دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

'استاد بخاري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔
    ڪيترو نقصان ٿئي ته به فائدو آهي۔

    عشق گهاڻي ۾ يا ڦاسي گهاٽ تي گرجيو،
    موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي۔

    جي مران جيئان ، مران ، جيئان سوين ڀيرا،
    هر دفعي توسان وفا هي واعدو آهي۔

    رعب جي گهر ۾ گهڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ،
    قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي۔

    سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر،
    شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي۔

    تجلو ٿيو تارو کڙيو ، تارو ڪريو،
    بس، زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي۔

    سنڌ ڌرتئ سان ۽ سرتئ سان بخاري جو،
    ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي۔
    استاد بخاري


    اُستاد بخاري جي شاعري جي ڇا لفظن ۾ تعريف ڪرڻ مُمڪن آهي..؟؟


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

    دل جو ڪاروبار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪجھ عجيب لڳو ۽ وري عاشقن جي طبيعت به عجيب هوندي آهي۔ اڄ ته عاشق استاد جي بهترين چونڊ کڻي آيو آهي۔ خوبصورت شاعري ۽ تمام پيارا پوپٽي رنگ۔ پر استاد عاشقن لاء پاڻ چيو آهي ته:

    پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو حيف هجئي استاد
    عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين يار وڏو واپاري ۔۔۔۔۔

    هاڻي فيصلو به عاشق جي هٿ ۾ آهي ته واپار ۽ ڪاروبار ٿو ڪري يا مفت ۾ دل ٿو ڏئي..........
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

    واقعي ادا عاشق اوهان صحيح ٿا چئو اسان وٽ اهي لفظ ئي ڪونهن
    جو استاد جي شاعري جي تعريف ۾ ڪجهه بيان ڪيون
    تما م سهڻي ڊزائين اوهانجي تمام گهڻو پسند آئي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

    مطلب ته اسين عاشق ويچارا هميشه گهاٽي ۾ ۔۔۔ نه يار! اها ڳالهه ناهي ۔۔۔ هزار تڪليفن کانپوءِ محبوب جي هڪ مرڪ ڪروڙن جي بلڪ بي ملهه هوندي آهي، اندر ئي ٺري پوندو آهي ۔۔۔ ڪيترن ئي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ محبوب جو دل تي هٿ رکڻ سڀ سور ختم ڪيو ڇڏي ۔۔۔

    پر يار پيار ڪجي ۽ پيار نه گهرجي، اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، اصل درويشن جي صفت آهي، اسانکان زور آهي، اسين ته اڃان اروٽ آهيون، کوريءَ خبر ڪهڙي ؟

    تمام سهڻو ۔۔ عشق مجاز سان گڏ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ چٽا آهن استاد جي ڪلام ۾ ۔۔۔ ۽ عاشق جي چترڪاري واه واه ۔۔۔۔،

    ڀلا عاشق ڏي خبر اها نينگر ڀلا ايتري سٺي لڳي اٿوَ ڇا؟ جو انجي تصوير ڪافي چترڪارين ۾ استعمال ڪئي اٿوَ۔۔۔؟؟؟؟؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

    سائين هي ڇوڪري مونکي ان جي ڪري سٺي ٿي لڳي جو هن ڇوڪري کي اجرڪ پاتل آهي۔۔۔باقي۔۔۔خير
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔(استاد بخاري)

    ادا عاشق تمام ناياب ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو