سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    هن سال سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جيڪو ٿورو دير سان ڇپجڻ ڪري مان پريشان هئس ته ان جي ورهاست ڪيئن ممڪن بڻائجي۔ ادا طاهر کي لک شاباسون هجن جنهن 200 ڪيلينڊر جي پيمينٽ سان گڏ هڪ هفتي ۾ ڪيلينڊر ورهائي ورتا ۽ وڌيڪ ڪيلينڊر جي ڊمانڊ ڪئي۔ ڪجھ ٻين دوستن به گهڻيون ڪوششون وٺي ڪيلينڊر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلدي پهچايا۔ ٿورا سائين ابو واصف ۽ ادا ابوزين جا جن ڪيلينڊر ڊزائن ڪرڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ان کي سهڻي رنگن سان سجائي اسان جي مدد ڪئي۔ ٿورا سائين جاويد قاضيء جا جن پرنٽ جي مرحلي ۾ اسان جي گهڻي مدد ڪئي۔ ٿورا سائين رشيد سمون جا جن هر وقت رابطي ۾ رهي هن ڪم کي پنهنجي پڄاڻي تي رسايو۔ ٿورا انهن دوستن جا جن مالي مدد ڪئي خاص ڪري سائين نثار ابڙي، ادا طاهر سنڌي ۽ آرزو جا۔

    محترم صادق ڀنڀري صاحب سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر لنڊن ۾ دوستن تائين پهچايا۔ مڪي پاڪ ۾ محترم تاج محمد وساڻ جي معرفت ڪيلينڊر پهتا۔ رنجيت جي مهرباني جو ڪيلينڊر ڇپرائي هندستان ۾ ورهايا۔ ادا ابو جواد جا ٿورا جنهن ايران تائين ڪيلينڊر پهچايا۔ ان کانسواء ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي علمي ، ادبي ۽ ڏاهن سان گڏ سنڌ سلامت جي دوستن تائين به ڪيلينڊر پهچن۔ ان سلسلي ۾ جن دوستن اسان تائين پهچ ڪئي اتي ڪيلينڊر پهتا۔ لاڙڪاڻي ۾ سائين رضوان گل صاحب جن ڪيلينڊر دوستن ۾ ورهايا ۽ ان کانسواء سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ، سائين اياز گل ، سائين ادل سومرو، مظهر ابڙو ۽ ذوالفقار بهڻ جا به ٿورا جن ڪيلينڊر دوستن تائين پهچايا۔ ان سلسلي ۾ ڪجھ سنڌ جي ادبي حلقي ۾ ورهايل ڪيليندر ۽ انهن سنڌي ڏاهن جا ڦوٽو به ونڊ ڪري رهيا آهيون۔
    [/JUSTIFY]

    سائين شمشير الحيدري کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪندي

    [​IMG]

    محترم الطاف شيخ کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    محترم هدايت بلوچ کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]


    محترم امداد حسيني کي سنڌ سلامت جي ميمبر ادي شبانه امتياز سمون سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيون آهن

    [​IMG]

    محترم حميد سنڌي کي سنڌ سلامت جو سرپرستِ اعلى نثار احمد ناز سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    محترمه سحر امداد کي سنڌ سلامت جو سرپرستِ اعلى نثار احمد ناز سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    محترمه زيب نظاماڻي کي سنڌ سلامت جو ايڊيٽر اسد علي ميرجت ”مست“ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    محترم اياز شاھ کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]


    محترم ذوالفقار بهڻ کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڪيليندر پيش ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    سائين ڪئلينڊر ڏاڍو پيارو آهي آ ٿوري تعداد ۾ کڻي آيو هئس هتي ڪافي دوستن ڊمانڊ ڪئي اسان قم شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 سنڌي موجود آهيون جن مان اڪثر ته فيمليز سان رهندا آهن بهرحال توهان تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي ۽ يقينن ان محنت جا تمام سٺا نتيجا نڪتا آهن ۽ نڪرندا
     
  3. Abdul Khalique shaikh

    Abdul Khalique shaikh
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    ادا ڪيلينڊر ته ڏاڍو ڀلو ڇپرايو اَٿَوَ ، ادي وساڻ ته سڀني کي ڪيلينڊر ڏنا آهن پر مونکي ته ڪنهن به ڪونه ڏنو آهي، ڇو ڀلا مان ان قابل ناهيان ؟ جو مونکي به هڪ ڪيلينڊر ڏنو وڃي ؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    مهرباني ادا

    اوهان سان اچانڪ ملاقات ٿي هئي ۽ ان ڏينهن اتفاق سان مون وٽ گاڏيء ۾ گهٽ تعداد ۾ ڪيلينڊر موجود هئا جيڪي اوهان جي حوالي ڪيا هئا۔ انشاء الله ايندڙ سال وڌيڪ ڪيلينڊر ڇپرائي اوهان دوستن ڏانهن روانا ڪبا۔

    حوصلا افزائي ۽ تعاون لاء اوهان دوستن جي مهرباني
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    نه ادا اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي۔۔۔ ائين بلڪل به نه آهي ته ڪيلينڊر صرف قابل ماڻهن کي ئي ڏنا ويا آهن۔۔۔ ائين هجي ها ته علي علي ڏانهن عراق ۾ ڪيلينڊر ته بلڪل به نه موڪلجن ها۔۔۔ بحرحال لاڙڪاڻي ۾ اسان جو دوست رضوان گل يا وري شڪارپور ۾ ادا وحيد ڦلپوٽو موجود آهن توهان نالن تي ڪلڪ ڪري کين ذاتي پيغام موڪليو اميد ته هاڻي به توهان کي ڪيلينڊر ملي ويندا۔۔۔ مهرباني۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    سائين محترم سليمان، ڪجه ڏينهن تائين ته آ به ان سوچ ۾ هيس ته ڪئلينڊر الائجي ڪيئن هوندو پر اوهانجو مامو سائين تاج محمد وساڻ عمري تي ايو ۽ اوهان پاران موڪليل ڪئلينڊر پهتا ڪيا ته حقيقت پڇو ته سنڌ سلامت ڪئلينڊر ڏسي حيان تي ڇنڊو پيو ته دوستن جي ڪيل محنت سهڻي ۽ ڪارائتي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت شايد اڪيلي سر هڪ اهڙي انٽرنيٽ جي اوطاق آهي جيڪا نه فقط سنڌي ٻولي جي خدمت پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪري رهي آهي بلڪه سنڌ سڄڻائپ جا اهڙا ڪم پڻ ڪري ٿي جنهن ۾ دوست پنهنجن کيسن مان لاڳت ڪري سهڻا عمل سرانجام ڏين ٿا ۔۔۔

    آ پڻ ادي سليمان پاران ڄاڻايل سڀني دوستن جو ٿورائتا آهيون جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت سنڌ سلامت جي ڪئلينڊر کي تڪميلي مرحلن ۽ ورهائڻ ۾ ڏنو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ڪئلينڊر سنڌ جي انهن ادارن تي سواليه نشان پڻ آهي جن جي بجيٽ جي سگهه سنڌ سلامت جي ڀيٽ ۾ ڪروڙها دفعا وڏي ۽ گهڻي آهي ، پر پو به سنڌ جي نالي جو ڪو ڪم انهن کان ٿي نه سگهيو آهي ۔۔۔

    آ سلام پيش ڪريانٿو سليمان وساڻ کي جنهن ڪئلينڊر جي ڇپرائڻ واري فيصلي کان وٺي، لاڳت ڪرڻ ۽ دوستن تائين ورهائڻ واري عمل ۾ پاڻ ملهايو آهي ۔۔۔

    ارادا نيڪ ۽ نيت صاف هجي ته وڏا معرڪا به سولا ۽ آسان ٿيو پون ۔۔۔ اميد آهي ته سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ پاڻ ملهائيندي رهندي ۔۔۔ صرف ۽ صرف دوستن جون دوستيون کپن ۽ انهن جو تعاون ۔۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. Muhammad Saleem Gachal

    Muhammad Saleem Gachal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Senior Material Officer in OGDCL
    ماڳ:
    University Raod, Karachi. Near mosmiat bus stop
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    Dear Suleman Wassan Sahib,
    I am very happy to see the attached snaps / photographs of Sindh Salamat Calander, really u are working so hard and pray for your good health so that u can do more work for this sindhsalamat forum. Lot of congratulations on doing such job. In future if u need my help then i am ready. I was not thinking that this forum has so many members and are living out of sindh / country. Any way u deserve lot of congratulations. I also pray for all those persons who helps u in shape of funds and giving time for doing such work for sindh and sindhi peoples.
     
  8. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    ادا توهان جو هي ڪيلينڊر جو شيپ ڏٺو ته اصل دل رهي نه سگهي ۽ مونسان گڏ ويٺل دوستن مونکي گزارش ڪئي ته ادا سليمان وساڻ کي چئو ته ڪجھ اسان دوستن کي به پوسٽ ڪندا ته اصل اوهان جا ٿورائتا رهنداسين اميد آهي ته اوهان اسان جي گذارش تي غور ڪندا ۽ جيترا ٿي سگهن اسان دوستن کي پوسٽ ڪري موڪليندا،
    پو جيڪا توهان فيس چوندا توهان کي توهان جي ايڊريس تي موڪلينداسين توهان جو نماڻو دوست ريحان ڪيريو
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    سائين مهرباني

    مان جڏهن سائين شمشير الحيدري ۽ سائين الطاف شيخ کي ڪيلينڊر ڏنا ته انهن کان رايا ورتا ۽ ڪيلينڊر تي تنقيدي نظر وجهڻ جو چيو۔ سائين جن مسڪرائيندي چيو ته اسان لاء اها وڏي ڳالھ آهي جو هن قسم جو هي پهريون ڪيلينڊر آهي جنهن ۾ سنڌ جي سپوتن کي نروار ڪري ڪيلينڊر تي آندو ويو آهي۔ تنهنڪري باقي رايا اوهان ايندڙ سال ڪيلينڊر کان اڳ وٺجو۔ سچ پڇو ته اسان جي مانوارن اياز گل، ادل سومرو، شمشير الحيدري، هدايت بلوچ ، رضوان گل، الطاف شيخ جن تمام گهڻو ساراهيو۔ اتي ڪيترائي رايا ۽ تنقيدون به ٿيون آهن جن جي روشنيء ۾ ايندڙ ايڊيشن کي بهتر ڪنداسون۔

    سڀني دوستن جي ساٿ ڪري هي سڀ قابل عمل ٿي سگهيو آهي۔ مهربانيون
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    مهرباني ادا

    حوصلا افزائيء لاء مهرباني۔ انشاء الله اوهان جو ساٿ ايندڙ پروجيڪٽس ۾ گڏ رهندو ۽ اوهان اسان جي ساٿ ۾ گڏ هوندا۔ اوهان جڏهن به سچل ڳوٺ اچو ته مونسان ضرور ملجو اوهان کي سنڌ سلامت بابت وڌيڪ آگاهي ڏئي سگهان۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ۽ سنڌ جون ادبي شخصيتون

    ادا مهرباني

    اسان جڏهن ڪيلينڊر آندو هو ته ان سان گڏ سنڌ سلامت تي هڪ ٿريڊ به هلايو هو ته جنهن دوست کي ڪيلينڊر گهرجن ته رابطو ڪري ٻڌائي جيئن ڊسٽريبيوشن وقت سڀني جي گهرج جي پورائي ڪري سگهجي۔ 1000 ڪيلينڊر ڇپايا هئا جيڪي تقريبن ڊسٽريبيوٽ ٿي چڪا آهن۔ وري به اوهان پنهنجي مڪمل ايڊريس مونکي پي ايم ڪريو جيئن اوهان تائين ڪيلينڊر موڪلي سگهجن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو