سُر عامر ضيا چارڻ !!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم مون ته پنهنجي شاعريءَ کي ليڪو ڏئي ڇڏيو هو پر هڪڙو نوجوان سنهڙو سيپاٽڙو اسان جو راڻو مٺڙو عامر ضيا چارڻ جنهن ادا رشيد سمون سان گڏجي سنڌ سلامت جو تحفو اسان سنڌ واسين کي ارپيو سو مونکي پنهنجي اولاد وانگر ڏاڍو ياد آيو سموري سنڌ سلامت جون پوسٽون تلاش ڪيم پر ڪافي ڏينهن کان عامر ضيا چارڻ جي ڪا پوسٽ نظر کان ڪونه گُذري۔ ان ڪري پنهنجي شاعريءَ تان ليڪي کي هٽائي هي ”سُر عامر ضيا چارڻ “ تخليق ڪيو اٿم۔ دوستو مان ڪنهن به دوست کي سنڌ سلامت کان دور ڏسندو آهيان ته تڙپي پوندو آهيان۔ بهرحال ادا عامر ضيا چارڻ پليز مُنهنجي بي لوث سڏن جو تون ضرور مان رکندين۔ ۽ فوري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچي اسان جو مان وڌائيندين۔

    رُسي وين راهه گُناهه ”عامر“ مُنهنجا ڀاءُ
    اچ گهوريان توتان ساهه صدقو ڪري سپرين
    2
    ادا ”عامر ضيا چارڻ“
    تون لڳين ڪيئن وسارڻ
    سموري سنڌ سلامت کي
    3
    سموري سنڌ سلامت کي تُنهنجي آس اُڪير
    اچ ”چارڻ ضيا امير“ اڱڻ اسانجي سپرين۔۔۔۔
    4
    تو ڪيئن وساريو آ، ادا ”عامر“ مُنهنجا ڀاءَ
    جي مونکان ٿيو آ گُناهه! ڏي معافي مون مسڪين کي
    5
    سنڌ سلامت سارو، ڏنو تُحفو تو پيارو
    الا! ڪيئن ٿئين رِيسارو،”چارڻ“ چِلِوِلايون ڪري
    6
    ”چارڻ“ پنهنجي چنگ سان تُون ڪور ته مُنهنجو ڪنڌ
    پهرين ڪري اچ پنڌ! سُهڻا سنڌ سلامت تي​

    ادا عامر ضيا چارڻ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي
    توکي ڏاڍو ياد پيا ڪريون
    توکي ڏاڍو مس پيا ڪريون
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل سائين ادا عامر لا۽ اسان جا به اهي ئي جذبات آهن اسان به ادا عامر کي اها ئي اپيل ڪنداسين ته ادا بس هاڻي موٽي اچو
    ادا سائين نثار ناز ته پنهنجي جذبن جي عڪاسي ڪري چڪو آهي پر مان کي به هڪڙو شعر ياد پيو اچي
    آهو شعر آهي ته الائي ڪنهن جو مون کي خبر ناهي پر هن موقعي ته مان اهو هتي توهان سان شعر ضرور ڪندس
    سانجهي ساريم سڪ مان ، صبح ڪيم سڏ
    سڀئي ٿيندا گڏ ساٿي مون جي سڏ تي



    shal judy hujeen



    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    سائين توهان جو هئ پيار ڏسي مونکي مجبورن توهان کي جواب ڏيڻو پيو، مان سنڌ سلامت تي مهمان ٿي ايندو رهندو هيم پر توهان جي شاعري مونکي جواب ڏيرائي ڇڏيو،
    ادا مان ڪنهن سان رسيل نه آهيان، مان جون جي مهيني کان وٺي تمام گهڻو مصروف ٿي ويو هئم پنهنجي آفيس جي ڪم سان، بس مان هڪ ڇلڪ وانگر سنڌ سلامت تي اچي وزٽ ڪندو هئم هاڻي ڪجھ ٽائيم ملي ويو آهي انشاالله هاڻي مان سنڌ سلامت تي ضرور ايندس۔
    جڏهن توهان هئ موضوع موڪليو هو ان کان ٻئي ڏينهن تي فورم کي بند ڪيو ويو مان توها ن کان معذرت ٿو وٺان ته مان توهان کي دير سان جواب ڏنو
    مونکي تمام گهڙي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت تي ڪي ته پيارا آهن جيڪي مونکي ياد پيا ڪن۔

    دعا ۾ ياد
     
  4. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ادا توهان جي مهرباني
    ادا هاڻي مان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سان گڏ آهيان
    sindhsalamatsaathsal
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا چارڻ تُنهنجا اسان سنڌ واسين تي ايترا ته ٿورا آهن جيڪي وسارڻ جهڙا ڪونه آهن، سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي ساري دنيا جي سنڌين کي ارپي تو نه جيڪا سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪئي آهي اهو تاريخ جو نه مِٽجندڙ باب آهي۔
    لطيف سائين جو هڪ تمام پراڻو بيت پيو ياد اچيم ته
    ماڻهو سڀ نه سُهڻا پکي مڙيئي نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي​

    سو ادا تُنهنجي مهرباني جو مون مسڪين جا سڏڙا ورنائي پنهنجي ماڳ سنڌ سلامت واري اڱڻ تي پُهتين ٻيو ته هينئر مون وٽ به ڪي به ڪينهي پر هڪڙي دُعا تو لاءِ ضرور آهي مون وٽ ته خوش هُجين ادا سدائين شاد و آباد هُجين پنهنجي پيارن سان
    (آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو