1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اسلام جي بنيادي عقيدن جو تعارف

'اسلام زنده باد' فورم ۾ Abdul Khalique shaikh طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2011۔

  1. Abdul Khalique shaikh

    Abdul Khalique shaikh
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    اسان جو دين اسلام آهي، جيڪو ايمان ۽ عمل صالح جو مجموعو آهي. عملن جو بنياد ايمان تي آهي ۽ ايمان انهيءَ پُختي ۽ مضبوط عقيدي کي چئبو آهي جيڪو دل جي گَهرائين ۾ مضبوط ٿي وڃي ۽ ان ۾ ڪنهن به شڪ ۽ گُمان جي گنجائش نه رهي، اهڙو عقيدو روح ۾ وڃي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃي ٿو. تنهنڪري رسول الله ﷺ جن فرمايو ته غيب جي ڳالههين تي پورو ۽ پختو عقيدو رکڻ کي ايمان چئبو آهي. نبي ڪريم ﷺ جن جڏهن اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيائون تڏهن سڀ کان اول عقيدن جي اصلاح سان ابتدا ڪيائون. لفظ ”عقيده“ عربي لفظ ”عُقد“ مان ورتل آهي، جنهنجي معنى آهي ڳنڍ ڏيڻ، ته پوءِ عقيدي لفظ جي معنى ٿيندي ”ٻَڌل شيءِ“ يا ”ڳنڍيل شيءِ.“ شرعي اصطلاح ۾ عقيدي مان مراد آهي ”اهي مضبوط خيال ۽ نظريا، جيڪي ايمان جو درجو حاصل ڪن.“ انهن عقيدن جو انسان جي اعمال سان گَهَرو تعلق هوندو آهي. عقيدي جو مثال بنياد وانگر ۽ اعمال جو مثال عمارت وانگر آهي. جيڪڏهن عقيدو يعني بنياد مضبوط هوندو ته اعمال جي عمارت به مضبوط ۽ خوبصورت ٿيندي. ان لحاظ کان عقيدا انساني زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو الله تعالى جي سڀني پيغمبرن اسلام جي تبليغ جو آغاز عقائد جي اصلاح سان ڪيو.
    عقيدن جي اهميت: انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عقيدا بنيادي محرڪ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. انسان جڏهن به ڪو سُٺو يا بُرو ڪم ڪري ٿو ته سندس سڀ حرڪات دل جي تابع هوندا آهن ۽ دل جو تعلق عقائد سان هوندو آهي، تنهنڪري سندس اعمال عقيدن کان روشني حاصل ڪندا آهن. انڪري سڀ کان اول دل جي پاڪيزگي ضروري آهي. نبي ڪريم ﷺ جن ان بابت زور ڏيندي فرمايو ته ”جيڪڏهن دل درست رهندي ته سڄو جسم درست رهندو، پر جيڪڏهن ان ۾ خرابي آهي ته سڄو جسم خراب رهندو.“
    عقيدن جي ضرورت: عقيدي کان سواءِ انسان مذبذب يقين رکي ٿو. اهو ڪنهن به ڪم ۾ مخلص ٿي نٿو سگھي. ڪافر ۽ مشرڪ پنهنجي ڪفر ۽ شِرڪ ۾ مخلص هوندو، مگر هڪ بي عقيدي انسان جو اصل ڪوبه دين نٿو ٿئي، جو ان لاءِ خلوص يا پختگيءَ جو سوال پيدا ٿي سگھي. انسان جي عضون کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ دراصل دل آهي. انسان جي جسم جان جي اصلاح ۽ فلاح يا بگاڙ جو دارومدار به عقيدي تي آهي، جيڪو دل کي ڪنٽرول ڪري. ان کي ڪنهن خاص طريقي يا طرزِ عمل جي مطابق جسم کي هلائڻ جي قابل بڻائي ٿو. دين جو تعلق اسان جي سموري زندگيءَ سان ٿئي ٿو. اسان کي گھڻا ڪم ڪرڻا پوندا آهن ۽ ڪيترا ڇڏڻا پوندا آهن. ڪيترين شين کي صحيح ۽ نيڪ ۽ ڪن کي بُرو، نقصانڪار مڃڻو پوي ٿو. زندگيءَ جي هر قدم تي عقيدو ئي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. عقل ۽ فلسفا به انهيءَ حقيقت کي مڃين ٿا ته انساني زندگيءَ ۾ اصلي عملي قوت عقيدو آهي. اڄڪلھ ته ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جو علاج نفسيات جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. نفسيات جا ماهر، مريض جي خيالن ۽ عقيدن کي ڪنهن خاص رُخ تي موڙي، انهيءَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي پيدا ڪن ٿا. عقيدي جي اهائي اهميت آهي، جنهنجي باعث هر تحريڪ ۽ انقلاب جي ابتدا عقيدي سان ٿئي ٿي.
    اسلام جا بنيادي عقيدا: قرآن مجيد ۽ حضرت رسول الله ﷺ جن جي ارشادن مان ڪن عقيدن جي اها اهميت ثابت آهي ته انهن جي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه مسلمان چورائي نٿو سگھي حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ انهن عقيدن کي بار بار پيش ڪيو. سوال ڪرڻ وارن جي جواب ۾ اسلام ۽ ايمان جي وصف بيان فرمائي ۽ انهن عقيدن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اسان قرآن مجيد ۾ اسلام جي تدريجي رفتار جو جڏهن مطالعو ٿا ڪيون ۽ حديث پاڪ ۾ ”ايمان“ تي حضور ﷺ جن جو مسلسل زور ڏسون ٿا، تنهنڪري اها حقيقت واضح ٿي ته اهي عقيدا ئي دراصل اسان جي دين جو بنياد آهن. قرآن ۽ حديث تي غور ڪيو ويندو ته اسلام جا بنيادي عقيدا ست ملندا، جن جو تذڪرو ايمان مفصل ۾ هن طرح اچي وڃي ٿو:
    ايمان مفصل: [font="al_mushaf"]اٰمَنۡتُ بِاللهِ وَ مَلَآئِڪکَتِہٖ وَ کڪُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ وَ الۡيَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ الۡقَدۡرِ خَيۡرِہٖ وَ شَرِّہٖ مِنَ اللهِ تَعَالٰى وَ الۡبَعۡثَ بَعۡدَ الۡمَوُتِ-[/font]ترجمو: ”مون ايمان آندو الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ ان ڳالھ تي ته ڀلي ۽ بُري تقدير الله جي طرفان آهي ۽ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ تي.“
    هِن ڪلمي ۾ اسلام جي ستن ئي بنيادي عقيدن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. انهن جو مختصر طور تي تعارف هن طرح آهي:
    1. الله تي ايمان آڻڻ (توحيد): اسلام جو پهريون عقيدو توحيد جو آهي، ٻيا سڀ عقيدا ۽ عمل هن جي تابع آهن. هر نبيءَ پنهنجي تبليغ جي ابتدا هن عقيدي جي دعوت سان ڪئي. الله تعالى جي وحدانيت تي ايمان آڻڻ جو مطلب آهي ته اهو عقيدو رکڻ ته الله تعالى پنهنجي ذات و صفات ۾ اڪيلو آهي. هو واجب الوجود آهي يعني پنهنجو پاڻ هرهنڌ موجود آهي، سدائين کان آهي ۽ سدائين رهندو. سندس نه ڪا شروعات آهي ۽ نه پڇاڙي. ان جهڙو ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. الله جي ذات قديم ۽ لامحدود آهي. هو سڄي دنيا جو خالق، مالڪ ۽ پالڻهار آهي. هو صاحبِ عظمت ۽ جلال ۽ هر عيب کان پاڪ، وحدہٗ لاشريڪ آهي. هو اڪيلو ئي عبادت جي لائق آهي ۽ ڪوبه هن جو شريڪ ڪونهي.
    2. ملائڪن تي ايمان آڻڻ: ملائڪ عربيءَ ۾ فرشتن کي چئبو آهي. ملائڪ، مَلَڪ جو جمع آهي جنهنجي معنى آهي ”قاصد“. جيئن ته فرشتا الله جا حڪم ٻانهن وٽ کڻي اچن ٿا ۽ جاري ڪندا رهن ٿا، ان ڪري کين ملائڪ چيو ويندو آهي. فرشتا الله جي نوري مخلوق آهن، جيڪي الله جا حڪم مخلوق ۾ نافذ ڪندا آهن. جيئن ته ملائڪ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا آهن، تنهنڪري انهن تي ايمان آڻڻ وارو عقيدو پنهنجي جاءِ تي گھڻو اهم آهي.
    3. آسماني ڪتابن تي ايمان آڻڻ: آسماني ڪتابن مان مراد اهي صحيفا (ننڍا ڪتاب) ۽ ڪتاب آهن، جيڪي الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ پنهنجن نبين تي نازل فرمايا. اهي صحيفا ۽ ڪتاب گھڻا ئي آهن، جن جو تعداد يقيني طور معلوم نه آهي. انهن مان هي چار ڪتاب مشهور آهن:
    توريت: جيڪو حضرت موسى عليه السلام تي عبراني زبان ۾ نازل ٿيو.
    زبور: جيڪو حضرت داؤد عليه السلام تي سرياني زبان ۾ نازل ٿيو.
    انجيل: جيڪو حضرت عيسى عليه السلام تي عبراني زبان ۾ نازل ٿيو.
    قرآن مجيد: جيڪو حضرت محمد مصطفى ﷺ تي عربي زمان ۾ نازل ٿيو.​
    انهن چئن وڏن ڪتابن کان سواءِ ڪي صحيفا حضرت آدم عليه السلام تي، ڪي حضرت شِيث عليه السلام تي، ڪي حضرت ابراهيم عليه السلام تي ۽ ڪي حضرت موسى عليه السلام تي نازل ٿيا. انهن سڀني ڪتابن ۽ صحيفن تي ايمان آڻڻ، اسلام جي بنيادي عقيدن مان هڪآهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى پرهيزگارن جي هڪ نشاني اها به بيان ڪئي آهي ته اهي الله جي طرفان نازل ٿيندڙ هر حڪم تي ايمان آڻيندا آهن. قرآن مجيد اڳين سڀني ڪتابن جو جامع ۽ عالمگير ڪتاب آهي. قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان پوءِ اڳين سڀني شريعتن کي منسوخ ڪيو ويو. اڳين ڪتابن ۾ انهن جي عالمن تبديليون ڪري ڇڏيون. انهيءَ ڪري هاڻي گذريل ڪتابن تي ايمان آڻڻ جو مطلب صرف اهو آهي ته اُهي سچا ڪتاب هئا ۽ انهن جي قانونن تي ان زماني ۾ عمل ڪرڻ ضروري هو. پر هاڻي صرف قرآن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. هي آخري آسماني ڪتاب آهي، هن جي حفاظت جو ذمو الله پاڻ کنيو آهي، هن جي زبان زنده آهي، هي سڀني ڪتابن جو جامع آهي، انهيءَ ڪري هاڻي صرف ۽ صرف هن ڪتاب جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ لازمي ۽ ضروري آهي.
    4. رسولن تي ايمان آڻڻ (رسالت): الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ انسانن تائين سندس رسولن جي ذريعي پهچي ٿي. انڪري اسلامي عقيدن ۾ توحيد کان پوءِ رسالت جو عقيدو اهم آهي. اسلامي اصطلاح ۾ رسول ان شخص کي چئبو آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجن حڪمن جي تبليغ لاءِ انسانذات انهن موڪليو هجي.
    الله تعالى هر قوم جي رهنمائيءَ لاءِ پنهنجا پيغمبر موڪليا ۽ زمين جي ڪنهن به خِطي کي پنهنجي هدايت جي رهنمائيءَ کان محروم نه رکيو. حضرت آدم عليه السلام کان اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ حضرت محمد مصطفى ﷺ تي ختم ٿيو. انهن سڀني نبين جو مقصد انسانن کي سنئين راھ جي تعليم ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪري انجو عملي نمونو بڻجي ڏيکارڻ هو. اهو ئي سبب هو جو الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ انسانذات مان ئي رسول موڪليا، ڇاڪاڻ ته صرف پيغام پهچائڻ ئي نه هو، پر ان جو عملي نمونو به بڻجي ڏيکارڻو هو.
    رسولن کي الله تعالى ٻين انسانن کان ممتاز صفتن سان نوازيو آهي. رسالت الله جو عطا ڪيل منصب آهي، ڪو به انسان پنهنجي محنت، رياضت، طاقت ۽ علم سان رسالت جو رُتبو حاصل ڪري نٿو سگھي.
    5. آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻڻ: اسلام جي اهم ۽ بنيادي عقيدن مان آخرت تي ايمان به آهي. آخرت جي معنى آهي پڇاڙي يعني موت کان پوءِ واري زندگي يعني قيامت جو ڏينهن. آخرت تي ايمان آڻڻ هن ڪري ضروري آهي جو هن عقيدي کان سواءِ انسان سٺا عمل نٿو ڪري سگھي. دنيا ۾ هر انسان هر ڪم جي نتيجي تي سوچيندو آهي ته هن ڪم مان ڪهڙو فائدو آهي؟ اهڙي طرح هر شخص نيڪ ڪمن جي باري ۾ اهو سوچيندو آهي ته انهن مان ڪهڙا فائدا آهن؟ پوءِ آخرت جو عقيدو کيس اهو جواب ڏيندو آهي ته انهن نيڪ ڪمن مان اهو فائدو آهي ته انهن سان الله جي رِضا حاصل ٿئي ٿي ۽ کيس ان جو بدلو جنت ۾ ڏنو ويندو.
    آخرت جو عقيدو انساني معاشري کي بهتر کان بهتي بنائڻ جو اهم ذريعو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان انسان جي دل ۾ نيڪيءَ تي جزا ۽ بُرائيءَ تي سزا جو احساس اڀري ٿو. اهو احساس انسان جي عملن کي صالح بڻائي ٿو. مطلب ته آخرت جو عقيدو انسان کي نيڪ عملن ڏانهن لاڙي ٿو ۽ بُرائين کان بچائي ٿو.
    6. تقدير تي ايمان آڻڻ: اسلام جو ڇهون عقيدو سُٺي ۽ خراب تقدير تي ايمان آڻڻ آهي. هن جو مطلب اهو آهي ته جيڪي ڪجهه ڪائنات ۾ ٿي رهيو آهي يا آئينده ٿيندو، اهو سڀ الله جي علم ۽ حڪم سان ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته الله تعالى هر شيءِ جو مالڪ ۽ قادر آهي. هن انسانن جي هدايت لاءِ پيغمبر موڪليا ته جيئن اهي انسانن کي چڱن ۽ برن عملن جو فرق سمجھائين اهڙيطرح هن انسانن کي عقل به ڏنو ته جيئن اهي ڀلائيءَ وارو رستو اختيار ڪن. تقدير تي ايمان آڻڻ سان انسان دنيا جي انقلابن سان مقابلو ڪري سگھي ٿو ۽ سندس ايمان مضبوط ٿئي ٿو.
    تقدير جو مسئلو عام عقلن ۾ نٿو اچي سگھي، انڪري ان تي گھڻو غور نه ڪرڻ گھرجي. الله جي حڪم ۽ فيصلي کي ”قضا“ چوندا آهن ۽ الله تعالى جي ازلي علم ۾ جيڪو ڪجهه متعين ٿيو، ان کي ”قدر“ چوندا آهن.
    قضا جا ٻه قِسم آهن:
    قضا مبرم: اها قضا جيڪا الله جي علم ۾ ڪنهن به شيءِ تي معلق نه هجي. هن ۾ تبديلي نا ممڪن آهي.
    قضا معلق: اها قضا جيڪا صُحفِ ملائڪه ۾ ڪنهن شيءِ تي معلق هوندي هجي. هن ۾ نبين، ولين ۽ نيڪ ٻانهن جي دعائن، صدقن، دوا ۽ علاج سان تبديلي ممڪن آهي. اهوئي سبب آهي جو مصيبتون ۽ بيماريون وغيره قضا جي ماتحت آهن، پوءِ حيلي وسيلي سان شفا ملڻ قضا معلق آهي ۽ ڪنهن به حيلي وسيلي سان شفا جو نه ملڻ قضا مبرم آهي.
    7. مرڻ کان پوءِ ٻيهر زنده ٿيڻ تي ايمان آڻڻ: اسلام جي بنيادي عقيدن مان آخري عقيدو، مرڻ کان پوءِ ٻيهر زنده ٿيڻ تي ايمان آڻڻ آهي. هر انسان کي مرڻ کان پوءِ آخرت ۾ زنده ڪري کانئس دنيا جي زندگيءَ جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، پوءِ هر انسان کي سندس عملن مطابق سزا ۽ جزا ملندي. هن عقيدي تي ايمان آڻڻ کان پوءِ انسان پنهنجي عملن کي سنواري ٿو، جنهن سان سندس اندر ۾ گھڻيون ئي سهڻيون صفتون پيدا ٿين ٿيون.
     
    اي جي شيخ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    254
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: اسلام جي بنيادي عقيدن جو تعارف

    ايدڪ الله جزاڪ الله خيرالجزا تمام ضروري معلومات آهي الله اسان جي عملن کي حقيقي عقيدي مطابق بڻائي اميد ته اهڙين ديني تعليمات تي مشتمل تحريرن جو سلسلو جاري رکندا
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,064
    ورتل پسنديدگيون:
    3,003
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,500
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اسلام جي بنيادي عقيدن جو تعارف

    ا
    دا شيخ صاحب اوهان واجب الوجود جي جيڪا تعريف ڪئي آهي پليز حوالو ڏيندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔۔ ۔ڇو ته ان ڳاله ۾ ته ڪو به شڪ و شبهو نه اهي ته خالق اڪبر هر هنڌ موجود آهي ليڪن اوهان واجب الوجود جي اها تعريف ڪئي آهي ان جي وضاحت ڪندا ڇو ته ڪل شي يعرف باضداده ۽ واجب جو ضد آهي ممڪن سو واجب اولوجود خالق جي صفت اهي ۽ ممڪن االوجود مخلوق جي صفت آهي ۔۔۔۽ متڪلمين جي نزديڪ واجب االوجود جي معني ضروري هجڻ ٿيندي ان مناسبت سان نه ڪه ممڪن يا محتمل ۔۔۔۔۔ ، ليڪن مون واجب االوجود جي معني هر جاء تي موجود هجڻ اوهان کان ٻڌو آهي ان ڪري اوهان کان وضاحت جي جسارت ڪري رهيو آهيان مهرباني اوهان جي ۔۔۔۔۔
     
  4. عبدالخالق شيخ

    عبدالخالق شيخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 مئي 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    اسان جو دين اسلام آهي، جيڪو ايمان ۽ عمل صالح جو مجموعو آهي. عملن جو بنياد ايمان تي آهي ۽ ايمان انهيءَ پُختي ۽ مضبوط عقيدي کي چئبو آهي جيڪو دل جي گَهرائين ۾ مضبوط ٿي وڃي ۽ ان ۾ ڪنهن به شڪ ۽ گُمان جي گنجائش نه رهي، اهڙو عقيدو روح ۾ وڃي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃي ٿو. تنهنڪري رسول الله ﷺ جن فرمايو ته غيب جي ڳالههين تي پورو ۽ پختو عقيدو رکڻ کي ايمان چئبو آهي. نبي ڪريم ﷺ جن جڏهن اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيائون تڏهن سڀ کان اول عقيدن جي اصلاح سان ابتدا ڪيائون. لفظ ”عقيده“ عربي لفظ ”عُقد“ مان ورتل آهي، جنهنجي معنى آهي ڳنڍ ڏيڻ، ته پوءِ عقيدي لفظ جي معنى ٿيندي ”ٻَڌل شيءِ“ يا ”ڳنڍيل شيءِ.“ شرعي اصطلاح ۾ عقيدي مان مراد آهي ”اهي مضبوط خيال ۽ نظريا، جيڪي ايمان جو درجو حاصل ڪن.“ انهن عقيدن جو انسان جي اعمال سان گَهَرو تعلق هوندو آهي. عقيدي جو مثال بنياد وانگر ۽ اعمال جو مثال عمارت وانگر آهي. جيڪڏهن عقيدو يعني بنياد مضبوط هوندو ته اعمال جي عمارت به مضبوط ۽ خوبصورت ٿيندي. ان لحاظ کان عقيدا انساني زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو الله تعالى جي سڀني پيغمبرن اسلام جي تبليغ جو آغاز عقائد جي اصلاح سان ڪيو.
    عقيدن جي اهميت: انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عقيدا بنيادي محرڪ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. انسان جڏهن به ڪو سُٺو يا بُرو ڪم ڪري ٿو ته سندس سڀ حرڪات دل جي تابع هوندا آهن ۽ دل جو تعلق عقائد سان هوندو آهي، تنهنڪري سندس اعمال عقيدن کان روشني حاصل ڪندا آهن. انڪري سڀ کان اول دل جي پاڪيزگي ضروري آهي. نبي ڪريم ﷺ جن ان بابت زور ڏيندي فرمايو ته ”جيڪڏهن دل درست رهندي ته سڄو جسم درست رهندو، پر جيڪڏهن ان ۾ خرابي آهي ته سڄو جسم خراب رهندو.“
    عقيدن جي ضرورت: عقيدي کان سواءِ انسان مذبذب يقين رکي ٿو. اهو ڪنهن به ڪم ۾ مخلص ٿي نٿو سگھي. ڪافر ۽ مشرڪ پنهنجي ڪفر ۽ شِرڪ ۾ مخلص هوندو، مگر هڪ بي عقيدي انسان جو اصل ڪوبه دين نٿو ٿئي، جو ان لاءِ خلوص يا پختگيءَ جو سوال پيدا ٿي سگھي. انسان جي عضون کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ دراصل دل آهي. انسان جي جسم جان جي اصلاح ۽ فلاح يا بگاڙ جو دارومدار به عقيدي تي آهي، جيڪو دل کي ڪنٽرول ڪري. ان کي ڪنهن خاص طريقي يا طرزِ عمل جي مطابق جسم کي هلائڻ جي قابل بڻائي ٿو. دين جو تعلق اسان جي سموري زندگيءَ سان ٿئي ٿو. اسان کي گھڻا ڪم ڪرڻا پوندا آهن ۽ ڪيترا ڇڏڻا پوندا آهن. ڪيترين شين کي صحيح ۽ نيڪ ۽ ڪن کي بُرو، نقصانڪار مڃڻو پوي ٿو. زندگيءَ جي هر قدم تي عقيدو ئي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. عقل ۽ فلسفا به انهيءَ حقيقت کي مڃين ٿا ته انساني زندگيءَ ۾ اصلي عملي قوت عقيدو آهي. اڄڪلھ ته ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جو علاج نفسيات جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. نفسيات جا ماهر، مريض جي خيالن ۽ عقيدن کي ڪنهن خاص رُخ تي موڙي، انهيءَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي پيدا ڪن ٿا. عقيدي جي اهائي اهميت آهي، جنهنجي باعث هر تحريڪ ۽ انقلاب جي ابتدا عقيدي سان ٿئي ٿي.
    اسلام جا بنيادي عقيدا: قرآن مجيد ۽ حضرت رسول الله ﷺ جن جي ارشادن مان ڪن عقيدن جي اها اهميت ثابت آهي ته انهن جي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه مسلمان چورائي نٿو سگھي حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ انهن عقيدن کي بار بار پيش ڪيو. سوال ڪرڻ وارن جي جواب ۾ اسلام ۽ ايمان جي وصف بيان فرمائي ۽ انهن عقيدن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اسان قرآن مجيد ۾ اسلام جي تدريجي رفتار جو جڏهن مطالعو ٿا ڪيون ۽ حديث پاڪ ۾ ”ايمان“ تي حضور ﷺ جن جو مسلسل زور ڏسون ٿا، تنهنڪري اها حقيقت واضح ٿي ته اهي عقيدا ئي دراصل اسان جي دين جو بنياد آهن. قرآن ۽ حديث تي غور ڪيو ويندو ته اسلام جا بنيادي عقيدا ست ملندا، جن جو تذڪرو ايمان مفصل ۾ هن طرح اچي وڃي ٿو:
    ايمان مفصل: [font="al_mushaf"]اٰمَنۡتُ بِاللهِ وَ مَلَآئِڪکَتِہٖ وَ کڪُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ وَ الۡيَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ الۡقَدۡرِ خَيۡرِہٖ وَ شَرِّہٖ مِنَ اللهِ تَعَالٰى وَ الۡبَعۡثَ بَعۡدَ الۡمَوُتِ-[/font]ترجمو: ”مون ايمان آندو الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ ان ڳالھ تي ته ڀلي ۽ بُري تقدير الله جي طرفان آهي ۽ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ تي.“
    هِن ڪلمي ۾ اسلام جي ستن ئي بنيادي عقيدن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. انهن جو مختصر طور تي تعارف هن طرح آهي:
    1. الله تي ايمان آڻڻ (توحيد): اسلام جو پهريون عقيدو توحيد جو آهي، ٻيا سڀ عقيدا ۽ عمل هن جي تابع آهن. هر نبيءَ پنهنجي تبليغ جي ابتدا هن عقيدي جي دعوت سان ڪئي. الله تعالى جي وحدانيت تي ايمان آڻڻ جو مطلب آهي ته اهو عقيدو رکڻ ته الله تعالى پنهنجي ذات و صفات ۾ اڪيلو آهي. هو واجب الوجود آهي يعني پنهنجو پاڻ هرهنڌ موجود آهي، سدائين کان آهي ۽ سدائين رهندو. سندس نه ڪا شروعات آهي ۽ نه پڇاڙي. ان جهڙو ٻيو ڪوبه ڪونه آهي. الله جي ذات قديم ۽ لامحدود آهي. هو سڄي دنيا جو خالق، مالڪ ۽ پالڻهار آهي. هو صاحبِ عظمت ۽ جلال ۽ هر عيب کان پاڪ، وحدہٗ لاشريڪ آهي. هو اڪيلو ئي عبادت جي لائق آهي ۽ ڪوبه هن جو شريڪ ڪونهي.
    2. ملائڪن تي ايمان آڻڻ: ملائڪ عربيءَ ۾ فرشتن کي چئبو آهي. ملائڪ، مَلَڪ جو جمع آهي جنهنجي معنى آهي ”قاصد“. جيئن ته فرشتا الله جا حڪم ٻانهن وٽ کڻي اچن ٿا ۽ جاري ڪندا رهن ٿا، ان ڪري کين ملائڪ چيو ويندو آهي. فرشتا الله جي نوري مخلوق آهن، جيڪي الله جا حڪم مخلوق ۾ نافذ ڪندا آهن. جيئن ته ملائڪ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا آهن، تنهنڪري انهن تي ايمان آڻڻ وارو عقيدو پنهنجي جاءِ تي گھڻو اهم آهي.
    3. آسماني ڪتابن تي ايمان آڻڻ: آسماني ڪتابن مان مراد اهي صحيفا (ننڍا ڪتاب) ۽ ڪتاب آهن، جيڪي الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ پنهنجن نبين تي نازل فرمايا. اهي صحيفا ۽ ڪتاب گھڻا ئي آهن، جن جو تعداد يقيني طور معلوم نه آهي. انهن مان هي چار ڪتاب مشهور آهن:
    توريت: جيڪو حضرت موسى عليه السلام تي عبراني زبان ۾ نازل ٿيو.
    زبور: جيڪو حضرت داؤد عليه السلام تي سرياني زبان ۾ نازل ٿيو.
    انجيل: جيڪو حضرت عيسى عليه السلام تي عبراني زبان ۾ نازل ٿيو.
    قرآن مجيد: جيڪو حضرت محمد مصطفى ﷺ تي عربي زمان ۾ نازل ٿيو.
    انهن چئن وڏن ڪتابن کان سواءِ ڪي صحيفا حضرت آدم عليه السلام تي، ڪي حضرت شِيث عليه السلام تي، ڪي حضرت ابراهيم عليه السلام تي ۽ ڪي حضرت موسى عليه السلام تي نازل ٿيا. انهن سڀني ڪتابن ۽ صحيفن تي ايمان آڻڻ، اسلام جي بنيادي عقيدن مان هڪآهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى پرهيزگارن جي هڪ نشاني اها به بيان ڪئي آهي ته اهي الله جي طرفان نازل ٿيندڙ هر حڪم تي ايمان آڻيندا آهن. قرآن مجيد اڳين سڀني ڪتابن جو جامع ۽ عالمگير ڪتاب آهي. قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان پوءِ اڳين سڀني شريعتن کي منسوخ ڪيو ويو. اڳين ڪتابن ۾ انهن جي عالمن تبديليون ڪري ڇڏيون. انهيءَ ڪري هاڻي گذريل ڪتابن تي ايمان آڻڻ جو مطلب صرف اهو آهي ته اُهي سچا ڪتاب هئا ۽ انهن جي قانونن تي ان زماني ۾ عمل ڪرڻ ضروري هو. پر هاڻي صرف قرآن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. هي آخري آسماني ڪتاب آهي، هن جي حفاظت جو ذمو الله پاڻ کنيو آهي، هن جي زبان زنده آهي، هي سڀني ڪتابن جو جامع آهي، انهيءَ ڪري هاڻي صرف ۽ صرف هن ڪتاب جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ لازمي ۽ ضروري آهي.
    4. رسولن تي ايمان آڻڻ (رسالت): الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ انسانن تائين سندس رسولن جي ذريعي پهچي ٿي. انڪري اسلامي عقيدن ۾ توحيد کان پوءِ رسالت جو عقيدو اهم آهي. اسلامي اصطلاح ۾ رسول ان شخص کي چئبو آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجن حڪمن جي تبليغ لاءِ انسانذات انهن موڪليو هجي.
    الله تعالى هر قوم جي رهنمائيءَ لاءِ پنهنجا پيغمبر موڪليا ۽ زمين جي ڪنهن به خِطي کي پنهنجي هدايت جي رهنمائيءَ کان محروم نه رکيو. حضرت آدم عليه السلام کان اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ حضرت محمد مصطفى ﷺ تي ختم ٿيو. انهن سڀني نبين جو مقصد انسانن کي سنئين راھ جي تعليم ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪري انجو عملي نمونو بڻجي ڏيکارڻ هو. اهو ئي سبب هو جو الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ انسانذات مان ئي رسول موڪليا، ڇاڪاڻ ته صرف پيغام پهچائڻ ئي نه هو، پر ان جو عملي نمونو به بڻجي ڏيکارڻو هو.
    رسولن کي الله تعالى ٻين انسانن کان ممتاز صفتن سان نوازيو آهي. رسالت الله جو عطا ڪيل منصب آهي، ڪو به انسان پنهنجي محنت، رياضت، طاقت ۽ علم سان رسالت جو رُتبو حاصل ڪري نٿو سگھي.
    5. آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻڻ: اسلام جي اهم ۽ بنيادي عقيدن مان آخرت تي ايمان به آهي. آخرت جي معنى آهي پڇاڙي يعني موت کان پوءِ واري زندگي يعني قيامت جو ڏينهن. آخرت تي ايمان آڻڻ هن ڪري ضروري آهي جو هن عقيدي کان سواءِ انسان سٺا عمل نٿو ڪري سگھي. دنيا ۾ هر انسان هر ڪم جي نتيجي تي سوچيندو آهي ته هن ڪم مان ڪهڙو فائدو آهي؟ اهڙي طرح هر شخص نيڪ ڪمن جي باري ۾ اهو سوچيندو آهي ته انهن مان ڪهڙا فائدا آهن؟ پوءِ آخرت جو عقيدو کيس اهو جواب ڏيندو آهي ته انهن نيڪ ڪمن مان اهو فائدو آهي ته انهن سان الله جي رِضا حاصل ٿئي ٿي ۽ کيس ان جو بدلو جنت ۾ ڏنو ويندو.
    آخرت جو عقيدو انساني معاشري کي بهتر کان بهتي بنائڻ جو اهم ذريعو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان انسان جي دل ۾ نيڪيءَ تي جزا ۽ بُرائيءَ تي سزا جو احساس اڀري ٿو. اهو احساس انسان جي عملن کي صالح بڻائي ٿو. مطلب ته آخرت جو عقيدو انسان کي نيڪ عملن ڏانهن لاڙي ٿو ۽ بُرائين کان بچائي ٿو.
    6. تقدير تي ايمان آڻڻ: اسلام جو ڇهون عقيدو سُٺي ۽ خراب تقدير تي ايمان آڻڻ آهي. هن جو مطلب اهو آهي ته جيڪي ڪجهه ڪائنات ۾ ٿي رهيو آهي يا آئينده ٿيندو، اهو سڀ الله جي علم ۽ حڪم سان ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته الله تعالى هر شيءِ جو مالڪ ۽ قادر آهي. هن انسانن جي هدايت لاءِ پيغمبر موڪليا ته جيئن اهي انسانن کي چڱن ۽ برن عملن جو فرق سمجھائين اهڙيطرح هن انسانن کي عقل به ڏنو ته جيئن اهي ڀلائيءَ وارو رستو اختيار ڪن. تقدير تي ايمان آڻڻ سان انسان دنيا جي انقلابن سان مقابلو ڪري سگھي ٿو ۽ سندس ايمان مضبوط ٿئي ٿو.
    تقدير جو مسئلو عام عقلن ۾ نٿو اچي سگھي، انڪري ان تي گھڻو غور نه ڪرڻ گھرجي. الله جي حڪم ۽ فيصلي کي ”قضا“ چوندا آهن ۽ الله تعالى جي ازلي علم ۾ جيڪو ڪجهه متعين ٿيو، ان کي ”قدر“ چوندا آهن.
    قضا جا ٻه قِسم آهن:
    قضا مبرم: اها قضا جيڪا الله جي علم ۾ ڪنهن به شيءِ تي معلق نه هجي. هن ۾ تبديلي نا ممڪن آهي.
    قضا معلق: اها قضا جيڪا صُحفِ ملائڪه ۾ ڪنهن شيءِ تي معلق هوندي هجي. هن ۾ نبين، ولين ۽ نيڪ ٻانهن جي دعائن، صدقن، دوا ۽ علاج سان تبديلي ممڪن آهي. اهوئي سبب آهي جو مصيبتون ۽ بيماريون وغيره قضا جي ماتحت آهن، پوءِ حيلي وسيلي سان شفا ملڻ قضا معلق آهي ۽ ڪنهن به حيلي وسيلي سان شفا جو نه ملڻ قضا مبرم آهي.
    7. مرڻ کان پوءِ ٻيهر زنده ٿيڻ تي ايمان آڻڻ: اسلام جي بنيادي عقيدن مان آخري عقيدو، مرڻ کان پوءِ ٻيهر زنده ٿيڻ تي ايمان آڻڻ آهي. هر انسان کي مرڻ کان پوءِ آخرت ۾ زنده ڪري کانئس دنيا جي زندگيءَ جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، پوءِ هر انسان کي سندس عملن مطابق سزا ۽ جزا ملندي. هن عقيدي تي ايمان آڻڻ کان پوءِ انسان پنهنجي عملن کي سنواري ٿو، جنهن سان سندس اندر ۾ گھڻيون ئي سهڻيون صفتون پيدا ٿين ٿيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو