مرد جيڪڏهن عورت تي هٿ کڻي ته ظالم ۽ جيڪڏهن عورت جي هٿان مار کائي ته رن جو غلام، جيڪڏهن عورت جي اڳيان هلي ته فرعون جي پويان هلي ته زال جو مريد۔ جيڪڏهن عورت کي ڇڏي ڏي ته سنگدل جيڪڏهن عورت کيس ڇڏي ڏي ته نا مرد۔ عورت کي ڪنهن غير مرد سان گڏ ڏسي مشتعل ٿي ته ساڙوٽو جيڪڏهن ماٺ رهي ته بي غيرت۔ عورت کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ته دقيانوس نه روڪي ته عورت جي ڪمائي کائڻ وارو۔ عورت تي شڪ ڪري ته نفسياتي مريض عورت هن تي شڪ ڪري ته بي وفا۔ مرد گهر کان ٻاهر رهي ته آواره ، گهر ۾ رهي ته ناڪاره۔ ٻارن کي دڙڪا ڏي ته جابر ماٺ رهي ته لاپرواھ۔ عورت جي تعريف ڪري ته فلرٽ نه ڪري ته بد مزاج۔ زال جي فرمائش پوري نه ڪري ته ڪنجوس پنهنجي لاء ڪجھ نه وٺي ته زندگي مان بيزار۔
عورت ته روئي ، داهون ۽ ڪوڪون ڪري عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو حق مڃائي ورتو پر پنهنجي ئي مردانگي جي ڳوري پٿر هيٺان دٻيل مرد جو عالمي ڏينهن ڪڏهن ملهايو ويندو۔ ڇا مرد جي قسمت ۾ صرف عورت کي پرچائڻ ئي لکيل آهي ؟؟
حوالو : بي بي سي اردو ويب
تحرير : وسعت الله خان
ترجمو : سليمان وساڻ

خاص جهونن لاء لکيل (پنهنجي منهن ضرور کِلندا هوندا)
حوالو : بي بي سي اردو ويب
تحرير : وسعت الله خان
ترجمو : سليمان وساڻ