گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]آچر 27 مارچ جي شام جو چئين بجي سچل ڳوٺ ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون جي عنوان سان عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاران هڪ سيمينار (ليڪچر پروگرام) ڪرايو ويو۔ جنهن ۾ سچل ڳوٺ جي سماجي ۽ سياسي پارٽين جي دوستن شرڪت ڪئي۔ محترم فياض نائچ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرس ۽ تجزيه نگار سنڌ ٽي وي نيوز آدمشماري جي اهميت تي ليڪچر ڏنو۔

    هن اها ڳالھ واضح ڪئي ته ماضي ۾ اسان جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن آدمشماري جهڙي اهم مرحلي ۾ ڪو خاص ڪردار ادا ناهي ڪيو جڏهن ته هن وقت سياسي ۽ سماجي تنظيمون گهڻو متحرڪ نطر اچي رهيون آهن۔ هن چيو ته آدمشماري جي بنياد تي ئي بجيٽ ۽ پلاننگ ٿيندي آهي تنهنڪري اسانکي هن مرحلي ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪرڻو پوندو۔ هن ٻڌايو ته 1948 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي ٻهراڙيء جو تناسب شهرن جي مقابلي ۾ ٽيڻ تي هو جيڪو 1998 ۾ گهٽجي تقريبن برابري تي آهي يعني 51 ۽ 49 پرسنٽ۔

    هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پريشان ٿيڻ بجاء وڌيڪ اتحاد ٺاهي ۽ وڌيڪ سرگرم ٿي ڪم ڪجي۔ هن چيو ته سنڌي ميڊيا خاص ڪري سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار نهايت اهم آهي ڇو ته هن کان اڳ ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌي ٻوليء ۾ نمائدگي ڪرڻ لاء اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پليٽ فارم موجود ڪونه هو۔ هن چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته وڌيڪ خاندان لکرائن خاص ڪري هر شادي شده ماڻهو ته ضرور پنهنجو الڳ خاندان ڄاڻائي۔

    فياض نائچ کانسواء ، مشتاق راجپر ۽ ٻين دوستن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

    بهترين ڪم آهي ادا، جاري رکو، ان معاملي ۾ هر سنڌي کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

    ادا مهرباني

    مان اوهان کي مِس ڪيو۔ اوهان جو هجڻ ضروري هو۔ تمام ڪارائتو ليڪچر هو
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

    ادا هر باشعور سنڌي تي اها ذميداري آهي ته هو پنهنجي اردگرد ۾ رهندڙ سڀني سنڌين جا نالاء آدمشماري واري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪري۔ايئن نه ٿئي ته اسان سنڌي غفلت جي ڪري گهڻئي ۾ هوندي به ٿورائي ۾ لکيا وڃون ۽ پنهنجو ترقي واري بجيٽ ۽ پلاننگ ۾ صحيحي حصو نه و ٺي سگهون۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهر شماري ۽ آدمشماري جي اهميت ۽ اسان جون ذميواريون (سچل ڳوٺ ۾ سيمينار)

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني

    بلڪل ادا هر ماڻهو کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عملي طور ميدان ۾ لهڻو پوندو۔ بجاء ان جي جو صرف کوکلا نعرا هڻون ۽ ڳالهيون ڪندا رهون۔ سنڌ جي بقا لاء آدمشماري ۾ صحيح انگ ڄاڻائڻ ضروري آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو