۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 پنهنجي رنگينين ۽ ڪرڪيٽ جي پرلطف بلندين تي پهتل آهي۔چٽگانگ ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ ان وقت هڪ عجيب رنگ پياد ٿيو جڏهن گرائونڊ مان واپس ويل تماشائي ٻيهر اسٽيڊيم ۾ پهچڻ شروع ٿيا۔ انگلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 50 هين اور ۾ 225 رنسن جي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي۔ ٽراٽ 67 ۽ مورگن 63 رنسون ٺاهيون۔ انگلينڊ جي ٽيم گهڻين ڪوششن باوجود اسڪور ۾ تيزي آني نه سگهي۔ بنگلاديش پاران بالرن ۽ فيلڊرن جي گڏيل ڪوشش سبب انگلينڊ وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي۔

    جواب ۾ بنگلاديش سٺي شروعات ڪئي ۽ 31 هين اوور ۾ اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنز تائين پهچائي ڇڏيو عمران قيس 60 ۽ ڪپتان شڪيب 32 رنسون ٺاهيون۔ پر انگلينڊ جي بالرن خاص ڪري بريسنن ۽ اجمل شهزاد جي اسپيل بنگلاديش جي چيلھ چٻي ڪري وڌي ۽ هڪ ٻئي پٺيان هنن جا 8 رانديگر 169 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ ان موقعي تي بنگلاديش جا اڌ تماشبين غصي ۽ ڏک جي حالت ۾ گرائونڊ خالي ڪري گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ بنگلاديش جي شڪست واضح نظر اچي رهي هئي۔ پر ڪرڪيٽ رناد جنهن لاء مشهور آهي ته آخري بال تائين ڪنهن جي به جيت کي هار ۾ مٽائي سگهي ٿي اهوئي ٿيو۔

    40 هين اور ۾ بنگلاديش جا 8 رانديگر 169 تي آئوٽ ٿي ويا ۽ پوء شفعي الاسلام ۽ محمودالله جي 58 رنسن جي ناقابل شڪست پارٽنرشپ بنگلاديش کي ڪاميابي ڏياري ۽ ٻاهر ويل بنگلاديشي تماشائي ٻيهر واپس اسٽيديم طرف روانا ٿيا۔ انگلينڊ پاران 33 اضافي رنسون ڏنيون ويون جن ۾ 23 وائيڊ جون رنسون شامل هيون۔ بنگلاديش 227 رنسون 49 اوورن ۾ ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪئي۔ انگلينڊ پاران اجمل شهزاد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديشي قوم لاء بڻيل هيرو

    محمودالله

    [​IMG]

    شفي الاسلام

    [​IMG]
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هن ميچ مان گهڻو خوش ٿياسين ، بنگلاديش ته ڪمال ڪري ڇڏيو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    گهٽ ۾ گهٽ آ ته تمام گهڻو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش سان مونکي خاص همدردي به آهي ۽ منهنجي آس پاس ڪم ڪرڻ وارا مسڪين بنگالي گهڻا آهن، مسڪين بنگالين تي خوشي جا هي لمحا ڏسڻ وٽان هئا ۔۔۔

    هن ميچ جي کٽڻ جي موٽ ۾، چانورن سان گڏ گوشت کائڻ لا مليو ۽ چانهن پيئڻ لا ۔۔۔ مطلب ڪالهه منهنجي ڪمري جي آس پاس بنگلاديش زنده آباد جا نعرا هئا ۔۔۔

    منهنجي اکين ۾ لڙڪ ۽ سوچ ته الائجي ڪڏهن ائين سنڌي پڻ سنڌ ديس جا نعرا هڻندا ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا ۔۔۔؟
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جن دوستن مون وانگر ميچ جا آخري لمحا نه ڏٺا هجن۔۔۔ اهي ميچ جي هن جهلڪين کي ڏسي اهو مزو وٺي سگهن ٿا۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=md5rfFQeAeM

    جڏهن بنگلاديش جا 8 رانديگر آئوٽ ٿيا هئا ته مان به اهو سمجهيو هو ته بنگلاديش ڪم کان وئي۔۔۔ ۽ مون وٽ لائيٽ به هلي وئي پر ڀلو ٿئي ادا رشيد جو جيڪو سدائين مون کي ڪرڪيٽ جي اپڊيٽس کان ايس ايم ايس جي ذريعي واقف رکندو آهي۔۔۔ ان پهرين ميسج ڪيو ته بنگلاديش‌کي کٽڻ لاءِ 18 بالن تي 11 رنسون کپن ان کان بعد ميسج ڪيائين ته بنگلاديش 2 وڪيٽن تان ميچ کٽي وئي۔۔ واهه بنگلاديش جا ٽيل اينڊر۔۔ جن ايتري بهترين حوصلي سان راند ڪئي۔۔۔
     
  5. مست

  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    واقعي به بنگلاديش ڪمال جي راند ڪئي۔۔۔ هڪ موقعي تي مونسان گڏ ويٺل دوست اصل روئڻهارڪو ٿي ويو جڏهن بنگلاديش اڃان 58 رنسون ٽارگٽ کان پوئتي هئي ۽ سندس 8 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا۔۔۔ دوست جي روئڻ جو سبب شايد اها شرط هئي جيڪا هن بنگلاديش جي ٽيم تي لڳائي هئي۔۔۔

    بحرحال پاڻ کي سائين نثار وانگر گوشت ۽ چانور ته نه مليا پر مولُو جي هوٽل جي بادامن واري مشهور چانهن ضرور ملي۔۔۔ جنهن کان پوءِ ورلڊ ڪپ جا ڏينهن ڳوٺ ۾ سنگت سان گذارڻ جو اصل مزو اچي ويو۔۔۔
    بحرحال اهي دوست جن هن شاندار ميچ کي ڏسڻ مس ڪيو هجي انهن جي لاءِ مڪمل جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=md5rfFQeAeM
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ۽ جڏهن بنگلاديشي تماشائي گهرن مان واپس اسٽيڊيم پهتا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ابا سدا خوش هجن ڪر ڪيٽ ڏسڻ وارا به ۽ کيڏڻ وارا به باقي پاڻ کي ڇا ڪو هارائي ڪو کٽي پاڻ ٽينشن وٺون ئي ڪونه نه ڪر ڪيٽ ڏسون ۔
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو