سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

'جنم مبارڪ' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سنڌ سلامت جي نائب منتظم سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي مون فقير پاران سائين کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي .
    پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران سندن لاء دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ۽ مسڪرائيندا رهن .

    سائين ابڙي صاحب لا۽ جنم ڏينهن جي حوالي سان هي ننڍڙو تحفو اميد ته قبول پوندو

    [​IMG]
    [​IMG]



    سدائين گڏ
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    [justify]سائين نثار ابڙو ته اسان جو جنم جانان آهي، اسان جي اکين جو ٺار آهي، اسان جي سر جو سائين آهي، اسان جي دل جو محور آهي مرڪز آهي، اسان سدائين نثار ابڙو کي پنهنجو پرين ڄاتو آهي، سائين نثار ابڙو اسان سنڌ سلامت وارن لاءَ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ آهي، ماشاءالله اڄ سندس جنم ڏينهن آهي مان ڏاڍو خوش آهيان منهنجي لبن تي دل مان اها دُعا پئي نڪري ته شال اسان جو نثار سائين سدائين مُسڪرائيندو رهي، پنهنجي پرين سان گڏ خوشين جا جهول ڀريندو رهي، جيڪڏهن ڪو ڀُلجي غم سندس ڏانهن وڃڻ جي گُستاخي ڪري اهو گس مَٽائي هن اڀاڳي نثار ناز ڏانهن اچي الله سائين نثار کي هميشهه آباد رکي آمين ادا نثار ابڙا سائين ؛[/justify]
    تون سپڙ آئون سيڪڙو
    تون ڏاتار آئون ڏوهه
    تون پارس آئون لوهه
    جي سيڃين ته سون ٿيان (شاهه سائين)​
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    واھ۔۔فقير مون سوچيو ته صبح سان اول مان پنهنجي سائين کي جنم ڏينهن جي مبارڪ ڏيندس۔۔پر اوهان اڳ کٽي ويا۔۔خير۔۔ڇا فقير ڇا عاشق۔۔سني ٿلهي ليکي گهٽ پاڻ هڪ ئي آهيون۔۔جيئي سنڌ
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب جن کي مون ناچيز پاران جنم ڏينهن جو وڌايون ۽ دعائون۔
    سائين جن جي شخصيت تي مان ڇا لکي ڇا لکان۔۔بس مان ته سائين جن جي لا ائين چوندس ته سائين جن مکڻ ماڻهو آهن۔


    [​IMG]
     
  4. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين محترم نثار ابڙو کي هن حقير طرفان به جنم ڏينهن جون واڌايون۔ الله سائين کين وڏي ڄمار ڏين، سندن خدمتن کي پنهنجي بارگاه ۾ سهڻي نموني سان قبول ڪرين۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    [​IMG]

    4 مارچ سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاء هڪ تاريخي ڏينهن رهيو آهي۔ اڄ وري ان ئي چار مارچ تي اسان جي مانواري مهربان ، هڏ ڏوکي، رهنما ، استاد ۽ پرين پياري سائين نثار ابڙو جو جنم ڏينهن به آهي اتفاق سان اڄ محترم اسحاق انصاريء جو به جنم ڏينهن آهي جيڪو به يونيورسٽيء ۾ منهنجو استاد رهيو آهي۔

    دعا آهي ته سائين نثار ابڙو جُڳ جُڳ جيئي ۽ سدائين خوش رهي۔ سندس صحتِ ڪامله ۽ دراز عمريء لاء رب جي حضور دعاگو آهيون۔



    ۾
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    [JUSTIFY]
    رات جيئن ئي مون کي خبر پئي ته سائين نثار ابڙو جي سالگرهه جو ڏينهن آهي ته مون ڪاڪي آچار جي هڻ‌کڻ ايجنسيءَ‌جي اڳواڻ عاشق سولنگيءَ عرف عاشق مجبور کي ان ڪم سان لائي ڇڏيو ته ڏسي ڪاٿي سائين فقيرن ۽ مستن کان سوءِ سالگرهه جي تقريب ته نه پيو ملهائي۔۔ صبح ساڻ اٿيم ته عاشق مجبور جو اطلاع پهتو ته سائين ڪيڪ تيار ڪري سنگت جي انتظار ۾ ويٺو آهي، ​

    [​IMG]

    ان کان علاوه خبر پئي ته ان تقريب لاءِ اسان جو پيارو دوست انٽرنيشنل فقير به پهچي چڪو آهي ۽ سائين جي قرب ۾ هُو ان تقريب جي ڪم ڪار کي سنڀالي رهيو آهي،
    سڀ کان پهرين ته فقير سائين پنهنجي شاهي سواري تي بصر، پٽاٽا وٺي وڏو پنڌ ڪري سائين جن وٽ پهتو​

    [​IMG]

    ۔۔۔ ان کان بعد فقير پنهنجي هٿن سان ديڳ تيار ڪئي۔۔ جيڪا اڃان داڳ تي آهي، جنهن کي پڄڻو آهي جلدي پڄي۔۔
    [​IMG]

    ڪجهه مهمان پهريائين ئي پهچي چڪا آهن۔۔۔

    [​IMG]
    [/JUSTIFY]
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    السلام عليڪم
    هونئن ته اسان گهڻا ئي دوست نيٽ جي دنيا تي ڏٺا آهين ۽ انهن سان مليا آهيون پر سائين نثار ابڙو صاحب جهڙي ماڻهون سان اسان جي ملاقات اسان جي لاء هڪ خوشنصيبي هئي پهريان پهريان ته مون کي اهو لڳو ته يار هو جوان اسان جهونا اهو سفر ڪيئن هلندو اسان جي طبيعت ان سان ميچ ڪندي الاء نه رشيد پهنجي مخصوص انداز ۾ مون کي چوندو هو ته اڙي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔سائين سان ڪچهري ته ڪري ڏس پوء ڏسجان خير اتفاق سان اسان سنڌ سلامت جي سفر ۾ سائين جن سان فورم ذريعي گفتگو ٿيندي رهي ان مان لڳو ته نه يار هي يار پهنجي لڏي جو آهي خير نيٺ هڪ ڏينهن سائين سان ياهو تي ڪچهري ٿي وئي دل ته سائين کي هونئن ئي سنڌ سلامت تي پوسٽن ۾ ريپلائي ذريعي ڏئي چڪا هئا سي باقي ان دل جو اقرار رهيل هو سو پهرين ملاقات ۾ ئي سائين سان اهو اقرار به ڪري ويٺا سي ان بعد رفته رفته هر معاملي ۾ سائين سان صلاح مشورا ڪچهريون ٿينديون رهيون سو سائين جهڙا ماڻهون هن دنيا ۾ گهٽ ئي هوندا آهين ۔جيڪي هر شخص سان ان جي لهجي ۾ ڳالهاين مون کي ائين لڳندو آهي ته سائين اسان مهنجي ڪا پراڻي واقفيت هجي وري سائين جو مٿان ان انداز ۾ سڏ ڪرڻ ابا علي ڪهڙا حال ٿي ؟وغيره وغيره ڪڏنهن به اهو احساس نه ٿيندو آهي ته ڪو اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪا ڪجه عرصي جي آهي ۔ اتفاق سان سائين سان پاڪستان ۾ جڏنهن ڪچهري ٿي اها محفل اسان کان ڀلجڻ جهڙي ئي ناهي ۽ اهڙي محفل لاء دل ۾ ڪيترا ڀيرا اميد جاڳندي آهي ته ڪاش روز پهنجي پرين سان اهڙا ميلا مچندا رهن ۔
    سائن جي باري ۾ جيترو لکجي اهو گهٽ آهي سائين جي اڃ جنم ڏينهن آهي اسان جو کوڙ ساريون دعائون انهن جي لاء ته رب پاڪ سائين کي هن دنيا ۾ هزارين بهارون نصيب ڪري ۽ پهنجي پيارن سان خوش و خرم رهن رب پاڪ انهن جي دل جي هر تمنا کي پوري ڪري آمين
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    واقعي ۾ اڄ سنڌسلامت جي مور سائين نثار ابڙو جن جي سالگره آهي...مان ته ڪنهن به ڪم ۾ مجھي پوندو آهي ته فيس بوڪ جي چيٽ روم ڏي نظر ڦيرائيندو آهيان...ته ڏسان ڪو ڏاھو ماڻهو ويٺو آهي..پوءِ نظر پوندي آهي..سائين نثار ابڙو صاحب جن جي سائين جن کان ڪابه ڳالھ پڇي وٺندو آهيان ۽ سائين جن جي اها مهرباني آهي جو سائين جن مصروف هجڻ جي ڪري ڪجھ ٽائيم ڏئي اُها ڳالھ سهڻي نموني سمجهائيندا آهن..رات بلڪل اسان جي اُستاد ڪاڪي آچار مونکي اطلاع ڏنو ته اڄ اسان جي سائين جو جنم ڏينهن آهي ان ٽائيم منهنجي خيال ۾ رات جا ٻارهن پيا ٿين ۽ نينڊ به عاشق کي پاسو ڏنو مون سوچيو ته صبح سان اول ڪم سائين کي سڀني کان اول مبارڪ پيش ڪندس...صبح جيئن ئي سسٽم تي ويٺس ۽ ڪم هٿ ۾ هيو ته پنجن منٽن جي لاءِ لائيٽ موڪلائي وئي...۽ منهنجي سڄي محنت تي پاڻي هاري وئي...ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي...پر ڪنٽرول ڪري ويس..پنجن منٽن کان بعد لائيٽ آئي...وري ڪم کي لڳي ويس..سنڌسلامت تي ليئو پاتو ته نظر پئجي وئي فقير جي پوسٽ تي دل خوش ٿي وئي...سڄي سٿ کي هڪ دفعو ٻيهر سائين جن جي جنم ڏينهن جو واڌايون
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين هر لمحوپستي تي ڪرندو ٿو وڃي يا بلندي ڏي چڙهندو ٿو وڃي پوِءِ جي سال ڪري پوي ته شايد ان کي سالگره چيو ويندو آهي يا زندگي جي ڳنڍين مان هڪ ڳنڍ کلي پئي باقي ڪيتريون ڳنڍيون آهنجيڪي کُلنديون اهو هڪ راز آهي جيڪو پاڻ ئي پاڻ ڄاڻي بحرحال اسان کي ان ڏينهن جي خوشي آهي ته اوهان جهڙي مور ماڻهون جنم ورتو جنهن کي اسان جهڙن ادلن گدلن جي اصلاح ڪندي هي سال به گذري ويو ۽ انشاءِ‌ الله توهان جا اهي لمحا اسان جي روحاني پرورش ۾ سدائين رهندا الله اوهان کي هي زندگي جون گهڙيون ائيين گذارڻ جي توفيق ڏئي جيئن زندگي گذارڻ جو حق آهي آمين ۔الله اسان سڀني کي زندگي جو احتساب ڪرڻ جي توفيق ڏئي
    وسلام
     
  10. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين نثار ابڙو صاحب جن کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔۔۔
    سائين جن جي شان ۾ جيڪي تعريف لکجي اها گهٽ آهي، ۽ مٿي دوستن ايترو ڪجهه لکيو آهي جو مونکي لکڻ لا  لفظ ڪو نه آهن۔


    [​IMG][/IMG]​
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    توهان سڀني دير ڪئي۔۔۔
    فقير سائين ديڳ جو سڄو ڀت کائي ويو۔۔۔ يقين نه ٿو اچيوَ۔۔ ڏسو پاڻ۔۔۔۔
    [​IMG]
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين محترم نثار ابڙو جن کي مون حقير جي طرف کان لکين لکين جنم ڏينهن جو واڌايون قبول پون۔۔۔۔ ادا عاشق سولنگي جي ڳالهه جيان ته اڄ سنڌ سلامت تي وڏو ڏهاڙو آهي۔۔۔ سائين اسان فقيرن جي حصي جو ڪيڪ ضرور موڪلجو۔۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان جنم واڌايون
     
  13. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    ادا پهريان ته معافي جو دير پهتا آهيون نه ته فقير سان هٿ ضرور ونڊايون ها۔

    ادا نثار اوهان کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون رب پاڪ اوهان کي سدائين شاد ۽ آبد رکي۔

    ادا انٽرنيشنل فقير مهمان ڪجهه وڌي ويندا هٿ ٻيلي سوايو رکجان۔

    سدائين گڏ
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    [justify]سڀ کان اول

    سنڌ سلامت جي سڀني معزز ۽ مانوارن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن تمام سهڻي ۽ دل کي سڪون ۽ راحت ڏيندڙ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري اصل قرب لائي ڇڏيا آهن ۔۔۔ دل کي سڪون انڪري ٿو لکان ته اڄڪلهه مون واري دل منهنجي نه پر اوهان دوستن جي هٿن ۾ آهي ۔۔۔ يا وري سنڌ جي خيالن ۾ آهي، جڏهن دل تي ڪو بار هوندو آهي ته سمجهندو آهيان ته سنڌ تي ڪو بار آهي ۽ جڏهن خوشي هوندي آهي ته سمجهندو آهيان ته سنڌي سهڻن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا خوشي جي ڳالهه ضرور ٿي هوندي ۔۔

    سنڌ سلامت جا دوست جيترا ئي قربائتا ۽ سلڇڻا آهن، اوترائي خيال ڪندڙ ۽ سنڀال ڪندڙ آهن، دوستن کي سارڻ، انهن جي خوشين جو خيال ڪرڻ، انهن جي غمن ۾ شريڪ ٿيڻ سکڻو هجي ته سنڌ سلامت جي دوستن کان سکجي۔

    دوستي نالو ئي آهي ڏکن ۽ سکن ۾ ڀاڱيواري جو، انڪري مون اهو ڏٺو آهي ته جڏهن ڪنهن دوست جي خوشي هوندي آهي ته دوست پاڻ پيا ٻهڪندا آهن ۽ جڏهن ڪو دوست ڏکيارو هوندو آهي ته سنڌ سلامت جي دوستن جي اکين ۾ پڻ آلاڻ محسوس ٿيندي آهي۔

    انکي چوندا آهن ۔۔۔ دوستي

    مونکي فخر آهي ته آ سنڌ سلامت جو هڪ رڪن آهيان ۽ اوهان دوستن جي دوستي جي پيچن ۾ ڪسيل آهيان، ٿورا ناهن ٿورا لاهي لاهبا ڪيترو۔

    ٻي ڳالهه جيڪا هن ڌاڳي ۾ سهڻي لڳي اها آهي ادي اسد ميرجت جي پاران تفصيلي دعوت جو احتمام جنهن ۾ اسانجي هن فورم جو معزز پوڙهو، ڀت جي ديڳ تي آهي ۽ سنڌ سلامت جي دوستن کي ڀت جا پاٽڙا ڀري پيو کارائي ۔۔۔ اصل واهه جو ڀت ٿيو ۽ دوستن به کائي رُڙَ ڪيا هوندا ۔۔۔

    ڀت ۾ لوڻ مرچ پورو هو يا نه، ٻوٽيون هيون يا نه، رهو هيو يا نه، اهو ته کائڻ وارا ئي ٻڌائيندا باقي علي علي پاڻ ڪيتريون ٻوٽيون کاڌيون ۽ ڪيتريون گهر موڪليون اها خبر پو پوندي ۔۔۔

    باقي دعوت سهڻي ٿي ۔۔۔ لک ٿورا دوستن جا ۔۔۔ ڀلايون ۽ ڀال ۔۔۔ ڪهڙن ڪهڙن دوستن جا نالا لکجن سڀ دل جا ٽڪڙا اهن ،،، سنڌ سلامت جا سڀ رڪن گهڻيون جانيون هڪ روح آهن ۔۔۔

    سڀني دوستن کي منهنجي پاران عقيدت ڀريا سلام

    ر ِاعــــرابيــن هِتِ، گهنـــگهر گهـــارڻ مـــون ٿيــــو،
    بڪت العينان في هواڪ دما*“ پڄان ساڻ پرت!
    مَــــنُ، اکيــــون، تَـــنُ تت، جــــتي جَنَبُ جــــيڏيـــــن۔
    ”* تنهنجي سڪ ۾ ٻنهي اکين رت رنو
    [/justify]
     
  15. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين دير سان منهنجي طرفان به اوهانکي مبارڪ هجي۔
     
  16. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    سائين اسان جي طرفان به اوهان کي جنم ڏينهن جي مناسبت سان مبارڪون هجن ۔

    دير جي معذرت۔۔۔​
     
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    اسلام عليڪم
    ادا اسان جي طرفان به سائين نثار ناز جن کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون.
     
  18. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........

    ادا نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون تمام گهڻيون واڌايون آسان جي طرفان۔سائين جي ليکاڪي جي فن کان اسان تمام گهڻا امپريس آهيون۔سائين جا ڪمينٽس نئي ميمبر جي لاء هڪ اثاثو آهي۔اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته نوان سال ادا جي زندگي جو تمام گهڻين ڪاميابين ۽ خوشين ۾ گذري۔اسان جي ذهن ۾ ادا جو تصورتي خاڪو مختلف هو پر هنن جي تصوير دوستن جي مبارڪ باد جي پيغامن ۾ ان کان entirly مختلف آهي۔الله پاڪ توهان کي نئين سال ۾ ڪنهن به ڏکئي امتحان مان نه گذاري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو