هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]
    هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن ​

    آمريڪي افواج ۽ ان جي اتحادي فوجون ليبيا تي ڪاهجي پيون آهن ۔ جن ليبيا جي سول توڙي فوجي ٺڪاڻن کي تباهي جا نشان بڻائڻ شروع ڪيو آهي ۔ ڏسون ته هاڻي هن جو نتيجو ڇا ٿو نڪري ۔ آءُ اهو نه ٿو چوان ته هن حملي ۾ ڪهڙي ڪهڙي عرب ملڪن جو هٿ آهي ، ڪنهن ڪنهن هن سازش ۾ ڪيترو حصو ملايو آهي ۔ ليبيا جي بادشاهن ۾ ان جو ڪيترو قصور آهي ، نه اهو ئي چوندس ته هي هي ڇا آهي منهنجو مقدمو ته پڙهندڙن اڳيان آهي ته ڇا ٿا چون ۔
    هڪ دوست جي ڪهاڻي ياد پئي اچي هن ٻڌايو ته الحمد لله اسان ٽي ڀائر آهيون منهنجو وڏو ڀاءُ ڳوٺ ۾ رهندو آهي ۔ اسان جو بچپن انتهائي غربت ۾ گذريو ادا ۽ اسان جي مرحوم ماما مونکي پڙهايو ۔ ميٽرڪ کان پوءِ آءُ ڪراچي اچي روزگار سان لڳس۔ مون ننڍي ڀاء کي پڙهايو ۽ اهو به ميٽرڪ ڪري ڪراچي ۾ نڪري آيو بعد ۾ اسان ٻنهي گڏجي ڀائٽي کي پڙهايو ۽ ان کي به هن شهر ۾ وٺي آيا سون شاديون ڪيون سين ته اسان ٻئي ننڍا هن شهر ۾ عليحده عليحده گهر وٺي رهڻ لڳاسين ۔ اسان ڀائرن جي وچ ۾ ڪجھ ناچاڪيون وڌڻ لڳيون ۽ ان جي وجوهات اسان جو خاتون خانه هيون ۔ڪجھ اڻ سهندڙ ماڻهن به اسان جي انهن معاملن کي هواؤن ڏنيون۔ هڪ ڏينهن هڪ همراه پنهنجي ڪنهن ڪم سانگي ڪراچي آيل هو ۽ منهنجي گهرواري جي رشتي ۾ چاچو لڳندو هو سو اچي مهمان ٿيو ليڪن اسان کي خبر هئي ته هي ماڻهون اسان جي ڳوٺ جو شرارتي ترين ماڻهون آهي ۔ هي مون وٽ ٻه ڏينهن رهيو پر ڇا نه هن منهنجي ڀاءُ جي خلاف مونکي ڀڙڪايو۔ مون هن جي ڀڙڪائڻ تي پنهنجو پاڻ سان اهو عهد ڪري ڇڏيو ته هاڻي آءُ ادا سان نه ملندس هن سان فون وغيره تي ڪو نه ڳالهائيندس ۔ ڪجھ مهينا گزريا هوندا ته اسانجو اهو مامو جنهن اسان کي مشڪل وقت ۾ پي ٿي ڪري پاليو هو بيمار ٿي پيو ادا وڏو ان سان اسپتال ۾ آيو اسان ويٺا ها سون نه چاهيندي اسان ڀائرن هڪ ٻئي سا ڳالهايو ٿي ادا جيڪو ظاهر پڙهيل لکيل نه هو پر هڪ عجيب سوچ رکندڙ اسان جي زهنن کي پڙهندڙ هو اسان هن جي هٿن ۾ وڏا ٿيا ها سون سو شايد هو اسان جي سوچن کي به سمجهي پيو ۔
    هڪ ڏينهن اسان جڏهن ماما کان اٿيا سون ته هي مونکي وارڊ جي سامهون پارڪ تي ساڻ ڪري ويهي رهيو ۔ هن پهريان ته هيڏانهن هوڏانه جون ٿا لهيون ڪيون ۽ آخر موضوع تي آيو هن اسان کي ڪڏهن به اهو طعنو نه ڏنو هو ته ڪالھ مون اوهان سان چڱائي ڪئي هئي ۽ توهان ٻئي ڀائر اڄ مونسان نه ٿا ڳالهايو توهان کي منهنجا احسان ياد ناهن وغيره وغيره جيڪو اسان جي اڪثر ماڻهن جو وتيرو آهي ۔ ادا قصو هن انداز سان شروع ڪيو ته ماما جن ٽي ڀائر ها۔ ان مان ٻن ننڍن مامن ڌارين مان شادي ڪئي ۽ ماما وڏا کان جدا ٿي ويا۔ ٽنهي ڀائرن جدا جدا گهرن ۾ رهڻ شروع ڪيو ٽنهي ڀائرن ۾ ناچاڪيون وڌيون ته هڪ ٻئي کان بدگمان رهڻ لڳا جيڪو وڏو مامو اسان جو آهي هي ڏاهو ماڻهون هو سو هنڏٺو ٿي ته اسان ڀائر وڃون ٿا هڪٻئي کان پري ٿيندا ته هن پنهنجي جذبات جي قرباني ڏني ۽ ننڍن وٽ هلي ويو ته اچو اسان ڀائر ويهي پاڻ ۾ ڪجھ ڳالهايون جڏهن ڳالهيون شروع ٿيون ته هر ڪنهن پنهنجي داستان کولي ماما سڀني کي ٻڌو ۽ آخر ۾ چيائين ته ادا مون بس ڪئي مان توهان جو ڏوهي آهيان ۔ ٻين مامن چيو نه تون به ته ٻڌاءِ تو ائين ڇو ڪيو ته ماما چيو ادا ماڻهون مون وٽ به ايندا ها ۽ غلط خبرون ٻڌائي توهان ڀائرن کان بد گمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ها پر جيڪو به اهڙي ڪا ڳالھ ڪرڻ چاهيندو هو ته مان ان کي چوندو هيس ته ادا تنهنجي ته مهرباني پر يار ايترو ته ٻڌاءِ تون اسان ڀائرن جو ايترو همدرد ڪڏهن کان ٿيو آهين ته هو چپ ڪري ويندو هو۔ ادا جي ماڻهن اوهان کي منهنجي مطلق ڪا ڳالھ ٻڌائي هئي ته منهنجو توهان تي ايترو به حق نه هو جو توهان مونکي پنهنجي سفائي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو سو ادا مان اوهان ڀائرن سان ڪهڙيون ويهي ڳالهيون ڪيان ۔ هن همراه چيو ته مان سڀ سمجهي ويس ته ادا پنهنجي دل جي ڳالھ ڪهڙي نموني سان مون تائين پهچائي آهي ۽ جڏهن مان ماما وٽ ويس ته ماما ٻڌايو ته ڀاڻي هر ڪنهنجي ڳالھ ٻڌي ويندو آهي پر جي ڪو هن کي توهان ڀائرن جي باري ۾ ڪجھ چوندو آهي ته يا ان کي چپ ڪرائي ڇڏيندو آهي يا ان کي چوندو آهي ته ادا خير آهي هي منهنجا ڀائر آهن ڪا پريشاني ڪانهي ته مون ان ڏينهن پاڻ کي پڙهيل لکيل جاهل ڄاتو مون ڪيڏو نه غلط ڪم ڪيو آهي مون ڪيڏو نه پنهنجي ڀاءُ کي رنجايو آهي ۔
    سو اڄ جڏهن ٽيليوزن تي خبرون ٻڌان پيو تهآمريڪي فوج ۽ ان جي اتحادين ليبيا تي حملا سشروع ڪري ڏنا آهن ۽ جڏهن مون آمريڪا جا اتحادي ڏٺا ته آمريڪا برطانيه ڪينيڊا فرانس ۽ اٽلي جو فوجون حملا ڪري رهيون آهن ته ادا جي هي ڳالھ ذهن ۾ تري آئي ته هي اسان جا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن جن کي ليبيا جو عوام خوش آمديد ٿو چوي پيو پر ان جي پٺيان به هڪ ٻيو واقعو ياد پيو اچي ڪجھ سال پهريان جي ڳالھ آهي اسان جي ڳوٺ م ميلو هو اسانجو رات جو جڏهن ميلي تان موٽيا سون ته اسان ڏٺو اسان جو ڏاند چور چوري ڪيون وڃن ٿا ۔ اسان هنن جو پيڇو ڪيو ته هي هڪ قبرستان مان گذرڻ لڳا ته هنن چورن ۾ هڪ اسان جو پنهنجو عزيز به هو هن چيو ته ڪاٿي آءُ ظاهر نه ٿي پوان هن ڇا ڪيو ته قبرستان ۾ ٻوڙا ها هي همراه انهن ٻوڙن ۾ لڪي بيهي رهيو جڏهن ڳوٺ وارا اڌ اڳتي ۽ اڌ پئتي ها ته هي همراه به ٻوڙن مان نڪري چور چور ڪرڻ لڳو جنهن جي اسان کي دير سان خبر پئي۔ ته هي جيڪي آمريڪي فوج کي ڀليڪار ٿا چون پيا ته هنن ڇا ڪيو آهي ۽ هنن جي سزا ڪيڏي وڏي هوندي آهي ۔ اڄ ڏينهن تي اسان جي ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن جو ڪو به حملو ڪامياب ناهي ٿي سگهيو ته انجي وجه اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻ ۾ ان معاهدي جي پاسداري آهي ته پاڻ ۾ ڀلي ڪيترا به وڙهيل هجون پر ٻهرين کي ڪڏهن اهو ڏيک نه ڏينداسين ته تون اچ ۔
    هي انٽرنيشنل ڌاڙيل قاتل ، لٽيرا ڪنهن کان لڪل ته ناهن پوءِ جي هنن مير جعفر ۽ مير صادق هنن کي ڀليڪار ڪئي آهي ته هن جو نتيجو هنن لاءِ به ڪو چڱو نه نڪرندو توهان به هتي ته اسان به هتي۔
    [/justify]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    جي ادا بلڪل اوهان جي ڳاله سو فيصد سچ آهي جاني بس بابا دين اسلام جي دشمنن مان خير جي توقع ڪندڙ مسلمانن جي سوچ تي افسوس آهي
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    اوهان جي ڳاله صحيح آهي
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    سائين اسان جي حالت به ته ان شعر جيان آهي ته
    نه هاٿون ۾ جنبش به پائون ۾ زور
    اي خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين
    بس دعا ڪرتي رهتي هين ليٽي ليٽي
    خدا ڪري جرمن ڪي توپون ۾ ڪيڙي پڙين
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    ادا سائين ! اهي ا سان جا سڄڻ ته نه آهن پر دشمن آهن، انهن کي هٿ سان موقعيا ته نه ڏيون نا ۔ لبيا هن وقت به قبيلن ۾ وراهيل آهي ، هڪڙي قبيلي جو حڪمران 30 سالن تائين پنهنجي قبيلي جي ما ڻهن کي ٻئي قبيلي جي ماڻهن تي هر ڳالھ ۾ ترجيھ ڏيندو ته ان جو نتيجو اهڙوئي نڪرندو ۔
    بحرين ۾ به ساڳي حالت آهي ا تي حڪمران اقليتي فرقي سان لاڳاپو رکي ٿو ۽ ر اڄ جي گھڻائي ٻئي فرقي واري آهي ۔ باقي عدن ، مصر ۽ تنزانه ۾ غربت جي ڪري انقلاب اچن پيا ۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    بس ادا پوءِ حڪمتِ پروردگار آهي ته هو ظالم کي ظالم سان ٽڪرائيندو آهي
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    اوهان جي مضمون ۾‌حالات جي عڪاسي ٿيل آهي ،

    اهڙو بهترين مضمون جوڙڻ تي اوهان کي مبارڪون هجن ۔

    ادا اهي حقيقتون آهن جيڪي اسان جي اڳيان آهن ،

    الله تعالى شل مسلمانن جون اکيون کولي!!!!
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    [justify]

    سائين الله ته اسان جون اکيون کولڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن نبي اولياءِ رسول وغيره موڪليا پر اسن جي ڪبوتر جيان ٻلي کي ڏسي اکيون بند ڪيون آهن ته الله اسان کي ڇا ڪري ڇا نه شاه صاحب جو شعر آهي
    آهي گهڻو اگهن جو ترس طبيبن
    وس ڪيا ويڄن تان ڪري ري ڪيئن نه ٿئي [/justify]
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هي اسانجا ڪڏهن کان سڄڻ ٿيا آهن

    زبردست ادا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو