ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا. رات ڏٺاسين خوب ڪرشما خوابن جا. اڄ 26 مارچ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جي عاشق، هند ۽ سنڌ جي البيلي شاعر، ليکڪ ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سموري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سمورن سنڌين جي نمائندگي ڪندي لڇمڻ ڪومل کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون ٿا ڏيون۔ لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936 ۾ ڪنڊياري ان وقت جي ضلعي نواابشاھ ۾ پيدا ٿيو۔ سندس خاندان سکيو ستابو هو سندس ڏاڏو ديوان جاڙومل ڀاٽيا وڏو زميندار هو۔ ڪيرت ٻاٻاڻي سندس استاد هو۔ ورهاڱي کانپوء لڇمڻ ڪومل پنهنجي ڀاء سان گڏ ڪراچي مان هٿين خالي، پاڻي ء جي جهاز ذريعي هندستان ويو۔ هن اتي مهنت ڪري پنهنجي پاڻ کي پيرن تي بيهارڻ سان گڏ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو۔ سندس شآعريء جي ڪتاب جيء جهروڪا تي کيس ساهتيه اوارڊ مليو۔ سنڌي ادب ۾ لڇمڻ ڪومل جو اهم ڪارنامو سندس لکيل آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ آهي، جنهن جا ٻه جلد شايع ٿي چڪا ۽ ٽيون جلد تازو پڌرو ٿيو آهي. ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ لڇمڻ ڪومل پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي ورهاڱي سبب سنڌ مان جلاوطني کان پوءِ هڪ نئين ملڪ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي جاکوڙ جو داستان بيان ڪيو آهي۔ اڄ سنڌي ٻولي جي ان مهان شخصيت کي جيڪو پنهنجي جنم ڀوميء سان اڃان به عقيدت جي حد تائين پيار ڪري ٿو جنم ڏينهن جون واڌايون هجن ۽ دعا ته شال ڊگهي ڄمار ماڻين ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي لاء پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهن۔ لڇمڻ ڪومل: شاعر، ليکڪ ۽ صحافي! شوڪت حسين شورو لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936ع ۾ ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس جنم جو نالو لوڪو مل ولد ديوان چيلارام، آڪهه ڀاٽيا آهي. هن جو ڏاڏو ديوان جاڙو مل ڀاٽيا وڏو زميندار هو، جنهن جون زمينون ڊبڙي (درٻيلي) ۾ هيون. لڇمڻ جو پيءُ ديوان چيلا رام فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. هو هڪ ذهين، پڙهيل ڳڙهيل ڪامورو هو ۽ کيس انگريزي ۽ فارسي ادب جو چڱو مطالعو هو. هن لڇمڻ کي شيخ سعدي جو گلستان بوستان واتي ويڻي ياد ڪرايو هو. لڇمڻ پنهنجي والد جي اصرار تي شام جو مسجد جي آخوند وٽ فارسي ۽ اردو پڙهڻ ويندو هو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جي تعليم سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي. هو نوَن سالن جي عمر ۾ نوابشاهه جي ولس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان اسڪول ۾ ماستر هو. ورهاڱي وقت نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود علي خان هو، جنهن بعد ۾ پاڻ کي مسعود کدر پوش سڏايو. هن نوابشاهه مان لڏي ويندڙ سنڌي سکن جي پنجاهه سٺ ڪٽنبن جو ٽرين ۾ قتلِ عام ڪرايو هو. ان واقعي سبب نوابشاهه جي سنڌي هندن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اهي لڏي انڊيا وڃڻ لڳا. مسعود ڪليڪٽر ديوان چيلا رام کي هڪ طرح سان نظربند ڪري انڊيا لڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. چيلا رام پنهنجي وڏي پٽ لڇمڻ کي سندس ماءُ، ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن سان گڏ لڪ چوريءَ ڪراچيءَ روانو ڪيو. اهي سوامي نارائڻ مندر ۾ ٺهيل ڪئمپ ۾ اچي ترسيا ۽ 8 مارچ 1948ع تي پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي انڊيا روانا ٿيا. جهاز سمنڊ ۾ خراب ٿي بيهي رهيو، پنج ڏينهن ٿي ويا، کاڌو پيتو ختم ٿي ويو. جهاز ۾ چڙهيل سوين ٻار بک ۾ بي حال ٿي روئي رهيا هئا. لڇمڻ جي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي به حالت خراب ٿي وئي. جهاز مرمت ٿيڻ کان پوءِ اوکا بندر تي اچي سهڙيو. لڇمڻ وارا پهرين اجمير ۾ اچي رهيا، اتي ڪو بلو نه ڏسي ڀرتپور، احمد آباد ۽ آگري جي شهرن مان دربدر ٿيندا، تنگدستي ۽ غربت جون تڪليفون سهندا، ڪانپور ۾ پنهنجي پڦيءَ وٽ اچي ترسيا. اتي لڇمڻ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ هاسو کي هڪ سئنيما جي مئنيجر شهر ۾ فلمن جي پوسٽرن لڳائڻ جو ڪم ڏنو. لڇمڻ کي روزانو هڪ رپيو ۽ هاسي کي اٺ آنا ملندا هئا. لڇمڻ ان سئنيما هال جي ٻاهران فلمي گانن جون چوپڙيون پڻ وڪڻڻ شروع ڪيون، جنهن مان رپيو ڏيڍ ڪمائي وٺندو هو. ڪانپور ۾ رهندي هنن جيئن تيئن ڪري اڌ ڍئو اڌ بک تي چار سال گذاريا. ان عرصي ۾ ديوان چيلا رام سان سندن ڪو به رابطو نه ٿيو هو، جيڪو اڃا سنڌ ۾ رهيل هو. نيٺ هن ڪانپور ۾ اچي پنهنجي ڪٽنب کي ڳولي لڌو. نوابشاهه مان نڪرڻ وقت لڇمڻ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڌنو ٻن سالن جو هو ۽ هينئر ڇهن سالن جو ٿي چڪو هو. ديوان چيلا رام هن جي لاءِ ڌاريو ماڻهو هو، هن لڇمڻ کان آهستي پڇيو ته هي ڪير آهي؟ لڇمڻ کيس ٻڌايو ته هي پنهنجو پيءُ آهي. ان تي ڌني چيو : ”پيءُ آهي!“ ”پر هي ماڻهو رات جو سمهندو ڪٿي؟“ اڄ ڌنو انڊيا جي کاڌ خوراڪ واري هڪ وڏي اداري فوڊ ڪارپوريشن ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. لڇمڻ جو ٻيو ڀاءُ هاسو آمريڪا جي مشيگان رياست ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ورلڊ بئنڪ هن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ لاءِ موڪليندي آهي، هن جو شمار دنيا جي ڏهن پاور پراجيڪٽ ماهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. ديوان چيلا رام کي پهرين ڪانپور ۾ ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر جي نوڪري ملي. ان کان پوءِ جئرامداس دولترام، فوڊ کاتي جي وزير کيس پنهنجي وزارت ۾ قانوني صلاحڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو. هاڻي سندن ڪٽنب جي تنگدسي ۽ غربت جا ڏينهن ختم ٿيا. لڇمڻ جي ٽرين ۾ هڪ گشتي ٿيٽر ڪمپني وارن سان ملاقات ٿي، اهي ڪانپور ۾ ناٽڪ ڪرڻ وڃي رهيا هئا. منڊلي ۾ شامل هڪ نوجوان ڇوڪري سروري بيگم سان لڇمڻ جو عشق ٿي ويو. هن جي ڪري لڇمڻ به ان ٿيٽر ڪمپني ۾ شامل ٿي ويو. هو ڪٿڪ ڊانس سکيل هو، کيس اسٽيج تي نچڻ جو ڪم ملي ويو ۽ ان لاءِ کيس ٻارنهن رپيا روز ملندا هئا. لڇمڻ سروري بيگم جي عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي، مائٽن سان ڪوڙ ڳالهائيندي، ان ٿيٽر ڪمپنيءَ سان گڏ شهر، شهر، ڳوٺ ڳوٺ رلندو رهيو. هو نيٺ بنارس مان ٿيٽر ڪمپني کان جند ڇڏائي پنهنجي گهر موٽي آيو. ديوان چيلا رام کي دهلي ۾ سرڪاري گهر ملي ويو ته سڄو ڪٽنب ڪانپور مان لڏي دهلي ۾ اچي رهيو ۽ لڇمڻ دهليءَ جو ئي ٿي ويو. اتي هن راجندر نگر جي سنڌي هاءِ اسڪول ۾ نائين درجي ۾ داخلا ورتي. اهو اسڪول تنبن ۾ هلندو هو. ناسازگار حالتن هيٺ به قابل ۽ آدرشي سنڌي استادن جي تربيت ۽ محنت سان اسڪول جا سنڌي شاگرد امتحانن ۾ تمام مٿانهيون پوزيشنون ۽ درجا حاصل ڪندا هئا. لڇمڻ مئٽرڪ پاس ڪري دهلي ۾ ائنگلو عربئڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. دهلي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ کليو ۽ ان جو سربراهه ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي مقرر ٿيو. ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ڪاليج ۾ سنڌي لٽرري سوسائٽي برپا ڪئي، جنهن جون هفتيوار ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. پوءِ سنڌي ڊراما سرڪل به جڙيو. ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي سيڪشن پڻ شامل ڪيو ويو ۽ لڇمڻ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. لڇمڻ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. ڪتابن پڙهڻ جو شوق ته هن کي اڳ ۾ ئي هو. هن ڊراما سرڪل جي لاءِ ڪيترائي سنگيت ناٽڪ لکيا، جيڪي دهلي ۽ بمبئي ۾ پيش ڪيا ويا. گوپي به ان ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، جنهن سان اڳتي هلي لڇمڻ جي شادي ٿي. لڇمڻ ان ڪاليج مان بي ڪام آنرس جو امتحان پاس ڪيو. ڪاليج جي تعليم پوري ڪري، ادب ۾ دلچسپي رکندڙ لڇمڻ ۽ سندس دوستن ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ۽ نارائڻ شيام جي ساٿ ۽ رهنمائي هيٺ ادبي سرگرمين کي زور وٺايو ۽ هر هفتي ادبي ڪلاس شروع ڪري ڇڏيا. لڇمڻ ”ڪومل“ جي تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. هن دهلي يونيورسٽي جي اسڪول آف جرنلزم مان جرنلزم ۾ ڊپلوما ڪئي. هن کي هندستان جي سڀ کان معتبر ۽ مشهور اخبار ”ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ سب ايڊيٽر ڪري کنيو ويو. لڇمڻ رپورٽن کان علاوه ڪالم پڻ لکيا. هو گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو. هن کي ”ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ چيف سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڀارت ۽ پاڪستان درميان 1971ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان جو صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ شملا ويو هو. ٻنهي ڄڻن شملا معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي سڄي دنيا جا صحافي اچي شملا ۾ گڏ ٿيا هئا. ”ٽائيمز آف انڊيا“ طرفان لڇمڻ ڪومل به انهن ۾ شامل هو. شملا معاهدو لڇمڻ ڪومل جي صحافتي زندگيءَ جو هڪ يادگار واقعو آهي. ”ٽائيمز آف انڊيا“ مان هن 1996ع ۾ رٽائر ڪيو. ان وچ ۾ لڇمڻ هڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ بنجي چڪو هو. روس جي انقلابي شاعر مايا ڪووسڪي جي زندگي ۽ شاعري تي لکڻ سان گڏ سندس چاليهن نظمن جي منظوم سنڌي ترجمي تي لڇمڻ ڪومل کي سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن کي روس جي ٻن هفتن جي دوري تي گهرايو ويو. لڇمڻ کي سندس شاعري جي مجموعي ”جيءُ جهروڪا“ تي 1976ع ۾ ساهتيه اڪادمي انعام مليو. سنڌي ادب ۾ لڇمڻ ڪومل جو اهم ڪارنامو سندس لکيل آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ آهي، جنهن جا ٻه جلد شايع ٿي چڪا ۽ ٽيون جلد تازو پڌرو ٿيو آهي. ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ لڇمڻ ڪومل پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي ورهاڱي سبب سنڌ مان جلاوطني کان پوءِ هڪ نئين ملڪ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي جاکوڙ جو داستان بيان ڪيو آهي، ۽ اهو اڃا جاري آهي. لڇمڻ کي هڪ پٽ لالي آهي، جيڪو آمريڪا ۾ هڪ ڪمپنيءَ ۾ سٺي عهدي تي آهي. کيس ٻه ڌيئر پڻ آهن، جيڪي شادي ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ رهن ٿيون. لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 2011ع ۾ زندگيءَ جي سفر جا 75 سال پورا ڪندو. الهاس نگر ۾ هڪ رات (تاجل بيوس) وهي کاتي جا پنا (شوڪت شورو) اندر اندر لاچاري بيزاري آ ٻاهر ٻاهر مان ۽ دنياداري آ، ڪهڙا ڪهڙا ٿوهر ڄاوا ڌرتيءَ تي، مٽيءَ جي پڻ پنهنجي ڪا لاچاري آ. حواله : روزانه ڪاوش الطاف شيخ جا بلاگ سارنگا ڊاٽ ڪام رضوان گُل جو فيس بوڪ پروفائل
جواب: لڇمڻ ڪومل - سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق (سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا) ڀلوڙ شاعر ۽ بهترين انسان دادا لڇمڻ ڪومل کي 76 وين جنم ڏينهن جي موقعي تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
جواب: لڇمڻ ڪومل - سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق (سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا) سنڌ ڄائي لڇمڻ ڪومل، جنهن ڌرتيءَ کان ڏور ٿي ڪئي تڪليفون برداشت ڪيون، افسوس جو واڻين پنهنجي مذهب کي پيارو ڪندي ڌرتيءَ کي الوداع ڪيو ۽ مسلمانن به پنهنجي مذهب کي اهميت ڏيندي سنڌ ڄاون کي سنڀالي يا انهن کي پنهنجي ڌرتي نه ڇڏڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهيا اٽلندو سازشي ماڻهن جي اثر هيٺ واڻين کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ۾ ڪردار به ادا ڪيو ۔۔۔۔ آءُ ٻنهي ڌرين کي سنڌ تباهه ڪرڻ جو قصور وار ڄاڻا ٿو ۔۔۔ ۽ هاڻ به التجا ڪريان ٿو ته خدارا،قوم کي تباهه ٿيڻ کان بچايو، دين انسان جي فلاح لاءِ آهي قتل عام ڪرڻ لاءِ يا انسانن کي ڄاڻي واڻي تڪليفن وجهڻ لاءِ ناهي ۔۔۔ اڄ به هند ۾ رهندڙ سنڌي يا سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هڪ قومي احساس جي اندر گڏ ٿين ته هوند سنڌ جا سور ختم ٿي وڃن، جيتوڻيڪ ڪجهه انتهاپسند مذهبي ٻنهي پاسن جا ائين ٿيڻ ڪون ڏيندا پر سچائيءَ جي فتح ٿيندي آهي ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ پوندي آهي ۔۔۔ سائين محترم لڇمڻ کي سندس سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم تي واڌايون ڏجن ٿيون۔ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
جواب: لڇمڻ ڪومل - سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق (سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا) سائين جن کي جنم ڏينهن جون واڌايون.
جواب: لڇمڻ ڪومل - سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جو عاشق (سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا) سنڌ جو سچو عاشق آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
گهڻڪنڊو اديب : لڇمڻ ڪومل گهڻڪنڊو اديب : لڇمڻ ڪومل گوورڌن شرما ”گهايل“ (پُڻي) [JUSTIFY]ڪي وڻندڙ شخص به ڪيترن کي ڪڏهن ڪڏهن نه وڻندا آهن ۽ وري ڪي نه وڻندڙ به ڪنهن نه ڪنهن خاصيت سبب گهڻن کي ئي وڻندڙ لڳندا آهن. ادب هڪ عجيب طلسمُ آهي، نثر ۽ نظم تي پنهنجي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندڙ ڪيترائي صاحب قلم ديس پرديس ۾ مقبول آهن، پر گهڻڪنڊي قابليت وارا اديب ايترا گهڻا نظر نه ايندا. پنجهتر سالن جو جوان رچنا ڪار لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل هند، سنڌ ۾ انهن ڳاڻ ڳڻين ادبي شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي پڳ ۾ ڪيترائي پختا کنڀ نمودار آهن، هن صاحب سخن بطور شاعر ته مقبوليت حاصل ڪئي ئي آهي پر نثر نويسيءَ ۾ به گهڻن کي پٺتي ڇڏيو اٿس. لڇمڻ جي ادبي انڊلٺ ڏانهن ڏسجي ته شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، ٻال ساهتيه، آتم ڪٿا ۽ ترجمي جون سهتيون صنفون سامهون نظر اينديون. ڪلڪراني ڪندڙ هيءُ اديب انڊلٺ کان به ٻه قدم اڳتي رهيو آهي، بطور پتر ڪار (صحافيءَ) ۽ نقاد طور سٺو نالو ڪمايو اٿس. ويجهڙائيءَ ۾ سندس آتم ڪٿا، وهي کاتي جا پنا (ٽن ڀاڱن ۾) سنڌ، هنڌ جي ادبي حلقن ۾ چڱو چوٻول مچايو آهي، مون هن ڪتاب جا ٻاهٺ ئي پنا پڙهيا آهن ۽ ان بابت مون کي پنهنجو رايو به آهي پر ڀاءُ نند ڇڳاڻيءَ جي اشاري موجب ان جي شفي نفي نقطن تي ٻيا ڪيترائي عالم اديب مقالا لکي رهيا آهن، ان ڪري مان وڌيڪ نه لکندس. لڇمڻ ڪومل جو هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو تمام گهڻي چئو پچئه جو موضوع بڻيو رهيو، ڪويتا، سنگره ”جيءَ جهروڪا“، جنهن تي کيس سنه 1976ع ۾ مرڪزي ساهيته اڪادميءَ جو انعام عطا ٿيو هو، ان تي به هاڻي هت ڪجهه لکڻ غير ضروري لڳيم ٿو. ڀاٽيا صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي به دسترس آهي، ”پاڪستان جون لوڪ ڪهاڻيون“ (انگريزيءَ ۾) سنه 1978ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب چڱو مقبول ٿيو، ”هڪ چادر اڌوراڻي“ ناول 1981ع ۾ ظاهر ٿيس، ٻه مونو گراف ”ميرا ٻائي“ ۽ ”بلي شاهه“ به قابل داد ڪتاب اٿس، ”پن ڇڻ جو پرلاءُ“ اردو مان ننڍين ڪهاڻين جو ترجمو سنه 1991ع ۾ ڇپيس، ”ٽو سُڀاش“ (ڪوتا، انواد) سنه 1974ع ۾ ظاهر ٿيو. لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل سنگيت ۽ ناٽڪ جي کيترن ۾ ”مومل راڻو“ ۽ ”سهڻي ميهار“ ڏيئي جس ڪمايو. 26 مارچ سنه 1936ع ۾ ڪنڊيارو (سنڌ) ۾ ڄاول ڀاٽيا صاحب گهمڻ جو به سٺو شونق رکندڙ رهيو آهي، ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ مان ٿي آيو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن جي تمام ويجهو رهيو آهي، سوويت يونين ۽ يورپين ملڪن مان به ٿي آيو آهي، ڪولا لمپر ۾ ايشين رائيٽرس ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئائين. ڪومل جي ڪوتا تي ڪجهه لکان ان کان پهرين هڪ ڳالهه رهجي نه وڃي، ان جو ذڪر پهرين ڪرڻ چاهيان ٿو، رنگين طبيعت جو مالڪ لڇمڻ ڪومل جيون ۾ پنهنجي قانوني ماهر پتا صاحب جي نقش قدمن تي نه هلي، ڏاڏي صاحب سيٺ جاڙيمل جي جيون، شعلي اختيار ڪئي، ساڳيءَ طرح سندس سپاتر لاليءَ به پيءَ جي اڍ نه پڪڙي ڏاڏي صاحب جي واٽ ورتي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪومل صاحب جا پوٽا راهي ۽ ساحر ڏاڏي تي ٿا وڃن يا پيءُ تي ! ادب جي الڳ الڳ موضوعن تي وقت به وقت سندس لکيل مقالا، مضمون، تنقيدون ۽ ادبي رايا، سيمينارن ۾ پيش ڪيل ڪي نوٽيس نه صرف داد جا مستحق رهيا آهن، پر سندس اوک ڊوک، گهري اڀياس، اورچائي ۽ محنت جي به ساک ڀرين ٿا، بطور چيف، سب ايڊيٽر تائيمس آف انڊيا هن صاحب ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر به نالو ڪڍيو. سنڌي، اردو، هندي، پنجابي ۽ انگريزيءَ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن سان مکا ميلن جا مزا ماڻيائين، انهن جون خصلتون به ضرور هردي سان هنڊايون هوندائين. سدا حيات پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻيءَ انگريزي ڪتاب هسٽري آف سنڌي لٽريچر، صفح 165 تي ڪومل جو هڪ شعر ڪوٽ ڪيو آهي. ”مؤت وس ۾ نه زندگي وس ۾، ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين.“ ڪومل صاحب ڪيئن نه سولن لفظن ۾ زندگيءَ جي فلسفي کي اظهاريو آهي. هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش آهن: ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا، رات ڏٺاسين خوب ڪرشما خوابن جا، جيون ۾ نراشا ۽ نا اميديءَ کان ڪنارو ڪندي شاعر آشاوادي شفي پاسو ظاهر ڪيو آهي، اڄوڪين پنگتي ۽ پاليٽيڪل سيلف ميڊ شخصيتن تي چوٽ ڪندي چيو اٿس. ڪيئي مکوٽا منهن تي، مرڪ نه ڪا پوءِ ڀي، خوفناڪ هُئا چهرا، سڀيئي نقابن جا. ڪيترن ئي يارن (اديبن) رشتيدارن لاءِ لکي ٿو: ڪهڙا ڪهڙا ليکا لاهيون يارن سان؟ وسري ويا سڀ انگ ۽ پارَ حسابن جا. ڪومل صاحب ڪيترن ئي موقعن تي خنده زني ڪندڙن کي لاجواب ڪيو، ان لاءِ هڪ شعر ڏسو: اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟ ڪنڌ جهڪي ويا سڀني صاف جوابن جا. مٿيون ساڳيو شعر آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي (صفحو 104) تي هن طرح ڏنل آهي. اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟ ڪنڌ جهڪي ويا آهن، ڄڻ ته نوابن جا. فن جي خيال کان مون کي ”پرهه کان پوءِ“ ڪتاب جي صفحي 149 تي ڏنل پهريون شعر وڌيڪ ٺيڪ ٿو لڳي. علم عروض بعر وزن جي باريڪين کان ڀليءَ ڀانت واقف، لڇمڻ ڪومل جي غزلن، گيتن، نظمن جو ڪو ڪتاب نظر نه آيو اٿم. غزل جي صنف تي پوري مهارت سان قلم هلائيندڙ ڪومل جا ڪجهه ٻيا شعر به ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائيندا، ان ۾ شڪ نه اٿم، دل جي گهراين سان، زندگيءَ جي سچائي سويڪاريندي لکيو اٿس. ”آهه گناهه اهو ئي تو کي چاهيوسين، هاڻي ٿيندا ڪهڙا ڪم ثوابن جا؟ يا هن پل جو پس منظر ڪوئي ڏسي اچي، هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ ڪومل صاحب موجوده دور ۾ ڪشمڪش واري زندگيءَ جو هڪ سهڻو چتر چٽيو آهي. خوف جيئڻ جو آهه، حياتيءَ تي حاوي، آيا آهن ڪهڙا ڏينهن عذابن جا! قريب قريب ساڳئي موضوع تي هڪ ٻيو مثال ڏسو: موت لئه ڇو سڪن پڇو تن کان، جن هجن کاڌا زندگيءَ جا فريب. لڇمڻ ڪومل سچائيءَ کي سولي پر اثرائتي انداز بيان سان پيش ڪيو آهي بي رخيءَ جا نه دشمنيءَ جا فريب، مون ته کاڌا ها دوستيءَ جا فريب. پنهنجي پس گردائيءَ ۾ نهاري ڏسو ته هيءُ شعر غلط نظر نه ايندو. ڪئن نه شيطان کان به سَر سيرا، هن زماني جي آدميءَ جا فريب. ڪومل صاحب گهمي ڦري پنهنجي ڳالهه تي اچي ٿو: ڪيڏا رنگين، ڪيترا دلڪش، حسن جي هاءِ سادگيءَ جا فريب. ساڳي ڳالهه هيٺئين شعر ۾ به چيل آهي. ڪومل پڇج انهن کان محبت جو درد تون، آئي نه جن کي ننڊ بهارن جي گود ۾. حقيقت کان اظهارڻ جو ڏانءُ ڪو ڪومل کان سکي: ان ريت مسڪرائي غمن ۾ به زندگي، جيئن ڦول مسڪرائي ڪو خارن جي گود ۾. آخر ۾ ڪومل جي هڪ غزل جا ٻه شعر پيش ڪري، سندس اظهار جو مزو ماڻبو: برفن جا گهر ٺاهي ويٺو هر ڪوئي، تيزي اُس جي، تيزيءَ سان ئي جاري آ. ۽ ڪهڙيون تن کي ڪومل ڏيون ميارون ڪي، جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ غزل جهڙي دقيق شاخ تي ڪومل صاحب جنهن قابليت سان، فن فڪر جو سهڻو ۽ پختو اظهار ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح نئين ڪويتا تي به تکو ۽ تڪڙو قلم هلايو اٿس. موضوع جي گوناگونيت، صحيح لفظن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ تي دسترس انهن ڪويتائن مان ظاهر آهي، هن ننڍڙي مضمون ۾ سڀ ڳالهيون سميٽڻ ته وس کان ٻاهر آهي، ٿورڙا مثال ڏيئي ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيندس. احساس عنوان واري ڪويتا (پرهه کان پوءِ صفحو 151) ۾ شاعر، جدوجهد واري حياتي جيئندڙ شخص جي ان حالت کي اظهاريو آهي، جڏهن ڪو زندگيءَ ۾ ناڪام ۽ نراس ٿي پوي ٿو. هلندي هلندي پير ٿڪي پيا، هاڻي واپس موٽ. نشورات جو ٽٽڻ لڳو آ، ٽهڪ گهڻو ئي جاڳي جاڳي، هاڻي ننڊا کڙا ٿيا آهن. — رستو ڄڻ ڪنهن وئشيا وانگر سُمهي پيو آ، هي سوچيندي، آڌي رات وهامي، هاڻ ڪير نه ايندو. —– دل جي ڌڙڪن ئي، بس، هي احساس ڏئي ٿي. جيئرا آهيون، ۽ شايد احساس انهيءَ ئي اندر ويٺل وحشيءَ کي، اندر زندهه رکي ڇڏيو آ (نوٽ: ساڳي ڪويتا، ”موڪش“ عنوان سان جديد سنڌي شاعريءَ جو انتخاب صفحو 71-70 تي ڏنل آهي) نئين ڪويتا جي باريڪين ۽ تقاضائن سان سنڌيءَ ۾ ڳاڻ ڳڻيا شاعر آهن، جن نڀايو آهي، لڇمڻ ڪومل جي ڪويتا ”خال“ مذڪوره ڪتاب جي صفحي 72-71 تي ڏنل آهي، زندگيءَ جو هڪ نراس پهلو چٽڻ ۾ شاعر ڪامياب ويو آهي. خالي جسم جي انگ انگ کي، چهندو گنهگار ڪندو، خال اندر هڪ نئين خال ڏانهن ڌڪي رهيو آ. روشني ! جسم سڄي کي اُگهندي، وڌيڪ ميرو ڪندي وڃي ٿي. —- نسون اميدن جون سڀ ٻاهر نڪري آيون، ڪنهن جو رت وهايون تن ۾؟ —- ٽريفڪ جي هن گوڙ شور ۾ رڳون به رستن وانگر ڏنگيون ڦڏيون هلن ٿيون، ڌوڙ اکين ۾ ايڏي ڀرجي وئي آهي، ڄڻ ڀاسي ٿو، صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي هن صاحب جون حساب، فوڪس، ڳولها، سڃاڻپ به قابل داد ڪوتائون آهن، گهري سوجهه ٻوجهه رکندڙ اديب لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، چتر زباني ۽ صاف گوئيءَ سان گڏوگڏ تخيل ۽ تلفظ جي سنگم سان اهڙي منظر خلقي ٿو وٺي جو چڱو ڀلو پاٺڪ به ان جي گرفت کان آجو ٿي نٿو سگهي، ڌڻي ڪري زور قلم اؤر زياده ! [/JUSTIFY] عوامي آواز جي ٿورن سان
ڪومل پڇج انهن کان محبت جو درد تون، آئي نه جن کي ننڊ بهارن جي گود ۾. جنم ڏينهن ۽ هوليءَ جون واڌايون
سنڌ ۽ لڇمڻ ڪومل رکيل مورائي ساهتي پرڳڻي جي مٽيءَ، جن نه وساري سگهڻ جهڙن پٽن کي جنم ڏنو آهي، انهن مان هڪ جو نالو لڇمڻ ڀاٽيا آهي ۽ سندس تخلص ”ڪومل“ آهي ۽ جيڪو ادبي دنيا ۾ لڇمڻ ڪومل جي نالي سان سڃاپي ٿو ۽ ممڪن آهي، اڳتي هلي هُن جي ادب ۾ اهم ترين سڃاڻپ ”وهي کاتي جا پنا“ جي ليکڪ واري بڻجي. شايد هنڌ ۽ سنڌ جي اديبن اهو قبول ڪري ورتو آهي ته لڇمڻ ڪومل جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه لکي ها ۽ فقط پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ لکي ها، تڏهن به سنڌي ادب ۾ زندهه رهجي وڃي ها! جيتوڻيڪ ڪنهن ليکڪ لاءِ سندس هڪ ڪتاب بابت اها راءِ گهڻي گهڻي اهم آهي، پر مان ڪجهه ٻيءَ طرح به راءِ رکڻ جو پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪندي ڪجهه هئَين به چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن لڇمڻ ڪومل پنهنجيءَ شاهڪار آتم ڪٿا نه به لکي ها، تڏهن به هُن جو نالو نه رڳو هڪ باڪمال شاعر طور سنڌي ادب ۾ محفوظ هجي پر ان کان وڌيڪ هڪ ذهين نقاد طور به هن جي جڳهه محفوظ هجي ها ۽ ان کانپوءِ هڪ بيحد ئي شاندار مترجم طور به هُو اهڙو حوالو آهي،جهڙا حوالا سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. گڏوگڏ هُو انگريزي ٻوليءَ جو ادبي حوالي ۾ زبردست ليکڪ ته آهي ئي پر هو هڪ ذهين صحافي هجڻ سان گڏ، ظالم مُقرر به هُئو، ڇاڪاڻ ته هُو ادب تي ڳالهائڻ وقت، ادب جي حدن ۾ ئي پنهنجون سڀ ڇيڙيون نبيريون ڪندڙ هو بهرحال. لڇمڻ ڪومل ساهتي پرڳڻي جي علمي ادبي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس ابي ۽ امڙ جو اصل گهر درٻيلو/ڊڀرو آهي. هن ڇووهين مارچ تي جنم ورتو، ڪنڊياري ۽ نواب شاهه ۾ شروعاتي تعليم ورتائين ۽ دهلي ۾ اعليٰ تعليم، عشق ۽ ادب جا سبق ورتائين، هن کي علم استادن سيکاريو ۽ شاعري عشق سيکاري، اداڪاري هُن جو پنهنجو شوق هئو ۽ صحافت هُن جي روزي روٽي، ادب هُن جي زندگي هئو ۽ تقيد هُن جي ذهن جي اُپج، ائين سڀ گڏي لڇمڻ ڪومل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال اديب هئو ۽ شخصي زندگيءَ ۾ هڪ شاندار دوست. هن جي ڳالهين ۾ رومانس ۽ افسانوي انداز هُن جي طبيعت جو حصو هئا، جيڪي هڪ ئي وقت گهٽ ماڻهن/ليکڪن ۾ هوندا آهن. سچ پچ هو هڪ ڪرشماتي شخص/ لکندڙ هئو، خاص طور سندس آتم ڪٿا، سنڌي ادب لاءِ هڪ ڪرشمو آهي، جيڪا ڄڻ ته هُن بنهه غير سنجيده موڊ ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اها وڌيڪ سنيجده ٿيندي ٿيندي، سنڌي ادب جي هڪ شاهڪار آتم ڪٿا بڻجي وئي، پنهنجي سموري افسانوي سونهن سان گڏ هيءَ آتم ڪٿا، ورهاڱي جو ۽ لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ سان گڏ، سنڌ مان لڏي ويندڙ سنڌي جاتيءَ جو هڪ داستان آهي. جيڪو هن قلم بند ڪيو آهي. لڇمڻ پوءِ به اول ۽ آخر شاعر آهي ۽ هند ۾ هُن جي اهائي اهم سڃاڻپ آهي، هُو شاعريءَ جي سمورين باريڪين کان واقف هُئو، ڇاڪاڻ ته هُن کي شروعاتي ڄمار ۾ نارائڻ شيام ۽ پراسرام ضيا جهڙا شاعر مليا، جن سان هن گڏجي شاعري ڪئي ۽ هند ۾ هُن کي هرو مل سدارنگاڻي خادم جهڙو عروض جو ڄاڻو استاد مليو. جنهن کيس ٺپي ٺاهي هڪ لاجواب غزل گو شاعر بڻايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي هُو غزل کان پري ٿي ويو. شايد سندس اندر غزل جي پابنديءَ کان آجائي حاصل ڪرڻ پئي چاهي يا، سندس ويچار غزل جهڙي سخت صنف ۾ قيد نٿي ٿي سگهيا، سبب ڪهڙا به هجن، هُن غزل کان پري ٿي، نئين ڪوتا جو سهارو ورتو، اهو اهڙو دور هئو، جڏهن هند جي سنڌي ادب ۾، نئين ڪوتا زوردار نموني داخل ٿي رهي هُئي ۽ ان صنف ۾ هڪ طاقتور آواز هريش واسواڻيءَ جي روپ ۾ اڀري آيو هئو، ائين لڇمڻ ڪومل نئين ڪوتا لکي ۽ لاجواب لکي، اڳتي هلي سندس پهريون ۽ آخري به، ڪو تائي ڪتاب ”جيءُ جھروڪو“ جي نالي سان ڇپيو ۽ جنهن ٻئي سال هند جو وڏي ۾ وڏو ساليانو ادبي انعام حاصل ڪيو. جيڪو کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڏنو ويو. شخصيت ۾ هڪ حسين شخص لڇمڻ ڪومل، دهليءَ ۾ حيدرآبادي خاتون دادي گوپيءَ سان عشق جي شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ، للت ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، وڏي رجني ۽ ننڍي سنڌو، جيڪي ٽيئي ٻارڙا پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آمريڪا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ زندگيءَ جو آخري کنيو ۽ اسان سڀني کان جُدا ٿي ويو. پر اهڙي پڪ آهي ته هو سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي مٽيءَ کان پري نه آهي، سندس رک، سندس خواهش موجب سنڌوءَ ۾ پرواهه ڪئي وئي. سندس آتم ڪٿا سنڌ جي امانت بڻجي وئي، جنهن جا ٽي حصا آهن، پهريا ٻه حصا سوجهري پبليڪشن ڪراچيءَ پاران نامياري شاعر تاج بلوچ صاحب ڇپيا آهن ۽ ٽيون حصو پروفيسر سليم ميمڻ صاحب ورسٽي پبليڪشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو آهي ۽ اڄ انهن ٽن حصن کان پوءِ لکيل ڇوٿين حصي سميت سندس مڪمل آتم ڪٿا هڪ ئي جلد ۾ پڌري ٿي رهي آهي، جيڪا روشني پبليڪشن ڪنڊياري پاران ڇپي آهي، ڪنڊيارو جيڪو سندس جنم هنڌ آهي ۽ اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، جيڪو شاندار نموني، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان ملهايو پيو وڃي ۽ اهو به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ۽ بس..