گهر شماري_____________ جاڳندا رهو!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    گهر شماري شروع ٿي چڪي آهي گهرن مٿان ساوا رنگ هڻي سرڪاري ملازم پنهنجي جان آجي ڪرائي رهيا آهن پر اسان سڀني جي جان ان ۾ ڦاٿل آهي سو اسان سڀني کي هن سڄي معاملي جي آخر تائين خاموش ويهڻ نه گهرجي، گهر شماري جي پهرين ڏينهن ئي بيشمار شڪايتون آيون ته 8 کان 10 گهرن تي مشتمل هڪ ڪوٽ يا ويڙهي کي هڪ ئي گهر ڪري لکيو ويو آهي۔ سنڌي محبتي ماڻهو آهن ۽‌هتي اڃان تائين گڏيل خانداني سسٽم رائج آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته گڏيل خاندان هروڀرو هڪ گهر آهي سنڌ جي سڀني سڄاڻ شخصيتن کي منهنجي گذارش آهي ته مهرباني ڪري گهر شماري ڪرڻ وارن سان گڏجي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو پاڙو پاڻ لکرائيندا وڃو، ڇوته ڪيترن ئي علائقن ۾ عملو غير مقامي آهي ۽ ان کي اهڙن مسئلن جي خبر ناهي جڏهن ته گهر ۾ به جيڪر ڪو پڙهيو لکيو ناهي ته پو اهڙا مسئلا گهڻا ٿيندا آهن ان لا مهرباني ڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي پاڙي جي ذميواري کڻي۔
    ياد رکجو!
    هر نڪاح الڳ گهر لکرائڻو آهي۔​
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهر شماري_____________ جاڳندا رهو!

    سائين اسان سنڌين کي جاڳڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي آهي ۔ سائين قائم علي شاه جو جاڳي ٿو هروڀرو جاڳي روئڻ ۽ پٽڻ سان ڇا ورندو۔اسان ۾ نه تنظيم ڪاري نه منصوبه بندي ۔وقت وڃائڻ کان پو اچي پتڪو شروع ڪريون ۔ جنهن مان نه نڪري کڙ نه تيل،رڳو ڪانون وانگر لڙ ۾ مزو ۔ اسان بس ڇڙواڳ ماڻهن جو هڪ انبوه آهيون۔ ڀلا انبوه به ڪڏهن پنهنجو صحيح طرح دفا ڪري سگهيا آهن۔ هر ڪم لا اڳوات رٿابندي جي ضرورت هوندي آهي ۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهر شماري_____________ جاڳندا رهو!

    سائين يونس ملڪاڻي صاحب جا لک لائق جو جاڳندا رهو جو نعرو هڻي ته ٿو ۔۔۔ مٿان وري سائين عبدالڪريم چانڊئي صاحب به حيانوَ جي باهه ڪڍي آهي، ڇو نه ڪڍي جڏهن هڪ سڄاڻ ۽ حساس ماڻهون قوم جي اهڙي بڇڙي حالت ڏسي ٿو ته حيان چيرجي پوي ٿو ۔۔۔

    پر پو به دوستو همٿ نه هاريو ۔۔۔ پنهنجو پنهنجو فرض پورو ڪريو ۔۔۔ نيت صاف مراد حاصل ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔ سنڌ سنڌين جي آهي ۽ هميشه رهندي جيستائين هڪ به سنڌي باقي آهي، پر پو به جيڪڏهن عزت ۽ وقار حاصل ڪجي ته ڪهڙي اربا خطا ٿيندي ۔۔۔

    اچو ته عزت ۽ وقار جي زندگي گذاريون ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گهر شماري_____________ جاڳندا رهو!

    ڌڻي جي ٻاجهه سان ڪالهه اسان وٽ آدمشماري جو ڪم مڪمل ٿيو، پنهنجي پاران الحمد لله ڪم صحيح ڪيو آهي.
     
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: گهر شماري_____________ جاڳندا رهو!

    ها طاهر صاحب رڳو هر ڪو پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو اچي ته مسئلو پيدا ئي نه ٿيندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو