ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    سمورن دوستن کي سلام!

    دوستؤ اڄ آئون اوهان سان هڪ ننڍڙو ٽوٽڪو ونڊڻ ٿو چاهيان. ايڊاب فوٽوشاپ ۾ هونئن ته ٽيڪسٽ ۾ ڪوبه رنگ يا ٽيڪسچر ڀرڻ تمام سولو هوندو آهي، پر اڄ ائون اوهان کي پنهنجي پسند جو ڪوبه اميج يا ڪا به تصوير ٽيڪسٽ ۾ ڀرڻ سيکاريندس. سڀ کان پهريائين اوهان ڪابه تصوير کوليو، جنهن کي پنهنجي ٽيڪسٽ ۾ ڀرڻ چاهيو ٿا. مون نموني طور اجرڪ جو اميج کنيو آهي. هاڻي اوهان Window جي مينيو مان Layers کي سليڪٽ ڪريو، يا وري شارٽ ڪٽ ڪي F7 کي دٻايو ته ليئر جي ’سب ونڊو‘ کُلندي. توهان ڏسندا ته اوهان کي پنهنجي کُليل اميج جو Background جي نالي سان ننڍڙو پِري ويو نظر ايندو. اوهان ان کي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان New Layer جي ونڊوز کُلي ايندي، جنهن کي اوهان OK ڪندا. دراصل ڪنهن به بئڪ گرائونڊ واري تصوير کي ليئر ۾ تبديل ڪرڻ جو طريقيڪار انهيءَ طريقي سان هوندو آهي. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Toolbar سلائڊ مان T (يعني ٽيڪسٽ) جي ٽول کي سليڪٽ ڪري ڪي به اکر لکو. نموني خاطر مون ”سنڌ سلامت“ جا اکر لکيا آهن.

    اوهان ليئر جي پٽي ۾ ڏسندا ته اوهان جي ٽيڪس جو نئون ليئر بڻجي چڪو هوندو. هاڻي اوهان Layer کي ڊريگ ڪري، ٽيڪسٽ جي مٿان آڻيندا، يا وري Ctrl+Shift+] کي دٻائيندا ته اهو Layer مٿان اچي ويندو. نموني خاطر اسڪرين شاٽ ڏسندا.

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Layer جي مينيو ۾ اچي Create Clipping Mask کي ڪلڪ ڪندا. (وضاحت لاءِ شاٽ ڏسو)

    [​IMG]

    اوهان ڏسندا ته اجرڪ جو بئڪ گرائونڊ ٽيڪسٽ ۾ مرج ٿي ويو. هاڻي اوهان پنهنجي اکرن ۾ وڌيڪ خوبصورتي آڻڻ لاءِ Layer جي مينيو ۾ اچي Layer Style ۾ اچي مختلف افيڪٽس اپلاءِ ڪري سگهو ٿا.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    سائين ڪوشش ته اوهان جي بهترين آهي پر اسڪرين شاٽ نظر نه اچڻ سبب ڳالھ ڪجھ سمجھ ۾ ڪون ٿي اچي..پليز اسڪرين شاٽ سهي ڪندا....ڇوته تصوير نظر ڪون ٿي اچي.
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    واقعي ادا عاشق سهي پيو چئي اسڪريٽ شاٽ نظر نٿي اچي
    ان ڪري سمجهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پئي ٿي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    واهه سائين واهه
    تمام بهترين ونڊ آهي سائين
    مهرباني اوهان جي .
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ


    دوستو ضروري ترميم ڪئي وئي آهي۔ اوهان هاڻي ڪوشش ڪري ادا ابو واصف پاران شيئر ڪيل ٽول تي ڪم ڪري ڏسو۔ اميد ته دوستن لاء فائديمند رهندو۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    هميشه دوستن کي اهو چئي جان ڇڏائيندو آهيان ته ”مون گرافڪس تي ڪم ناهي ڪيو“ ... پر جيڪڏهن ادا ابو واصف اهڙا ٽوٽڪا سيکاريندو رهيو ته پوءِ پاڻ کي به سمجهڻ ۽ سکڻ ۾ اصل دير نه لڳندي...
    تمام بهترين ۽ آسان طريقي سان سمجهايو آهي توهان ادا ابو واصف .. مهرباني فرمائي جاري رکندا...
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    سائين مون مشق ڪري ڏٺي ڪم نه ٿيو با
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    دوست اوهان سان ڪهڙو مسئلو اچي رهيو آهي؟ ٻيهر ڪوشش ڪريو جيڪڏهن ڪا ڏکيائي پيش اچي ته پُڇي سگهو ٿا۔
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    ادا عاشق مون کي لڳي ٿو توهان سبق کي ياد ڪري ڪم نه ڪيو آهي ۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪريو۔۔ ۽ جيڪڏهن پوءِ به مسئلو حل نه ٿئي ته سوال ڪجهه وضاحت سان موڪلجو۔۔۔ هوئن توهان جي سهولت لاءِ هي ساڳيو طريقي ڪار هڪ وڊيو جي صورت ۾ ڏيکارجي ٿو۔۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=5jFUqUWP2wk
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    محترم سائين عبدالرشيد صاحب مان ٻڌايل تريقي تي عمل ڪندي اميج جي ليئر کي ٽڪس جي ليئر مٿان کڻي ٿو وڃان ان کان بعد ۾ Layer مينو ۾ اچي Create Clipping Mask تي ڪلڪ ڪريان ٿو پر ٽيڪس ۾ ڪوبه فرق ڪون ٿو اچي.
    مون وٽ فوٽوشاپ جو ورجن سي ايس چار آهي۔
    وڌيڪ هي اسڪرين شاٽ ڏسندا۔

    [​IMG]
     
  11. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    دوست اوهان جيڪو اسڪرين شاٽ ڏيکاريو آهي، ان ۾‌اوهان جي ٽيڪسٽ مٿان آهي، جڏهن ته شايد مون پنهنجي طريقي ۾‌ٻُڌايو هو ته اميج مٿان هئڻ‌گهرجي ۽‌ اميج وارو ليئر کي سليڪٽ ٿيل هجي۔ اوهان هڪ ڀيرو پنهنجي بئڪ گرائونٽ کي برنگ تو فرنٽ ڪري پو ڪوشش ڪري ڏسو۔۔۔!
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    ادا ابو واصف۔۔۔۔ توهان ماسڪنگ تي هي ٽيوٽريل سمجهائي مون جهڙي سيکڙاٽن کي هڪ نئون رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي۔۔۔ اميد ته اوهان ماسڪنگ تي وڌيڪ ٽيوٽريل جاري رکندا۔۔۔۔
    اکرن جي اندر ڪنهن تصوير کي اوهان ڪورل ڊرا ۾ به رکي سگهو ٿا۔۔۔ مان سوچيان ٿو منهنجو مٿيون ٽيوٽريل ان تي ئي هجي ته بهتر آهي۔۔​

    [​IMG]۔​
     
  13. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    معافي سائين معافي۔۔جو اوهانکي ايتري مون تڪليف ڏني۔۔۔پر پُڇڻا نه مجهڻا۔۔۔پر هر نه ايندڙ شي جي دوستن کان پُڇا بغير شرم ڪئي پُڇندا آهيون۔۔سو ٽائيم ڏيڻ جي مهرباني۔
    [​IMG]
     
  14. صفدر عباس

    صفدر عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڏکايل انسانن جي مدد ڪرڻ
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ايڊاب فوٽوشاپ: ٽيڪسٽ ۾ اميج ڀرڻ

    ادا عاشق ٽيڪسٽ واري ليئر کي اميج ليئر جي هيٺيان ڪري رکو ۽ پو ڪريئٽ ڪلپنگ ماسڪ ڪيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو