سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي ۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ۔
    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي​
    ۔
    [​IMG]
    ۔خالد ٻانڀڻ
    ۔۔۔۔ ( سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. سکر جو شهر سکر بيراج جي ڪري پڻ مشهور آهي. انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وقت اتي ضلعي حڪومت پڻ ڪم ڪري رهي آهي۔ اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سن 927هه يعني 1529ع ڌاري جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلهه ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺله يا منارو سڏيندا آهن. سن 983هه يعني 1575ع ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿي. جڏهن هو بکر آيو، تڏهن بادشاهه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان جي حوالي ڪري ۽ پاڻ رڳو سکر هٿ ۾ رکي. سن 998هه يعني 1589ع ڌاري، جڏهن خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏئي ويو، تڏهن آدم شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاهه جي ٽڪري ٿي سڏجي. سن 1168هه : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو ؛ پر بادشاهه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاهه نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سن 1258هه يعني 1842ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي. وڪيپيڊيه ) سنڌ جي هن شهر ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن انهن مان سنڌ جي هڪ ماياناز علمي ادبي شخصيت مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائي پڻ هڪ هئي جنهن جو ذڪر هت ڪيو وڃي ٿو ممتاز ۔۔۔ چون ٿا ته سنڌ جي مايا ناز تاريخدان رحيم داد خان جنهن جو لقب مولائي شيدائي آهي.سنڌ جي ٻن تاريخ سان ڀائر شصيت پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي رحيم داد جا علمي ادبي دوست هئا. هن ماڻهو جي فقير طبيعت ڏسي هڪ ڀاءُ کيس مولائي لقب ڏنو. ٻئي شيدائي ڏنو ڳالهه فرد ۾ اچي وئي آخر نيٺ مولانا دين وفائي فيصلو ڪري کيس مولائي شيدائي جو لقب ڏنو ۽هي پوري سنڌ ۾ مولائي شيدائي جي نالي سان مشهور ٿيو. مولائي نه رڳو تاريخ تي پر صحافت ۾ به پاڻ مڃرايو. هن 1941ع ۾ خان بهادر الله سومرو ان وقت جي سنڌ جي سي ايم جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزاني اخبار آزاد جو سب ايڊيٽر رهيو. هن جا تاريخ ادب تي مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المنار، اولحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيا ۽ ڏاڍو مقبول ٿيا. هن نه رڳو سنڌ پر بلوچستان جي تاريخ سان به انبت ان جي ڪري رکي ته جو سندس وڏڙن جو تعلق بلوچستان سان هو ان جي ڪري 1941ع ۾ ڪتاب ”مختصر تاريخ بلوچستان“ کليو، جنهن بلوچ وقمن جا شجرا ۽ ٻي اتفصيل ڏنا هئا. 1894ع ۾ سکر ۾ ريلوي جي ملازمن شير محمد بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد وانگر 1919ع ۾ ريلوي انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر جي نوڪري ڪئي بعد ۾ گارڊ جي عهدي تي پهتو پر هن کي علم ادب صحافت سان جيڪو چاهه هو ان اڃ نيٺ 1939ع ۾ ريلوي جي نوڪري تان استيفعيٰ ڏياريس جنهن بعد مولائي 12 کان 14 ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس پهريون شاهڪار ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت جنت السنڌ ( مولائي شيدائي جي هن ڪتاب کي پڙهڻ لاء ڪتاب جي نالي مٿان ڪلڪ ڪريو ) اٿس ان کان علاوه سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ سنڌ ۾ رهندڙ بلو قبيلا، تاريخ تمندن سنڌ، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، سنڌ جا پراڻا شهر، پيغام نور، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، اقالي اسلام، سرزمين بلوچ، اردوم تاريخ قلات زارڍو ۾ ڪتاب لکيا جڏهن ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب تاريخ سکر اڄ به سکر تي ڪم ڪندڙ صحافين، اديبن، شاعرن لاءِ رهبر بڻيل آهي. جنهن مطالعي کان سواءِ سکر تي لکڻ اڌورو هوندو. مولائي 1945ع هلال پاڪستان جو پڻ ايڊيٽر رهيو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو پهريون صحافي هو جنهن اخبارن ۾ ڪارٽون جو سلسلو شروع ڪيو. شيدائي 1950ع ۽ 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو رهيو. هن مڙس مولائي اڄ به ڪيترايئ ڪتاب اڻ ڇپيل سندس پوٽن وٽ پيل آهن. جن ڪتابن ۾ اقالين اسلام جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي. تاريخ اسلام، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ شامل آهن نه رڳو حيرت جهڙي پر پريشان ڪندڙ حقيقت اها آهي ته انهن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب ڇپائي جي مختلف ادارن وٽ سالن کان پيل آهن پر شايد اهو اڻ ڇپيل آهي ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ چون ٿا هن ڏانهن جن اديبن شاعرن، عالمن، تاريخ دانن جا خط ايندا هئا انهن کي سهيڙيو اٿس، مطلب ته مولائي شيدائي سنڌي ٻولي تاريخ ادب جي حوالي سان جيڪا محنت ۽ خدمت ڪئي آهي ان جو کيس ذري جيترو به سلو نه مليو، هن پنهنجا 53 ورهيه سنڌي علم ادب کي ڏنا، 12 فيبروري 1978ع ۾ وفات ڪري ويو. اڄ کيس 33 سال گذري ويا آهن. سنڌ جي ثقافت کاتي ادبي تنطيمن کان ايئن اسريل آهي. ڄڻ نه ڪو مولائي شيدائي هو ئي ڪونه ٻيو ته ٺهيو درگاهه آدم شاهه ڀرسان جنهن قبرستان ۾ هو دفن ٿيل هو ان قبرستان تي قبضا مافيا قبضو ڪري سندس قبر جا آخري نشان به مٽائي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ ان اشو کي گهڻو کنيو ويو سيڪٽري وزير سطح جا عملدار به پهتا قبر جو معائنو به ڪيو. وڏا اعلان دورا ٿيا پي عمل ۾ ٿيو ڪجهه به ڪونه. هونئن به چوندا آهن ته سکر جا ماڻهو ڏاڍ بي حس آهن جيڪڏهن سندس خاندان وارا نه هجن ته مولائي جي قبر لاءِ به ڪو آواز ڪون اٿاري ها. جيتوڻيڪ قبرواري نشان وٽ چوديوار ته ڏياري وئي ليڪن ان ڀت جي چوڌاري گن ڪچري جا ڍير ٿي ويا آهن. مولائي جي قبر وانگر سنڌ جي تاريخ به افسرده آهي . ڇو ته اڄ جيڪا هن صدي جي تاريخ چڙو ڇڙ لڳي پئي آهي ان کي ته ڪو سنڀالڻ وارو ناهي، پر جن ٿورو گهڻو پورهيو ڪري پنهنجي تاريخ بچائي اچ اسان انهن جون قبرون به نٿا بچائي سگهو. اهو حال رهيو ته ايندڙ وقت ڏاڍو بي حال هوندو، آخر ۾ مولائي بابت ٻڌايان ته هو شهواڻي بروهي هو سندس وڏن جو گهر بلوچستان مستونگ ۾ هو پر نوڪري سانگي پيءُ سان گڏجي سکر آيو ۽ سکر جو ٿي ويو پر سکر واسين هن جي قبر به ميساري ڇڏي.
    بشڪريه عبرت
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي ۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي

    (مولائي شيدائي هڪ عظيم محقق۔۔۔۔۔جهانگير عباسيءَ جو تاثر )​

    مير رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جي انهن املهه انسانن مان ٿي گذريو آهي جنهن جي سموري حياتي سنڌ جي وکريل تاريخ کي سهيڙڻ ۾ گذي آهي. مولائي شيدائي سنڌ جي تاريخي واقعن، قصن ۽ ماڳ مڪانن ٿي تحقيق ڪري اسان کي گذريل دؤر جي حالتن کان نه رڳو باخبر رکيو آهي پر پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي به ڄاڻ ڏني آهي، جنهن سان هو هميشه امر بڻجي ويو آهي. مولائي شيدائيءَ کي سنڌ سان سچ ته اهڙو ئي عشق رهيو جهڙوڪه ڪنهن عابد کي پنهنجي پالڻهار سان ٿيندو آهي. سنڌوءَ جي ڪناري اڏيل سنڌ جي تاريخي شهر سکر ۾ سن 1894ع ۾ جنم وٺندڙ مولائي شيدائي پنهنجي ابتدائي تعليم سکر ۾ پرائي جنهن بعد هن اينگوورنيڪيولر اسڪول مان انگريزي تعليم مڪمل ڪري پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ريلوي کاتي ۾ فائر مين جي ڪم سان ڪئي جتي هو ٽرين ڪلارڪ، يارڊ فورمين، گارڊ، سيڪنڊ گارڊ ۽ گارڊ ٿي رٽائر ٿيو. 1939ع ۾ رٽائر ٿي پنهنجي عمر جي آخر تائين لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق جي ڪمن ۾ رڌل رهيو. ادبي دنيا ۾ مولائي شيدائي لکڻ جي شروعات مضمون نگاريءَ سان ڪئي، سندس ادبي سوچ ۽ لوچ کي پختگي تڏهن حاصل ٿي جڏهن هن جو تعلق مولانا دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ شهيد الله بخش سومري سان جڙيو جن جي ساٿ سان همڪنار ڪيو ۽ هُو باقاعده سنجيدگيءَ سان تحقيق جي طرف راغب ٿيو. تاريخ جهڙي ڏکئي ۽ منجھائيندڙ مضمون سان هن پنهنجي سچي جستجوءَ سان اهڙو نڀايو جو هن جا لکيل سمورا ڪتاب، تاريخ جي حوالي سان هڪ دستاويز جو درجو ٿا رکن. مولائي شيدائي جي اهڙن ڪتابن ۾ تاريخ سکر، تاريخ ٽالپر، تاريخ خاصخيلي، تاريخ بلوچستان، تاريخ قلات (اردوءَ ۾)، مهدوي تاريخ (اردوءَ ۾) سنڌ جا پراڻا شهر ۽ جنت السنڌ مشهور آهن. مولائي شيدائي جهڙي ريت هڪ وسيع مطالعو رکندڙ تاريخ دان ٿي گذريو آهي انهي طور تي تمام گھٽ تاريخدان ملن ٿا، جن هن قلندر مزاج محقق مشڪل کان مشڪل هنڌن تي پهچي، سنڌ جي تاريخي ماڳن، آثارن، ڀٽن، دڙن ۽ شهرن ۾ وڃي نهايت ئي ٺوس بنيادن تي تحقيق ڪري شين کي پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي روشني ۾ پرکيو آهي. محقق جي علاوه هو ڪالم نگار ۽ صحافي به ٿي گذريو آهي ۽ پنهنجي وقت جي مشهور اخبارن جن ۾ صحافي، ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي جن ۾ اخبار ستاره سنڌ، سکر نائب ايڊيٽر آزاد ڪراچي. رسالو توحيد ڪراچي ۽ چيف ايڊيٽر هلال پاڪستان ڪراچي خاص طور شامل آهن. ڪتابن جي علاوه مولائي شيدائي مختلف عنوانن تي سوين مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن جن مان هن جي سياسي بصيرت جي پروڙ ٿي پوي. هن ڪجھه تاريخي ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آهيل. جيئن تاريخ هندوستان ۽ تمدن سنڌ (ٽن جلدن ۾) وغيره. هن جي ادبي لياقتن کي ڏسندي يونيورسٽيءَ ۾ کيس فيلو به مقرر ڪيو ويو. مولائي شيدائي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ مخلص، مهربان، سادي مزاج وارو ملڻو کلڻو انسان ٿي گذريو آهي. هن جون ڪيل خدمتون ۽ ڪوششون لازوال آهن. سندس شمار سنڌ جي برک محققن ۽ تاريخدانن م ٿئي ٿو. هو هڪ بهترين شاعر به هو، هن جي شعر ۾ شاعريِءَ جون سڀ لوازمات ملن ٿيون. هن بيت، غزل چيا آهن، نموني طور هن جي غزل جا چند شعر پيش ڪجن ٿا.۔۔۔۔۔۔۔۔۔حسن جي عشق پيچن کان خدارا يار توبهه ڪر ،،،،،برهه جي تير پيڪان کان خدارا يار توبهه ڪر،،،،، سمجھي رک پير هن پڙهه ۾ اگر آهين ذرو عاقل،،،،، ،ستم جي ساز سامان کان خدارا يار توبهه ڪر.،،،،،،،سمجھي وٺ ساز حرفت کي شهيد ناز شيدائي،،،،،،ازل جي پر پيمان کان خدارا يار توبهه ڪر،،،،،،، مولائي شيدائي جي شخصيت گھڻ رخي هئي هن هڪ ئي وقت مختلف رخن ۾ سنڌ جي خدمت سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ مظلوم ۽ غريب ماڻهن سان همدردي پڻ رکي آهي ۽ پنهنجي طور تي هر ممڪن سندن مدد به ڪئي آهي. سنڌ جي هن مولائي مزاج واري انسان جي وفات 12فيبروري 1978ع ۾ ٿي. مولائي شيدائي جي شايع ٿيل ڪتاب جي علاوه هن جا لکيل اڻڇپيل ڪتابن جو تعداد ٽيهن کان مٿي ٻڌايو ٿو وڃي. جيڪڏهن اسين سڀ واقعي ئي به هن عظيم مؤرخ جي ڪيل ڪارنامن کي ڀيٽا ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان جي سرڪاري ادارن ۽ اشاعتي ادارن کي گھرجي ته مولائي شيدائي جي ڪتابن کي شايع ڪرايون ائين ڪرڻ سان سنڌ جي جھولي، تاريخ جي ڪتابن سان ڀرجي ويندي پر اها ئي هن عظيم محقق جي ڪيل خدمتن جي سڀ کان وڏي مڃتا به ٿيندي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان جو مولائي شيدائي

    مهرباني ادا ممتاز

    رحيمداد مولائي شيدائي جو سنڌ تي لکيل تاريخي ڪتاب جنت السنڌ ڪنهن به طرح ڪنهن دستاويز کان گهٽ ناهي۔ جيڪڏهن سندس اڻ چپيل مواد کي به ڇاپيو وڃي ته اها سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جي سوڀ ٿيندي۔

    اوهان جي اهڙي ونڊ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان جو مولائي شيدائي

    ادا ممتاز، اوهان جا ٻئي چونڊ ڪيل موضوع ، سنڌ جي سڄڻ مولائي شيدائي تي پڙهڻ لا مليا، تمام سٺا لڳا ۽ اسانجو سلام آهي سنڌ جي سڄڻن کي پر هن سڄي ساري ليک مان آ صرف ان ليک جو هڪ جملو ئي ورجائيندس ۔۔۔

    “مولائي جي قبر وانگر سنڌ جي تاريخ به افسرده آهي”

    هن جملي ۾ سڄي ڳالهه ٿيل آهي ۔۔۔ باقي اوهان پاڻ سياڻا آهيو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,837
    ورتل پسنديدگيون:
    2,482
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي ۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي

    ادا ممتاز تمام بهترين ۽ ڪارائتا مقالا ونڊڻ لئه ٿورا اوهان جا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو