گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

    [justify]
    1. سڀ کان پهريان هر شهر، هر ڳوٺ، هر واهڻ وستيءَ ۾ سڄاڻ نوجوانن تي مشتمل ڪميٽيون ٺاهيو جيڪي پاڻ عملي وارن سان گڏجي گهر شماري ۽ آدم شماري ڪرائين.

    2. اهي علائقا جيڪي مها ٻوڏ هيٺ هئا ۽ آهن، اتي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪو به گهر ۽ فرد گهر شماري ۽ آدم شماريءَ کان وانجهيل نه رهي، هنن علائقن جهڙوڪ ڪوهستان، ڪاڇو، ننگر پارڪر، جوهي، دادو، لاڙڪاڻو، وارهه، جيڪب آباد وغيرهه جهڙن علائقن تي خاص اک رکي وڃي.

    3. لکين لاڏائو گهرن جا پکا ۽ تنبو پڻ شماريات جي انگن اکرن ۾ ڳڻيا ۽ ڳڻايا وڃن، انهن ۾ ٻوڏ متاثرين جيڪي روڊن ۽ رستن ڀرسان ڪيمپن ۾ قيد آهن انهن کي پڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ لکايو ۽ ڳڻايو وڃي.

    4. هر اهو ماڻهو جيڪو شادي شده آهي انهيءَ جو الڳ گهر لکيو وڃي، پوءِ ڀلي هو هڪ ويڙهي ۾ گڏ ئي ڇو نه رهندو هجي.

    5. ٻوليءَ واري خاني ۾ پنهنجي ٻولي صرف ۽ صرف ”سنڌي“ لکرايو، پوءِ ڀلي اهو ماڻهو سرائڪي، بروهي، بلوچي يا ٻي ڪا ٻولي گهر ۾ ڳالهائيندڙ هجي.

    6. آدم شماريءَ ۾ بيشڪ هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻار ئي ڇو نه هجي، انهيءَ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو وڃي.

    7. ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ”عورتن“ جي تعداد کي برابر لکرايو وڃي ته جيئن ڪا به عورت يا ڇوڪري ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، جنهن کي اڪثر ماڻهو لکرائڻ پسند ئي ناهن ڪندا.

    8. پنهنجن پنهنجن علائقن جي باقائدي چوڪسي ڪندا رهجو، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪو ڌاريون ڪنهن به صورت ۾ آدم شماريءَ ۾ نالو لکرائي سنڌين جي حق تي ڌاڙو نه هڻي، گهڻائي ظاهر ڪري اتان جون صوبائي ۽ قومي سيٽون کٽي مالڪ بڻجي وڃن.

    9. ڪراچي جي پسگردائي ۾ رهندڙ سنڌين جي گهر شماري ۽ آدم شماري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.[/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

    بهترين ادا تمام ڪارائتي ڳالھيون آهن ، هن تي ضرور عمل ٿيڻ گهرجي ، مهرباني اهڙي ونڊ لا
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

    سائين سليمان صاحب لاجوا ب معلوماتي ليک آهي مون کي اهي مٿيون هدايتون ڏاڍيون وڻيون

    هاڻي ان تي به عمل ڪبو ۽ عمل ڪرائبو انشاالله


    اهڙي نموني سان رهنمائي ڪندا رهجو فلحال اخبار پڙهن جيترو ٽائيم ئي نه آهي

    قرب

    لک ٿورا

    سدائين گڏ
     
  4. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

    ڏاڍو ڀلو ڪم آهي هر طرف آواز اٿاريو
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو