
اڄوڪي ڏينهن 12 مارچ سنڌ جي هڪ مشهور ڪافي گو شاعر ، ڳائڻي ۽ موسيقار حسين بخش ’خادم‘ سروري جي ورسي آهي . حسين بخش خادم 1930ع (ڪجهه جاين تي 1918ع) ڌاري سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو پر هن پنهنجي سڄي عمر هالا ۾ مخدومن وٽ خادم ٿي گذاري. سندس ريڊيو پاڪستان تان مخدوم طالب المولا ۽ مخدوم امين فهيم، سچل سرمست ، شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا ڳايل ڪلام اڄ به سدا بهار آهن ۽ اڃان تائين بيحد پسند ڪيا وڃن ٿا.
حسين بخش خادم پاڻ شاعر به هيو ته ڳائڻو به ۽ پاڻ ڌنون به ٺاهيندو هو. هو ڪافي جو سٺو شاعر هو۔ گهڻو ڪري صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو۔ سندس چيل مشهور ڪلامن ۾ طالب المولا جو ڪلام تو دلڙي يار ڌتاري، دنيا جي ناه پرواه سهڻا تنهنجو خير هجي، اياز جو آء ڪيئن سيج سمهان، سچل سرمست جو يار دي گهڙولي، سڻ بات بره دي ۽ ٻيا اڻ کُٽ ڪلام.
سندس وفات 12 مارچ 1992 ع ۾ ٿي پر ستم ظريفي ته ڏسو اڄ ڪنهن به رسالي ، اخبار ، ٽي وي يا ميڊيا کيس ياد ئي ناهي ڪيو. سندس هڪ شعر آهي:
ويهه مَ وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
رهه ڪا رات ’خادم‘ وٽ، ڪامل قرب ڪري،
مٿان مِٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجانءِ
رهه ڪا رات ’خادم‘ وٽ، ڪامل قرب ڪري،
مٿان مِٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجانءِ
يا وري وحيد علي ۽ هاڻي نجف عليء پاران ڳايل سندس شاعري :
دنيا جي ناهي پرواه
سهڻا تنهنجو خير هجي
خادم تنهنجو توڏي ئي ڏسندو
ٻئي کي ڏسڻ آ گناه
سهڻا تنهنجو خير هجي
سهڻا تنهنجو خير هجي
خادم تنهنجو توڏي ئي ڏسندو
ٻئي کي ڏسڻ آ گناه
سهڻا تنهنجو خير هجي
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: