علي احمد بروهي - سنڌي ادب جو چوٽيءَ جو مزاح نگار ۽ اديب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علي احمد بروهي جي ورسي جي موقعي تي سندس سوانح حيات جو ڪتاب ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪيو ويو آهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علي احمد بروهي : اسان جو بزرگ

    مير نادر علي ابڙو

    علي احمد بروهي سان منهنجو واسطو ننڍپڻ کان وٺي هئو جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مون کي آڱر کان وٺي علي احمد بروهي وٽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ويندو هئو. علي احمد بروهي منهنجي والد جي پراڻن دوستن منجهان هڪ هو. بروهي صاحب سان منهنجي گهڻي ڀاڱي ٽيليفون تي ئي ڪچهري ٿيندي هئي، جڏهن به زندگي ۾ مون کي ڪا تڪليف پهتي ته مان کيس ٽيليفون تي ياد ڪندو هوس ۽ هو يڪدم منهنجي داد رسي ڪندي چوندو هو ته “من فڪر نه ڪريو اسان جو اوهان جا بزرگ ويٺا آهيون”
    سندس اهو هڪڙو جملو هانوَ تي ڇنڊو وجهندو هو ۽ احساس ٿيندو هو ته والد جي وفات کانپوءِ به مان ننڌڻڪو ڪو نه آهيان ۽ وڏي وڻ جي ڇانو اڃا برقرار آهي. قدرتي طور هن جي مزاج ۾ ننڍن کان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو واري ڳالهه سمايل هئي. ڀلي کڻي بيمار هجي يا مصروف پر ٽيليفون تي ضرور ڳالهائيندو هو.
    سنڌ جي هن جهوني ڏاهي ۱۹۲۰ع تي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جي تعلقي اوٻاڙي جي ننڍڙي ڳوٺ کنڀرا ۾ اک کولي، شروع کان ئي محنت ۽ علم سان شوق رکيائين. پرائمري تعليم ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۰ع ڌاران سنڌ جي وڏي درسگاهه سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿي نڪتو. ۱۹۴۱ع ڌاران بحري فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۴۶ع ڌاران ممبئي رائل انڊس نيوي ۾ ڪم ڪرڻ دوران سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ۽ ڀرپاسي جي اڏن تي برطانيا حڪومت سان بغاوت جي الزام ۾ کيس چار سال سزا پڻ ملي ۽ ملڪ جي آزادي کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ ان جي سرڪار خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ بغاوت جي ڪيس مان جان آجي ٿيس.
    ۱۹۵۰ع تائين ڪافي اخبارن ۾ لکندو رهيو جنهن دوران ۱۹۵۰ع ۾ هڪ مضمون لکڻ عيوض سندس خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، انهي کانپوءِ وري مختلف کاتن ۾ سرڪاري نوڪريون ڪندو رهيو. شيخ سلطان ٽرسٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. جتان آخر ۾ رٽائر ڪيائين.
    سنڌ جي هن ڏاهي ڪافي مشهور ۽ معياري قسم جا سنڌ جي عوام کي ڪتاب پڻ لکي ڏنا ۽ ان کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو. مختلف سرڪاري عهدن دوران سرڪاري طرح دنيا جي ڪافي ملڪن جا دورا ڪيائين، جن ۾ آمريڪا، چين، ملائيشيا، اٽلي، فرانس، انگلينڊ ۽ ٻيا شامل آهن. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۴۷ع دوران نيوي ۾ بغاوت ڪيس ۾ هندوستان جي مختلف جيلن جي ياترا پڻ ڪيائين.
    ۱۹۴۷ع ۾ سنڌي اخبار قربانيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. پير علي محمد راشدي ۽ جي ايم سيد سندس ويجها دوست هئا، تن ئي کيس صحافت جي دنيا ۾ آندو. ۱۹۵۲ع ۾ جوشيلا مضمون ۽ ڪالم لکڻ جي ڪري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيا، جنهن ڪري سکر مان فرار ٿي خيرپور رياست ۾ روپوش ٿي ويو، جتي خيرپور اسٽيٽ جو وزيراعظم قزلباش هو، جنهن هن سنڌ جي ڏاهي کي مڃتا ڏيندي پنهنجو اطلاعات جو آفيسر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ دوران علي احمد بروهي جون خدمتون خيرپور رياست مان حڪومت حوالي ڪيون ويون ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اطلاعات رهيو. ۱۹۵۷ع ۾ ڪميشن پاس ڪري لاهور ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ ملڪ اندر سياحت کاتي جي پهرين ڊائريڪٽر طور تعيناتي ٿيس. جنهن دوران سياحت کاتي ۾ بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت کيس تربيت هيٺ لنڊن موڪليو . بروهي صاحب کي مختلف وزيرن جي پي آر او، رهڻ دوران انهن سان اختلاف ٿي وڃڻ سبب سردين ۾ ڪوئيٽا ۽ گرمين ۾ ملتان موڪليو ويندو هو.
    علي احمد بروهي کي ۱۹۷۰ع ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن سنڌ بڻايو ويو. ۱۹۷۲ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو سان اختلاف ٿيڻ ڪري بروهي صاحب کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ علي احمد بروهي کي مارشلا حڪومت ۾ وري سڏايو ويو ۽ کيس ڊائريڪٽر جنرل ريفرنس اينڊ ريسرچ ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جلد ئي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ مقرر ڪيو ويو، پر پنهنجي ارڏي طبيعت اصولن تي سوديبازي نه ڪندي، وري هميشه جيان چيف سيڪريٽري سنڌ سان اختلافات چوٽ چڙهڻ ڪري رٽائرمينٽ حاصل ڪئي ۽ رٽائرمينٽ بعد۱۹۸۰ع کا ن ۲۰۰۱ع تائين شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو آيو.
    عمر جي آخري حصي ۾ الطاف حسين کان متاثر ٿي سن ۲۰۰۱ع ۾ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ متحده جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر ٿيڻ کان پوءِ کيس ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو، آخري گهڙي تائين متحده سان واڳيل رهيو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هڪ پل وارو دوستاڻو اهم ڪردار ادا ڪيو.
    علي احمد بروهي جهڙا انسان ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندس اکين ٻوٽڻ کان پوءِ پيدا ٿيل خال ڀرڻ پري پري تائين ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. سنڌ جي هن سپوت جون ڪيل خدمتون سنڌ جي تاريخ سنهري لفظن ۾ صدين تائين سانڍيندي ايندي. اهڙا شخص ئي سنڌ جي روايتن جا امين آهن ۽ اسان جي نوجوان ٽهي لاءِ مشعل راهه آهن.
     
  4. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو چوٽي جو اديب صحافي ۽ دانشور علي احمد بروهي جي ياد ۾
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سنڌ جو هي ناميارو اديب علي احمد بروهي 11نومبر 1920ع ڌاري ڪريم بخش بروهي جي گهر ڳوٺ کنڀڙا تعلقو اوٻاوڙو ضلعي گهوٽڪي ۾ اکيون کوليون ، سندس والد صاحب پهريان ڪئنال آبدار ٿيو بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي پوليس کاتي منجهه جمعداري جي پوسٽ تي ملازمت ڪرڻ لڳو علي احمد بروهي صاحب جو ناتو ڏيهان ڏيهه مشهور قانوندان (اي_ڪي _بروهي ) صاحب جي ڪٽنب سان هو ، علي احمد بروهي سندس پاڻ ننڍو ڀاءَ هو ،هن ننڍپڻ جي تعليم شروعاتي اوٻاوڙي ، ۽ ڳڙهي ياسين منجهان ورتي ۽ ثانوي تعليم وري هن ڪراچي سنڌ مدرسته الاسلام منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيو ، هن ڏاهي ۽ سنڌي زبان جي مزاحيه اديب ابتدائي زندگي جي ڏينهن منجهه (سونارڪي ) ڪرت سان گڏ (ڊکڻائڪي ) ڪرت ۽ سيڌي سامان جو (هٽ) دوڪان به کولي پنهنجي زندگي جو گاڏو هلايو .هي سيبتو سنڌي ادب جو مزاحيه نگار ٿي گذريو آهي هن پنهنجي دور ۾ مزاحيه ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکي سنڌي ادب منجهه پنهنجو نالو نروار ڪرايو سال 1940ع يا 1941ع ڌاري هن سامونڊي فوج ۾ وائرليس ٽيليگرافسٽ جي عهدي سان سلهاڙجي ملازمت اختيار ڪئي ان زماني ۾ سندس ٽرينگ لاءِ بمبئي موڪليو ويو ، ٻئي مهاڀاري جنگ واري زماني ۾ (رايل انڊين نيوي ۾ ملازمت ڪندي گذاريائين ، تنهن بعد گرفتار ٿيو اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن وجود ۾ آيو ته سال 1948ع ۾ کيس جيل منجهان آزادي ملي ، علي احمد بروهي جلد سال 1948ع کان 1950ع واري عرصي دوران پنهنجي شهر ڳڙهي ياسين جي هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو ، ۽ جلدي وري صحافتي لڏي سان سلهاڙجي ويو پهريان پهريان سکر شهر منجهان روزاني انقلاب تنهن بعد وري هفتيوار منشور سکر منجهان ۽ آخر ۾ وري قرباني ۽ (صدائي سنڌ) جو ايڊيٽر جا فرص سرانجام ڏيندو رهيو ان کان علاوه علي احمد بروهي صاحب کي ان زماني منجهه سکر ۾ هڪ ننڍڙي ساندار پرٽنگ پريس پڻ هئي جنهن جي ضبط ٿيڻ بعد سال 954ع ڌاري علي احمد برهي صاحب خيرپوررياست جي سڌ سماءَ (انفارمينشن ) کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪئي ون يونٽ سبب رياستي کاتا ختم ٿيڻ بعد هي لاهور ، ڪوئٽيا ، ملتان ، ۽ ڪراچي ۾ انفارمينشن کاتي جي ڊائريڪٽر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو سال 1971ع ڌاري شهيد ذولفقار علي جي حڪومت ۾ سياسي بنياد تي نوڪري مان حڪومت چوڏهن سو عملدارن واري لسٽ ۾ آڻي نوڪري مان فارغ ڪيو ، تنهن بعد هن نوڪرين کي نه ڇڏيو (بخش گروپ آف انڊسٽريز) جو قانوني صلاحڪار پڻ مقرر ٿيو ، تنهن بعد وري فوجي حڪومت سال 1978ع ڌاري کيس واپس نوڪري تي بحال ڪري سرڪاري ملازمت جي عهدي (ڊائريڪٽر جنرل ريفرنس ريسرچ )اسلام آباد جي عهدي تي فائز ڪيو سال 979ع ڌاري علي احمد برهي صاحب حڪومت سنڌ جي اطلاعات ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو . جنهن عهدي تي سال 980ع تائين ڪم ڪندو رهيو . جتان سال 1980ع ڌاري نوڪري تان رٽائر ٿي . وفاقي وزارت جي ماتحت هلندڙ (شيخ سلطان ٽرسٽ ) جو ڊپٽي ائڊمنسٽر جو عهدو سڀاليائين . علي احمد بروهي صاحب ڪافي عرصو سرڪاري فلمن جو ڊائريڪٽر پڻ ٿي گذرايو جنهن عرصي منجهه سندس سنڌ بلوچستان جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪافي فلمن مشهوري ماڻي علي احمد بروهي صاحب جي پهرين فلم سورت (الرحمن ) متعلق هئي علي احمد بروهي صاحب تمام گهڻا سير سفر ڪري ڪافي ملڪ گهمي ڏٺا هن سنڌي ادب جي سيبتي اديب سال 1950ع واري زماني ۾ علي احمد برهي صاحب هڪ زبردست سٺو مزاحيه نگار مشهور ٿيو هن جي ڪهاڻين سنڌي ادب ۾ ڌوم مچائي ڇڏي جنهن منجهه عثمان حجم جو ڏند ڪڍڻ ، عثمان حجم جو روزو رکڻ مزاحيه ڪردار جو بهترين ۽ شاندار نمونو ۽ اعلي مثال آهن ان کان علاوه علي احمد بروهي صاحب کي لکڻ سان پڻ لڳاءَ هوندو هيس هن جا سوين ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ،رسالن ، جي زينت وقت به وقت بڻجندا رهيا کيس بهترين ڪالم نويسي جو انعام پڻ حاصل ڪيائين علي احمد برهي صاحب سنڌي کان سواءِ انگريزي زبان ۾ پڻ ڪتاب لکيا .سندس ڪالمن جا ڪتاب ( ڄام ڄاموٽ ڄامڙا ،) واٽ ويندي ، سڏن مٿي سڏڙا ، لاهوتي لڏي ويا ، وتايو فقير ، ڪک پن ، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيون ، دي ٽيمپل آف سن گاڊ وغيره لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي . سنڌ جو هي مزاح نگار سيبتو اديب سومر ڏينهن پهرين ڊسمبر 2003ع ڌاري سڀ کل ڀوڳ ختم ڪري 83سال 20 ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿيو علي احمد بروهي صاحب جو ادبي پورهيو هميشه لاءِ ياد رهندو اڄ سندس ترهين ورسي ملهائي پئي وڃي . . ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو