حليمان سان انصاف ڪير ڪندو”

'سنڌياڻي' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    ڪاوش نازڪ



    حليمان سان انصاف ڪير ڪندو
    ايم بي سومرو
    سڌريل ملڪن ۾ احتجاجي مظاهري ۽ بک هڙتال کي تمام وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، جيڪڏهن ڪير بک هڙتال تي ويهندو آهي ته اهو تمام وڏو احتجاج ليکيو ويندو آهي ۽ سرڪار کي انهيءَ احتجاج ڪندڙ وٽ وڃي سندس مسئلا حل ڪرڻا پوندا آهن، انهن ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙن سان ڪوڙا واعدا نه ڪيا ويندا آهن، پر هتي اسان وٽ احتجاج جو اثر ئي الائي ڇو گهٽ ٿي ويو آهي، هتي ته ماڻهو سالن جا سال بک هڙتالون ڪن ٿا، پاڻ کي ساڙين ٿا ۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتالون شروع ڪن ٿا پر ڪير به ناهي، جيڪو انهن جي مطالبن ۽ انهن جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ۽ نيٺ اهي ماڻهو مسلسل احتجاج باوجود به انصاف نه ملڻ تي مايوس تي هليا وڃن ٿا، يا وري جيڪڏهن سرڪار انهيءَ احتجاج جو ڪو نوٽيس وٺي ته اهو به ايترو ته بک هڙتالين کي جوس پياري ڪوڙا ڏٽا ڏئي واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن احتجاج ڪندڙ واپس وڃڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين ته انهن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وڃي ٿي، جنهن جا اسان وٽ تمام گهڻا مثال آهن، اهو سلسلو نه رڳو پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ آهي پر ملڪ جي گادي واري شهر ۾ به جيڪڏهن ڪير وڃي احتجاج ڪري ٿو ته ان کي به لفٽ نه ٿي ڪرائي وڃي، اسلام آباد ۾ اقتداري ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ گذريل هڪ سال کان اعليٰ ايوانن جي بلڪل ڀرسان بک ۽ اڃ تي ويٺل سنڌ جي مظلوم نياڻيءَ جي احتجاج کي به ڪا موٽ ئي ناهي ملي، اها مظلوم نياڻي حليمان ڀٽو پنهنجي خاندان سان گڏ سخت گرمي ۽ سخت سردي ۾ احتجاج تي ويٺي رهي، گذريل هڪ سال دوران ڪيل انهيءَ احتجاج دوران جيتوڻيڪ ڪجهه حڪومتي شخصيتن وٽس پهچي انصاف جي خاطري به ڪرائي پر پوءِ اهي شخصيتون وٽس واپس موٽي اهو به پڇڻ نه آيون ته توهان جو مسئلو حل ٿيو يا نه، سنڌ جي اها مظلوم نياڻي عورتن جي حقن واري ڏينهن به ايئن کليل آسمان هيٺ سخت گرمي ۾ ويٺي رهي پر عورتن جي حقن جي دعويدار ڪنهن تنظيم به اچي ساڻس همدردي جو اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي وري سندس جي آواز کي اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ورتي، گهوٽڪي ضلعي جي رهواسڻ حليمان ڀٽو کي اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران فوٽ پاٿ تي مسلسل احتجاج ڪندي 29 مارچ 2011ع تي پورو سال مڪمل ٿي رهيو آهي. حليمان ڀٽو گذريل سال 29 مارچ 2010ع واري ڏينهن پاڻ سان ٿيل ظلم جي داد رسي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي تعلقي کان اسلام آباد پريس ڪلب پهتي هئي، احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري حليمان ڀٽو پنهنجي پيرسن ماءُ ظهوران، ڀيڻ بشيران، ڀيڻويي عبدالغفار ۽ ٻن سالن جي معصوم بابر سان گڏ ان احتجاجي ڪئمپ تي ان اميد سان ويٺي هئي ته ملڪ جي گادي واري شهر ۾ موجود ملڪ جا حڪمران سندس صدا ٻڌي کيس انصاف فراهم ڪندا ۽ کيس جلد انصاف ملي ويندو، پر هن کي ڪهڙي خبر ته اهي اقتدار ڌڻي ۽ جمهوريت جا دعويدار مظلوم نياڻيءَ جي آواز کي ئي نه ورنائيندا، کيس انصاف ملڻ جي ان ڪري به گهڻي اميد هئي ته ملڪ جي حڪمران پارٽي جو سحر جنهن ”ڀٽو“ خاندان سان آهي ۽ هوءَ به ذات جي ڀٽو آهي، ان ڪري پ پ جي حڪومت ۾ ڪنهن ڀٽو ذات جي عورت جي احتجاج کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، اهي اهڙيون اميدون آهن جن جو ذڪر حليمان ڀٽو سندس وٽ ويندڙ هر صحافي سان ڪري ٿي پر سال جو عرصو روڊ تي احتجاج ڪندي حليمان ڀٽو جي روڊ تي اڃا احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويهڻ ثابت ڪري ٿو سندس صدا اڃا تائين اختيار ڌڻين نه ٻڌي آهي، حليمان پنهنجي عمر جو هڪ سال روڊ تي ويهي اجنبي شهر ۾ احتجاج ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏيو نه رڳو ان پر سندس ڀيڻ جي ٻن سالن جي پٽ بابر جي ٻالڪپڻ جو به سال احتجاجي ڪئمپ تي گذري ويو ۽ اهو ٽن سالن جو ٿي ويو آهي پر حليمان ڀٽو جي صدا تي اختيارين اڃا غور نه ڪيو آهي، حليمان ڀٽو ٻڌائي ٿي ته مارچ 2010ع ۾ احتجاج شروع ڪرڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير جي ان وقت جي صلاحڪار شرميلا فاروقي سندس وٽ 7- اپريل تي پهتي هئي، جنهن کيس انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان بعد ق ليگ جي ايم اين اي ماروي ميمڻ سندس احتجاج جون خبرون پڙهي ان وٽ پهتي هئي، هوءَ ٻڌائي ٿي ته ماروي ميمڻ سان گڏ جڏهن هوءَ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سان قومي اسيمبليءَ ۾ ملاقات لاءِ وئي هئي ته اسپيڪر کيس چيو هو ته ماروي ميمڻ روڊ تي ويٺلن کي وٺي اشو ٺاهيندي آهي، حليمان ڀٽو موجب ان بعد آر پي او سکر رمضان چنا جي هدايت تي ڊي ايس پي گهوٽڪي عبدالقادر چاچڙ اسلام آباد آيو، جنهن احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو، ان کانسواءِ ماروي ميمڻ ذريعي حليمان چيف جسٽس آف پاڪستان کي به پنهنجي درخواست ڏني ۽ انساني حقن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ به پنهنجو داستان ٻڌايو، پارليامينٽ جي انهيءَ ڪاميٽي پاران 29 مارچ تي آر پي او سکر کي اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، هتي پاڻ حليمان ڀٽو جي مطالبن تي ٿوري نظر وجهون ٿا ته اهي مطالبا آخر ڪهڙا آهن، جيڪي ڪير حل ڪرڻ لاءِ تيار ئي نٿو ٿئي، حليمان ڀٽو جو چوڻ آهي ته مون کي منهنجي مڙس کان طلاق وٺڻ واري ڪيس ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي، جيڪو هن اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو آهي، اسان جي زندگي کي خطرو آهي، ان لاءِ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مون کي ڪاري قرار ڏئي قتل جو اعلان ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان مامري جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جرڳو ڪندڙ وڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، منهنجي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ زمين مان ڪٽيل وڻ ۽ بيٺل فصل وڪرو ڪندڙن کان رقم واپس ڏياري وڃي، اهي آهن حليمان ڀٽو جا مطالبا- حليمان ڀٽو ٻڌائي ٿي ته ان جي والد جي وفات بعد جڏهن هوءَ 12 سالن جي هئي ته سندس شادي شڪيل ڀٽو سان ڪرائي وئي، جنهن شادي بعد سندس والد جي 40 ايڪڙ زمين نالي ڪرڻ لاءِ چيو، حليمان چيو ته مون ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوءَ ڀاءُ جي گهر ۾ 18 سال مڙس کان ڌار رهي، ان بعد ان جي مڙس کيس پنهنجي ڀيڻ جي مڙس سان ڪاري قرار ڏياريو، جنهن جو جرڳو ٿيو، حليمان ڀٽو ته ان جرڳي جي جاچ لاءِ چوي ٿي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پوءِ جيڪا به صورتحال سامهون اچي، جيڪڏهن حليمان ڀٽو زندگي کي خطرو محسوس ڪري ٿي ته ان لاءِ تحفظ گهرڻ ان جو حق آهي، سندس گهر ۾ قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي، جنهن جو پوليس به ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن اها پنهنجي رجسٽرڊ زمين تي غير قانوني قبضو خالي ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي ته اهو به سندس حق آهي، ڏسجي ته حليمان ڀٽو جا مطالبا اهڙا آهن، جيڪي هڪ ڪلاڪ ۾ حل ٿي سگهن ٿا، پر حليمان موجب اتان جو هڪ بااثر ايم اين اي جوابدارن جي مدد ڪري رهيو آهي، نه رڳو ايترو پر اسان جي زندگين کي خطري بعد بااثر ماڻهو في ايڪڙ هڪ هزار ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن، حليمان ڀٽو جي احتجاج کي جيڪڏهن ٻڌو وڃي ۽ سرڪار ٿوري دلچسپي ظاهر ڪري ته ان جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ۽ روڊ تي زندگي گذارڻ واري عذاب کان حليمان به بچي سگهي ٿي ته ان جو خاندان به سک جو ساهه کڻي سگهي ٿو پر سال کان احتجاج ڪرڻ بعد هاڻي حليمان جيڪو ميڊيا کي بيان ڏيندي آهي، ان ۾ اهو لکيل هوندو آهي ته مون ۾ هاڻي برداشت جي قوت ختم ٿي چڪي آهي ۽ مون جو ادارن تان اعتماد کڄي چڪو آهي، مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟ ڇا مون کي انصاف ملي سگهي ٿو؟ اهي ان جا اهڙا سوال آهن جن کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته ”حليمان ڪس ڪو آتي هي مسيحائي، ڪس ڪو آواز دون“ جي صدا ڏئي رهي آهي.

    The Kawish Group of Publication
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: حليمان سان انصاف ڪير ڪندو”

    بس ادا الله کي دانهن آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو