ڪينيڊا جي ٽيم جي ڪينيا خلاف آسان فتح

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪينيڊا جي ٽيم جي ڪينيا خلاف آسان فتح

    ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ جيڪا دهلي ۾ کيڏي وئي ، ڪينيڊا جي ٽيم با آساني ڪينيا جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي ڪينيا جي ٽيم 50 هين اوور ۾ 198 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ هڪ موقعي تي ڪينيا جون 5 وڪيٽون صرف 57 رنسن تي ڪري چڪيون هيون پر مشرا ۽ ٿامس اوڊويو جي ذميوارانه بئٽنگ سبب اسڪور 198 تائين پهتو۔ ٻنهي 50 ، 50 رنسون ٺاهيون۔ ڪئناڊا پاران اوسانڊ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    جواب ۾ ڪئناڊا جي ٽيم گهربل حدف 46 هين اوور ۾ با آساني 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو۔ بگائي 64 ۽ هنسرا 70 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري۔

    http://www.youtube.com/watch?v=Fd4usAQ2hZE
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪينيڊا جي ٽيم جي ڪينيا خلاف آسان فتح

    ادا مون کي جهڙي اميد هئي اهڙو ئي ميچ ٿيو۔ جيئن ته ڪينيڊا جي طرفان هنسرا ۽‌ اشيش بگائي اصل انڊيا جا رهندڙ آهن ۽ هتان جي ڪرڪيٽ ۽ ماحول کان ڀلي ريت واقف هئا ان ڪري انهن ڪنڊيشنز جو ڀرپور فائدو ورتو۔۔ ڪينيڊا جيتريون به ميچون هن وقت تائين کيڏيون آهن انهن ۾‌کٽي نه سگهي پر اڳئين ٽيمن سان سٺو مقابلو ڏيکاريائين جڏهن ته ڪينيا جون ميچون هينئر تائين هڪ طرفيون ثابت ٿيون ان ڪري ڪينيڊا جي کٽڻ جا چانسز تمام گهڻا هئا۔۔ ​
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪينيڊا جي ٽيم جي ڪينيا خلاف آسان فتح

    ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور سمجهي ويندڙ ڪينيڊا ورلڊ ڪپ تاريخ پنهنجي ٻي ميچ کٽي ورتي۔۔۔۔ ميچ جي خاص ڳالهه ڪينيڊا ٽيم جي بيٽسمين جمي هنسارا جي 99 بالن تي 70 رنسون جنهن ڪري کيس ميچ جو بهترين رانديگر جو خطاب پڻ مليو۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=W6ok-DmcuAw
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪينيڊا جي ٽيم جي ڪينيا خلاف آسان فتح

    سائين ميچ جي بهترين رانديگر (مين آف دي ميچ) جو اعزاز هينري اوسانڊي (ڪينڊين بالر) کي مليو۔۔۔۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=Ikx9MsNyZjw
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو