گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ.

    ٽرانسفر آف پراپرٽي ايڪٽ جي قانون ۽ محمڊن لاءِ جي مطابق تحفو/ گفٽ جو مطلب آهي ته پراپرٽي منقولا يا غير منقولا (Movable or Immovable) جي منتقلي/ٽرانسفر ڪنهن ٻئي جي حق ۾ بغير ڪنهن ڪنسيڊريشن جي (قيمت يا ايڪسچينج ۾ ٻئي پراپرٽي وٺڻ) مطلب ته، پراپرٽي والينٽريلي ڏيڻ کي گفٽ چيو ويندو آهي.

    گفٽ ڪرڻ واري کي قانوني اصطلاح ۾ ڊونر (Donor) چيو ويندو آهي ۽ جنهن کي گفٽ ڪئي ويندي آهي ان کي ڊوني (Donne) چئبو آهي.

    گفٽ پراپرٽي ڪرڻ وارئ ۽ گفٽ جنهن جي حق ۾ ڪيو وڃي، جي زندگي ۾ ڏني وڃي نه ته ٻنهي مان ڪنهن جي به وفات جي صورت ۾ گفٽ وائڊ (غيرقانوني) ٿي ويندو.

    مٿئين گفٽ جي تعريف مان اهو ظاهر آهي ته گفٽ بغير ڪنهن ڪنسيڊريشن جي هوندوآهي. جيڪڏهن پراپرٽي ٻئي پراپرٽي جي ايڪسچينج ۾ گفٽ ڪئي وڃي يا ڪنهن ٻئي ڪنسيڊريشن تي ڏني وڃي ته اهو سمپل گفٽ نه هوندو پر حبه بل عيوض (Gift With Exchange) هوندو. جنهن جو اسڪوپ سمپل گفٽ کان مختلف آهي.

    اسان جي قانون ۾ حبه (Gift) ۽ عيوض (Return Gift) ٻئي (Governed) ڪن ٿا گفٽ جي قانون جي تحت ۽ ٻنهي ۾ پراپرٽي منقولا يا غير منقولا (Movable or Immovable) جو قبضو ڏيڻ تمام ضروري آهي.

    گفٽ ڪالعدم (Revoke) ڪري سگهي ٿو گفٽ ڪرڻ وارو (Donor) ڪيڏي مهل به پراپرٽي جو قبضو عيوض (Exchange) ۾ وٺڻ کان پهريائين. پر عيوض ۾ پراپرٽي جو قبضو وٺڻ کانپوءِ يا ڪا ٻئي ڪنسيڊريشن وٺڻ کانپوءِ گفٽ، ڊيڪلريشن (Revoke) ڪالعدم/ڪينسل نه ٿي ڪري سگهجي.

    گفٽ/حبه جا اهم جزا (Essentials of Gift)
    گفٽ جا قانوني جزا هيٺان آهن؛-.

    1. گفٽ ڪرڻ وارو (Donor) جو بالغ، مضبوط ذهن ۽ فري ايجنٽ هئڻ ضروري آهي.
    2. گفٽ پراپرٽي منقولا يا غير منقولا جو (Donor) کي مالڪ هئڻ گهرجي ۽ ان پراپرٽي جو گفٽ ڪرڻ وقت وجود ۾ هجڻ ضروري آهي.
    3. گفٽ جنهن جي حق ۾ ڪيو ڃي ان جو وجود هئڻ ضروري آهي. ( ڀلي ٻار پنهنجي ماءِ جي رحم ۾ هجي).
    4. گفٽ جي ڊيڪلريشن (پروپوزل) پراپرٽي جا مالڪ (Donor) جي طرفان.
    5. گفٽ جي قبوليت (Acceptance) جنهن کي پراپرٽي گفٽ ڪئي وڃي (Donne) جي طرفان.
    6. پراپرٽي جو قبضو ڊونر جي طرفان ڊوني کي. (Actual or constructive).


    پراپرٽي جو قبضو (Donne) جنهن جي حق ۾ گفٽ ڪيو، کي ڏيڻ تمام اهم جزو آهي گفٽ جي ٽرانزيڪشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ. هن کانسواءِ گفٽ ڪمپليٽ نه ٿيندو آهي. جيستائين پراپرٽي جو قبضو نه ڏنو ويندو تيستائين اها پراپرٽي گفٽ ڪرڻ واري جي ڊسپوزل تي هوندي آهي ۽ ان جي وفات ڪرڻ کانپوءِ ان جي وارثن جي ڊسپوزل تي.

    مٿين گفٽ جي اهم ڪنڊيشن مان اهو صاف ظاهر آهي ته گفٽ تڏهن مڪمل ٿيندو جڏهن گفٽ ڪرڻ وارو (Donor) ڊيڪلريشن ڪندو ته هو پراپرٽي (Donne) کي گفٽ ڪري ٿو. (Donne) ان پروپوزل کي قبول ڪندو۽ پراپرٽي منقولا يا غير منقولا((movable or immovable )جو قبضو فزيڪلي يا ڪنسٽريڪٽو (ڪاغذن ۾) Donne کي Donor ڏيندو. جيڪڏهن انهي مان ڪا به ڪنڊيشن مس هوندي ته ان گفٽ جي قانون ۾ ڪا حيثيت نه هوندي ۽ اهو گفٽ (Incomplete) هوندو.

    گفٽ ڊيڊ ضروري نه آهي ته رائٽينگ ۾ هجي. گفٽ زباني به ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو (Valid) هوندو آهي. بشرطيڪه گفٽ ڪيل پراپرٽي جو قبضو (Donne) (جنهن جي حق ۾ گفٽ ڪيو ويو هجي) کي ڏنو ويو هجي.

    جيڪڏهن گفٽ پراپرٽي ڪرائيدارن (Tenant) جي قبضي ۾ هوندي ته (Donor) ڪرائيدارن جي موجودگي ۾ (Donne) کي (Constructive) قبضو ڏيندو ۽ (Donne) ان کي قبول ڪندو.

    جيڪڏهن (Donne) اڳ ۾ ئي پراپرٽي جي قبضي ۾ آهي ته (Donor) کي گفٽ ڊيڪلريشن جي ٽائيم تي هن کي فارمل قبضو ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.

    جيڪڏهن (Donne) جنهن کي پراپرٽي گفٽ ڪئي وڃي، گفٽ ڊيڪلريشن جي ٽائيم تي ٻار (Minor) يا ذهني معذور آهي ته. قانوني (Guardian) ان جي پاران (Behalf) تي گفٽ پراپرٽي جو قبضو وٺندو. پراپرٽي ٽرانسفر ان ٻار يا ذهني معذور جي نالي تي ٿيندي پر اهو ٻار پراپرٽي تي ڪنٽرول (Guardian) جي مدد سان ڪندو.

    جيڪڏهن مڙس پنهجي زال کي ڪا زمين گفٽ ڪئي آهي ان جي حق مهر جي عيوض ۽ مڙس گفٽ ڊيڊ ۾ اهو لکيو آهي ته هن زال (Donne) کي ان زمين جو قبضو ڏنو آهي ۽ هنجو ان زمين سان ڪنهن قسم جو واسطو نه آهي ۽ زال (Donne) ان زمين جي سڀني حقن کي استعمال ڪري سگهي ٿي ته گفٽ مڪمل سمجهوويندو ۽ زال کي فزيڪل قبضو نه ڏيڻ جي ڪري گفٽ (Invalid) نه سمجهيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڪاغذن ۾ مڙس (Donor) زال (Donne) کي قبضو ڏئي ڇڏيو هو.

    جيڪڏهن پراپرٽي والد يا والده پنهنجي ٻار کي گفٽ ڪري ٿي ته هن صورت ۾ پراپرٽي جو قبضو فريڪلي ٻار کي جيڪڏهن نٿو ڏنو وڃي تڏهن به اهو گفٽ (Valid) ۽ (Complete) آهي قانون جي نظر۾. ڇاڪاڻ ته ٻار پنهنجي والدين سان ان ساڳئي پراپرٽي ۾ رهندو ٿو اچي تنهنڪري هو پراپرٽي جي (Constructive Possession) ۾ هوندو آهي.

    گفٽ ڪڏهن به ڪنهن اهڙي شيءَ يا جائيداد جنهن جو وجود (Future) ۾ ايندو جي باري ۾ نٿو ڪري سگهي. مثلاُ: هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کي چوي ٿو ته مان تو کي قيمتي پٿر يا هيرا جيڪي مون کان وڃائجي ويا آهن گفٽ ڪيا آهن. انهن کي تلاش ڪري توهان کڻو. اهو گفٽ (Un-valid) آهي ابويوسف جي چوڻ مطابق اهو گفٽ (Void) غيرقانوني آهي ڇاڪاڻ ته اهو گفٽ (Speculation) تي منحصر آهي.

    جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهر ڪنهن ٻئي ماڻهو کي گفٽ ڪري ٿو ۽ ان جو قبضو Tress Passer (غيرقانوني قابض) وٽ آهي جڏهن ته پهرين ماڻهو غيرقانوني قابض کان قبضي وٺڻ جي لاءِ ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ ان ڪيس جي فيصلي کان اڳ ۾ هو مري وڃي ٿو ته اهو هڪ (Un-valid) گفٽ آهي ڇاڪاڻ ته گفٽ واري پراپرٽي جو مالڪ جو پراپرٽي تي گفٽ ڪرڻ مهل قبضي ۾ هجڻ ضروري آهي.

    جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا پراپرٽي گفٽ ڪرڻ وقت اهو چوي يا لکي ته جيستائين آئون جئيرو آهيان ته پراپرٽي جو قبضو مون وٽ رهندو. نه مان اها وڪڻندس نه ڪنهن ٻئي کي گفٽ ڪندس پر منهنجي مرڻ کانپوءِ ان پراپرٽي جي مالڪ اهو ماڻهو جنهن جي حق ۾ گفٽ ڪئي آهي ،ٿي ويندو قانون جي نظر ۾ اهو هڪ (Void) گفٽ آهي ڇاڪاڻ ته (Donne) کي پراپرٽي جو قبضو نٿو ملي ۽ اهو گفٽ (Donor) جي زندگي ۾ (Operative) نه ٿيندو،پر مالڪ جي مرڻ کان پو اهو گفٽ ايڪٽو ٿيندو جنهن جي ڪري اهو هڪ ڪمپليٽ گفٽ نه آهي.


    گفٽ جي باري ۾ قانوني ڄاڻ ڏيڻ انڪري ضروري هئ ته ڪا به پراپرٽي منقولا يا غير منقولا ( movable or immovable ) گفٽ ڪرڻ وقت مٿين ڄاڻيل اهم ڪنڊيشن جو خيال رکيو وڃي.جيڪڏهن هن قانوني معلومات مان ڪنهن هڪ به ميمبر يا انهن جي مائٽن يا دوستن کي فائدو مليو ته اسان سمجهندا سين ته اسان جي محنت رائيگان نه وئي.



    اسلام ( Hanfi school of thought )/ محمڊن لاء ۾ جيڪڏهن پراپرٽي جو مالڪ پنهنجي ڪنهن هڪ وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪرڻ چاهيندو ته هو one third of the property کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهئي۔ اصلي مالڪ جي وفات کان پوء وارثن ۾ باقي 2حصا تقسيم ڪيا ويندا۔جنهن هڪ وارث جي حق ۾ one third property گفٽ ڪئي ويئ هوندي هو به ٻين ٻن حصن مان پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو۔ پر جيڪڏهن مالڪ پراپرٽي پنهنجي قانوني وارثن کان سواء ڪنهن ٻئي ماڻهو جي حق ۾ گفٽ ڪرڻ چاهي ته هو سڄي پراپرٽي ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي 1/3 حصي جي پابندي نه هوندي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 جنوري 2015
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    [JUSTIFY]سائين محترم ميمڻ صاحب، تمام آسان لفظن ۾ تفصيل سان سمجهايل هن قانوني نقطي تي اوهانکي واڌايون هجن ۔۔۔ بيشڪ اسين ڪيتريون ئي شيون نه ڄاڻڻ سبب مشڪل ۾ هوندا آهيون ۽ ڪيترا ئي فيصلا نه ڪري سگهندا آهيون ۔۔۔۔

    هڪ سوال آهي ته هن ۾ اهو به چيل آهي ته ماءُ جي رحم ۾ پيل ٻار کي به گفٽ ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ اڳتي چيل آهي ته ڊوني Donne جي رضامند هجڻ ضروري آهي ۔۔۔؟؟؟ سوال ته رحم ۾ پيل ٻار جي رضامندي ڪيئن ممڪن آهي؟

    ٻي ڳالهه ته ڇا هي قانون اولاد کي اسلامي شرعي حق کان الڳ ڪا شئي آهي؟ ڇاڪاڻ انسان جي مال دولت اسلامي شريعت ۾ برابر ورهايل آهي، چاهي مسلمان ان لاءِ راضي هجي يا نه؟ بيشڪ مسلمان پنهنجي زندگيءَ ۾ ته پنهنجي مال جو پاڻ مالڪ آهي پر مرڻ کانپوءِِ انجي مال جا حقدار ۽ حصيدار هوندا آهن ۔۔۔؟؟؟

    تمام سهڻو ونڊ ڪيو اٿو!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/JUSTIFY]
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    ادا نثار ابڙو صاحب۔جيڪڏهن ٻار ماءُ جي رحم ۾ آهي ته ان جي پاران والد يا والده گفٽ جو پروپزل قبول ڪندا۔جيڪڏهن گفٽ ماء ڪندي ته والد قبول ڪندو جيڪڏن پراپرٽي والد گفٽ ڪندو ته والده قبول ڪندي۔
    اسلام ( Hanfi school of thought )/ محمڊن لاء ۾ جيڪڏهن پراپرٽي جو مالڪ پنهنجي ڪنهن هڪ وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪرڻ چاهيندو ته هو one third of the property کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهئي۔ اصلي مالڪ جي وفات کان پوء وارثن ۾ باقي 2حصا تقسيم ڪيا ويندا۔جنهن هڪ وارث جي حق ۾ one third property گفٽ ڪئي ويئ هوندي هو به ٻين ٻن حصن مان پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو۔ پر جيڪڏهن مالڪ پراپرٽي پنهنجي قانوني وارثن کان سواء ڪنهن ٻئي ماڻهو جي حق ۾ گفٽ ڪرڻ چاهي ته هو سڄي پراپرٽي ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي 1/3 حصي جي پابندي نه هوندي۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني

    تمام سهڻي ۽ آسان نموني اوهان قانوني ڳالهين سان اهڙيون شيون پيا ونڊ ڪيو جيڪي اسان ٻڌيون ته هيون پر اهي عمل ۾ ڪيئن اينديون آهن اهو اوهان پاران هي ونڊ ڪرڻ کانپوء اسان لاء سمجهڻ آسان ٿي پيو آهي۔

    اوهان جا لک لائق۔ يقينن دوست اهڙي قيمتي شيئرنگ مان فائدو وٺندا
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    ادا ميمڻ صاحب بهترين قانوني سمجهاڻي آهي، الله اوهان کي وڌيڪ توفيق ڏي.
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    ادا سائين ! پنهنجي سڄڻن لا اها سٺي معلومات وند ڪئي ويئي آهي، پر سوال اڀري ٿو ته ڇا بد نيت ۽ ٽيڪس ( اسٽئيپ ڊيوٽي ، سي وي تي ،۽ هر قسم جي تيڪس ) چور ماڻهو ان قانوني شَق جو ناجائز فاعدو حاصل ڪري نه رهيا اهن ؟ هن ملڪ ۾ ماڻهن وٽ اربين رپين جون جا ئدادون آهن پر ٽيڪس هڪ پرائمري ماستر جيتري به نه ٿا ادا ڪن۔ ان تي ٿورو کولي لکندا ته مهرباني ٿيندي ۔ اهو به گفٽ جي وغيره جي حوالي سان ۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب
    اوهان جي مهرباني.
    تمام سهڻي ۽ آسان نموني اوهان قانوني ڳالهين سان اهڙيون شيون پيا ونڊ ڪيو
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    سائين ميمڻ صاحب

    تمام بهترين ۽ آسان لفظن ۾ تحفو ڏيڻ بابت توهان ڄاڻ ڏني آهي

    قانوني حساب سان توهان بهترين معلومات فراهم ڪئي آهي

    سائين ،

    ڊوني ته مان حاضر آهيان بس صرف ڊونر جي ضرورت آهي

    هههههههههههههههه

    سدائين گڏ
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    ادا غلام مصطفى بهترين سمجهاڻي آهي ۽ شريعت جي اصطلاح


    اسلام ( Hanfi school of thought )/ محمڊن لاء ۾ جيڪڏهن پراپرٽي جو مالڪ پنهنجي ڪنهن هڪ وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪرڻ چاهيندو ته هو one third of the property کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهئي۔ اصلي مالڪ جي وفات کان پوء وارثن ۾ باقي 3 حصا تقسيم ڪيا ويندا۔جنهن هڪ وارث جي حق ۾ one third property گفٽ ڪئي ويئ هوندي هو به ٻين ٽن حصن مان پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو۔ پر جيڪڏهن مالڪ پراپرٽي پنهنجي قانوني وارثن کان سواء ڪنهن ٻئي ماڻهو جي حق ۾ گفٽ ڪرڻ چاهي ته هو سڄي پراپرٽي ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي 1/3 حصي جي پابندي نه هوندي۔
    Reply With Quote Multi-Quote This Message هن پيغام جو ستت جواب ڏي
    و



    به سهڻي انداز سان پيش ڪرڻ تي اوهان کي مبارڪ باد ڏيون ٿا ۔
     
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    سڀني پيارن ۽ مانوارن دوستن جن هن ليک کي پڙهي پنهنجي قيمتي راء جو اظهار ڪيو،جي تمام گهڻي مهربانيون۔هنن قانوني ليکن جو پرائيم مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن اهئي مسئلاء توهان مان ڪنهن کي پيش آچن ته هو قانوني ڪهڙا قدم کڻي سگهن ٿا۔
     
  11. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    اسلام ( Hanfi school of thought )/ محمڊن لاء ۾ جيڪڏهن پراپرٽي جو مالڪ پنهنجي ڪنهن هڪ وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪرڻ چاهيندو ته هو one third of the property کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهئي۔ اصلي مالڪ جي وفات کان پوء وارثن ۾ باقي 3 حصا تقسيم ڪيا ويندا۔جنهن هڪ وارث جي حق ۾ one third property گفٽ ڪئي ويئ هوندي هو به ٻين ٽن حصن مان پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو۔ پر جيڪڏهن مالڪ پراپرٽي پنهنجي قانوني وارثن کان سواء ڪنهن ٻئي ماڻهو جي حق ۾ گفٽ ڪرڻ چاهي ته هو سڄي پراپرٽي ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي 1/3 حصي جي پابندي نه هوندي۔[/CENTER][/B][/B][/B][/SIZE][/COLOR][/QUOTE]

    سائين ميمڻ صاحب انتهائي ادب سان عرض اهو آهي ته بنده حقير جيڪو ڪجه اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي ان جي روشني ۾ ڪجه عرض ڪرڻ چاهيندس گفٽ ڪرڻ واري جون ٻه حالتون فرض ڪريو
    (1) پهرين اها ته گفٽ ڪرڻ وارو عاقل بالغ ۽ خودمختيار آهي اهو اگر گفٽ ڪرڻ چاهي ته ڪو به فرق نه آهي چاهي پنهنجي ڪنهن قانوني وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪري چاهي قانوني وارث کان علاوه ڪنهن ٻئي کي پراپرٽي گفٽ ڪري پنهنجي سڄي پراپرٽي گفٽ ڪري سگهي ٿو
    (2) ٻي اها ته گفٽ ڪرڻ وارو ڪنهن اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن ۾ موت يقيني آهي شرعي اصطلاح مطابق (مرض الموت) جي حالت ۾ آهي ان حالت ۾ چاهي پنهنجي ڪنهن قانوني وارث کي گفٽ ڪرڻ چاهي يا ڪنهن به اوپري ماڻهو کي گفٽ ڪرڻ چاهي ته پنهنجي پراپرٽي جي ٽئين حصي کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهي ۽ ها اگر پوري ملڪيت ڪنهن کي گفٽ ڪري ۽ وفات ڪري وڃي ته ڊوني فقط ٽئين حصي جو مالڪ ٿيندو ۽ اگر ڊوني قانوني وارثن منجهان آهي ته اهو بقايا ٻن حصن ۾ به ٻين وارثن سان شريڪ آهي يعني بقايا ٻه حصا ڊوني سميت سڀني وارثن ۾ تقسيم ڪيا ويندا البته هڪ شي جي وضاحت ضروري آهي ته اها سڄي تفصيل مذهب اماميه شيعه اثنا عشريه جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي
    ٻيو عرض اهو ته سائين معاف ڪجو اوهان جي هيٺين پيراگراف ۾ مون کي هڪ چُڪ نظر آئي آهي

    جيڪڏهن پراپرٽي جو مالڪ پنهنجي ڪنهن هڪ وارث کي پراپرٽي گفٽ ڪرڻ چاهيندو ته هو one third of the property کان وڌيڪ گفٽ نه ٿو ڪري سگهئي۔ اصلي مالڪ جي وفات کان پوء وارثن ۾ باقي 3 حصا تقسيم ڪيا ويندا۔جنهن هڪ وارث جي حق ۾ one third property گفٽ ڪئي ويئ هوندي هو به ٻين ٽن حصن مان پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو۔


    اگر هڪ وارث کي ONE THIRD PROPERTY گفٽ ڪيو وڃي ته باقي ٻه حصا بچندا ( نه ٽي ۽ اوهان مٿئين پيراگراف ۾ لکيو آهي ته بقايا ٽن حصن ۾) ۽ انهن ٻن حصن مان اهو وارث پنهنجو شيئر اسلامي قانون مطابق حاصل ڪندو
    هڪڙو عرض ضرور ڪندس ته اوهان تمام گهڻي زحمت ڪري اهو مضمون ونڊ ڪيو آهي اجرڪم علي الله
     
  12. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    ادا ابو جواد توهان جي مهرباني جو اوهان اسان جو ٽائيپنگ واري غلطي جي نشاندهي ڪري ان کي صحيحي ڪر ڻ جو موقعو ڏنو۔قانون ۽ حنفئ اسڪول آف ٿاٽ ۾ گفٽ جي آها تشريح آهي۔جيڪا اسان مٿي بيان ڪئي آهي۔
     
  13. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: گفٽ (حبه) جي تعريف ۽ ان جي قانوني ڄاڻ

    سائين مهرباني اوهان جي جو تمام ڪارائتي ڄاڻ فراهم ۽ هبه متعلق تمام وضاحتون ذڪر ڪيو

    سر معاف ڪجو (هبه) جي به لفظي تصحيح ڪري ڇڏجو عربي زبان ۾ هبه ها هاٿي سان لکبو آهي (هبه) مصدر آهي جنهن جي معني آهي بغير معاوضي جي ڪنهن کي پئسا يا ڪا شي ڏيڻ ان منجهان جيڪو فعل نڪرندو اهو آهي (وهب) ماضي( يهب) مضارع (وهبت لزيد مالا) يعني زيد کي بغير ڪنهن عوض جي مال عطا ڪيم ۽ قرآن ۾ آيو آهي (يهب لمن يشاءُ اناثا و يهب لمن يشاءُ الذڪور) الله سائين جنهن کي چاهيندو آهي (بغير ڪنهن عوض جي) ڌي عطا ڪندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي پٽ عطا ڪندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو