ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي ادب ۽ شاعري جو بودلو بهار: ذوالفقار راشدي
مختصر تعارف:
پورو نالو: سيد ذوالفقار علي شاهه،
ادبي نالو: ذوالفقار راشدي
ولد: سيد محمد امام شاهه راشدي
جنم ڏڻ: 10 مارچ 1938ع،
جنم ھنڌ: پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو (تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو)
ابتدائي تعليم: وڳڻ، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو مان
تعليم: بي اي، ايل ايل بي
سماجي حيثيت: پنهنجي موروثي گاديءَ جو اٺون پڳدار
ادب ۾ شعبو: شاعري ۽ تنقيد
لکڻ جي شروعات: 1949ع، شاعريءَ سان
پهريون ڇپيل شعر: ماهوار “اسان جي منزل” (دادو) ۾ 1952ع ۾ ڇپيو
صحافتي حيثيت ايڊيٽر هفتيوار اخبار “هاري” 1953ع کان 1954ع
ايڊيٽر ۽ پبلشر: هفتيوار “مذهب انسانيت” 1960ع
ڇپيل ڪتاب: 1- سوچ کي لوڇ (شاعري مجموعو) 1982ع 2- ڪسوٽي (تنقيد) 1986ع
وفات: 26 آگسٽ، 1986ع
ادبي نالو: ذوالفقار راشدي
ولد: سيد محمد امام شاهه راشدي
جنم ڏڻ: 10 مارچ 1938ع،
جنم ھنڌ: پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو (تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو)
ابتدائي تعليم: وڳڻ، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو مان
تعليم: بي اي، ايل ايل بي
سماجي حيثيت: پنهنجي موروثي گاديءَ جو اٺون پڳدار
ادب ۾ شعبو: شاعري ۽ تنقيد
لکڻ جي شروعات: 1949ع، شاعريءَ سان
پهريون ڇپيل شعر: ماهوار “اسان جي منزل” (دادو) ۾ 1952ع ۾ ڇپيو
صحافتي حيثيت ايڊيٽر هفتيوار اخبار “هاري” 1953ع کان 1954ع
ايڊيٽر ۽ پبلشر: هفتيوار “مذهب انسانيت” 1960ع
ڇپيل ڪتاب: 1- سوچ کي لوڇ (شاعري مجموعو) 1982ع 2- ڪسوٽي (تنقيد) 1986ع
وفات: 26 آگسٽ، 1986ع
ايترن ڦاهن ڦڪڻ مان فائدو؟،،،،،پيار کان انڪار جو اوڙهي نقاب،،،،،هانو تي ٺوڪر سهڻ مان فائدو؟،،،،جاني چتائي ڏس اهو آهي “ذوالفقار”،،،،جو آهي پنهنجي وقت جو بودلو بهار،،،،،۔۔۔۔۔آخر ۾، ٽهڪن ۽ خوشين ڀريو تاثر کنيو، غلام محمد گرامي صاحب کان موڪلائي نڪتاسين. ڪار جڏهن سپر هاءِ وي تي، ڄامشوري وارو ٽول پلازه ٽپي ته، هڪ ٽرڪ اسان جي اڳيان ڪراچي جي طرف وڃي رهي هئي. پويان وڏن اکرن ۾ لکيل هئس؛ “ذرا فاصله رکين”. ذوالفقار راشدي مون ڏي ڏسي چيو؛ “ڀلي اهي اکر/ الفاظ ڪنهن ڄٽ لکيا هجن، پر انهن کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهي وڏي معنى ۽ مفهوم رکن ٿا. زندگيءَ ۾، عام ماڻهن سان ملڻ وقت، فاصلو رکڻ ضروري آهي، نه ته ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا.”ذوالفقار راشدي، پيدائشي شاعر هو. جڏهن سندس عمر فقط 14 ورهيه هئي، تڏهن ماهوار “اسان جي منزل” دادو ۾ 1952ع ڌاري سندس هي شعر پهريون دفعو ڇپيو هو:۔۔۔۔هي منهنجي داستان ۾ وڃي رهندو يادگار،،،،،ناهي هي شعر دل جو آهي درد، ذوالفقار۔۔۔۔.هو پيدائشي شاعر هوندي به مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪيٻائيندو هو. چوندو هو؛ “مشاعرن ۽ اسٽيج واري شاعري ۾ هڪ جيترو معيار ڪونهي.”
سٺي شاعر سان گڏ، ذوالفقار راشدي جو نالو، ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص طور ون-يونٽ ۽ پوءِ ايندڙ دور جي، پهرين ۽ عمدن نقادن ۾ به ڳڻيو وڃي ٿو. سنڏي ادب ۾ ذوالفقار راشدي کي اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا اردو ادب ۾ هندستاني اديب ۽ نقاد، مرحوم رشيد احمد صديقي کي حاصل آهي. اردو زبان جو نامور اديب ۽ نقاد، ڊاڪٽر گيانچند پنهنجي ڪتاب “تحقيق ڪا فن” ۾ لکي ٿو:“تحقيق؛ عربي زبان ڪا لفظ هي. جس ڪي حروف ت ح ق ق هين. اس ڪا مطلب هي حق ڪو ثابت ڪرنا يا حق ڪي طرف ڦيرنا.”اردو ادب جي اهم نقاد، ڊاڪٽر گيانچند جي ڏنل مٿين راءِ کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن ذوالفقار راشدي جي تنقيدي مضمونن جو مطالعو ڪبو ته محسوس ٿيندو ته ذوالفقار راشدي هڪ معتبر نقاد آهي. سندس تنقيدي مضمونن ۾ ڪنهن به قسم جي پاس خاطري ڪانه ملندي. بلڪ استدلال، منطقي ربط، متن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، ان جو لب و لهجو يڪ-طرفو نه پر اڻ-ڌريو محسوس ٿيندو. پنهنجي مزاج ۽ ڳالهائڻ وانگر، هن جي تنقيد ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ به ڌيما ۽ اعتدال وارا هئڻ سان گڏ، کيس تمام اونهو ذهني شعور رکندڙ ۽ گهڻ-پڙهيو هئڻ ثابت ڪن ٿا. کيس عام نقادن جي صف مان ڪڍي، الڳ ۽ نمايان حيثيت ڏيارين ٿا.تنقيد وانگر، ذوالفقار راشدي جي غزل کي به انفرادي حيثيت حاصل آهي. سادي ۽ فصيح انداز ۾، حسن ۽ عشق جي معاملن ۽ صوفياڻي فڪر کي، غزل جي ڍانچي ۾ اهڙو ته فٽ ڪيو اٿائين جو سندس غزل جي موضوع ۾ گهرو سماجي شعور نظر اچي ٿو. سنڌي غزل کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. اها به حقيقت آهي ته ذوالفقار راشدي ان زماني ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏهن لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ “بلبل بيقرار” جون صدائون ختم ڪونه ٿيون هيون. هن پنهنجي قدرتي صلاحيتن سبب، سنڌي غزل کي نين روايتن سان سڃاڻپ ڪرائي. ان کي خاص معيار عطا ڪيائين. هن شاعري ۾، بيجا انڌي تقليد کان پاسو ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس سموري شاعريءَ ۾، پنهنجي انفراديت قائم آهي. آزاد حياتيءَ جي جدوجهد، محبوب جا ماڻا ٽاڻا، شاعري ۾ هن جا پسنديده موضوع هئا. جڏهن محبوبن جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پوي ٿو ته بي اختيار چوي ٿو:۔۔۔توبهه هي انتظار، اسان کان نه ٿو پڄي،،،،،لٽجي وڃي قرار، اسان کان نه ٿو پڄي.،،،،،۽ ڪنهن محبوباڻي طعني ملڻ تي چئي ويٺو:،،،،ڪنهن چلڪڻي ۽ شوخ چيو ڊڄڻا ذوالفقار،،،،،توسان ڪريون پيار، اسان کان نه ٿو پڄي.
ذوالفقار راشدي زندگيءَ ۾ به کرو ماڻهو هو ۽ ڪا ڳالهه گجيءَ ۾ لڪائي رکي ڪونه سگهندو هو. تڏهن پاڻ ئي چوي ٿو:
۔۔۔۔سرءَ کي چئون بهار، اسان کان نه ٿو پڄي