهن اڌروري

    ڪڏهن

    ته ڳولهي

    لڀي نه سائين

    اسان توهان جي جوڙ جيڏا،

    نه ڪلهه هُئاسين،

    نه اڄ به آهيون،

    نه سُڀاڻي سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ! !
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    [justify]مهرباني ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب جو منهنجي هن آزاد نظم کي حساس دل جي ڪيفيتن جو اظهار ڄاتو، سائين ميمڻ صاحب ادي شبانه امتياز جون اهي مهربانيون آهن ۽ توهان دوستن جون مهربانيون آهن جو هن ٽي درجي واري شاعري کي توهان ان قابل سمجهيو جو توهان هن مان نت نيون معنائون ڳولي لڌيون۔[/justify]
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    مٺا آرزو لک لائق جو توهان سڀني دوستن لاءَ اکيون توهان جي آسري ڪريو ويٺا آهيو ان کان پوءِ مون مسڪين جي غريباڻي شاعري پڙهي توهان جا ٿڪ لهي پيا، اها ڳالهه لکي توهان منهنجي هن شاعري کي نئين معنى ڏني آهي، هي ٽي درجي وارو شاعر نثار ناز توهان جو انتهائي ٿورائتو آهي۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    [justify]مٺا ڦلپوٽا فقير بس اهي دوستن جون مهربانيون آهن جيڪو توهان جي هن پيرن جي ڌوڙ نثارناز کي نمبر ون شاعر سمجهو ٿا نه ته مان اهو ئي ڪانچ جي ڪوڏي جو بار بار ٽُٽان ٿو بار بار جُڙان ٿو، ڪير پٿر هُڻيو ٽوڙيو وجهي ته ڪوئي توهان جهڙو فقير دُعائن سان ان کي جوڙيو وجهي ادا جيڪي پٿر هڻي ٽوڙيندا انهن جون به مهربانيون ۽ جيڪي دعائون ڪري جوڙيندا آهن انهن جون به مهربانيون، شايد زندگي سموري ٽُٽڻ ۽ جُڙڻ جي ڪهاڻي آهي۔ توهان جا ٿورا ڀيڻ شبانه امتياز جا به ٿورا ۔[/justify]
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسان توهان جي جوڙ جيڏا !

    واهه سائين واهه تمام بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو