ڀيڻ ساره جي نان٪ءُ

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڀيڻ ساره جي نانءُ
    ڀيڻ ساره
    ڪافي ڏينهن کان
    اسان کي
    توهان جون نيون
    لکڻيون
    توهان جون نيون
    شيئرنگس
    توهان جون نڪور
    ڪهاڻيون
    نظر ڪونه پيون
    اچن
    ڀيڻ توهان
    پنهنجي مصروفيات
    جي بحر ۾
    ايترا ته گُم آهيو
    جو سنڌ سلامت جا سڀيئي
    ڀائر توهان کي
    وسري ويا۔۔
    ڀيڻ ساره
    توهان کي خبر آهي
    ته توهان
    سنڌ سلامت تي
    سنڌ جي لکين سنڌي
    نياڻين جو
    اڪيلو آواز آهيو
    واحد ڪردار آهيو
    جنهن سان سنڌي نياڻين
    کي سُجاڳيءَ جو
    سڏ ملي سگهي ٿو
    ڀيڻ
    توهان ۾ اها خُوبي آهي
    جو توهان
    جيجل بختاور بڻجي
    جيجل ٻاگهي بڻجي
    ۽
    لطيف سائين جِي
    سُورمي مارُئي بڻجي
    سنڌ سلامت جي
    ڏسڻ ۾ ننڍڙي
    پر انٽر نيٽ جي حوالي
    سان سنڌ جي سڀني
    آوازن کان وڏي ۾ وڏي
    آواز سنڌ سلامت تان
    پنهنجو سنيهو
    سنڌي ڀيڻن تائين
    پهچائي سگهو ٿيون
    ۽
    اُنهي سُجاڳي واري
    پيغام سان
    اسان سڀني سنڌي ڀائرن
    کي يقين آهي ته
    سنڌ جون نياڻيون
    پنهنجي خلاف
    هر ڏاڍ هر ظلم
    سان اکين ۾ اکيون
    وجهي ويڙهاند ڪري
    سگهن ٿيون
    ڀيڻ ساره
    اسان سنڌ سلامت جا سڀيئي
    ڀائر قسم سان
    توهان کي ڏاڍو ياد پيا ڪريون۔۔۔۔
    توهان کي ڏاڍو مس پيا ڪريون۔۔۔۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين نثار ناز صاحب... ! ادي ساره کي ته واقعي اسان به مس ڪريون پيا۔۔۔۔ پر توهان پنهنجي لکائي کي ادي ساره جي لکائي وانگر ۽ ڪي بورڊ تان سپيس جي بجاءِ انٽر ماري ياد ڪرڻ وارو انداز بلڪل دل کي وڻندڙ لڳو ۔۔۔۔ سچي به جڏهن ادي ساره هي تحرير پڙهندي ته هن جي چهري تي مسڪراهٽ ضرور ايندي ۽ جيڪڏهن اسان سان ڪا ناراضگي اٿن ته اها به هٽي ويندي۔۔۔
    توهان جي مهرباني جو کين ياد ڪرڻ جو سنديسو موڪليو ۔۔۔۔ سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جو سنڌياڻون پنهنجي کوڙ سارين مجبورين ڪري انٽرنيٽ جهڙي جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري نه سگهنديون آهن ۔۔۔۔ ادي نور سان به ساڳيا ئي مسئلا آهن اميد ته هي تحرير انهن کي به واپسي تي مجبور ڪندي۔۔۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جي ادا سائين جي، ڇا ته لکڻ جو انداز ۽ وري ياد ڪرڻ جو انداز
    سبحان الله
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا وهاب اوهان کي به هاڻي سائين نثار جو شاگرد ٿيڻ کپندو۔۔۔۔ فقير سائين ته ٿي چڪو آهي۔۔۔

    سائين نثار ناز صاحب اوهان جو هن سنڌ سلامت جي سٿ کي ياد ڪرڻ جو انداز ئي نرالو آ۔۔۔۔ باقي وڌيڪ ڀيڻ ساره ئي ٻڌائيندي ته ايترو وقت هن ساٿ تان ڇو غائب رهي۔۔۔۔

    مهرباني سائين نثار ناز صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رشيد لڳي ٿو اسان جي ڀيڻ ساره تمام گهڻي مصروف آهي۔ پر ادي ساره آخر ته اسان جي ڀيڻ ”سنڌياڻي“ آهي، اسان ڀائرن جا سڏ سمورا ورنائيندي۔ انشاءالله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو