هڪ ضروري اعلان۔۔۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم دوستو۔۔۔۔
    شروع شروع ۾ سنڌ سلامت تي ايتري ٽريفڪ ۽ مسلسل تحريرن جو اندازو نه هجڻ ڪري فورم کي ويبليٽن جي هڪ پراڻي ورجن تي انسٽال ڪيو ويو هيو۔۔۔۔ پر توهان سڀني دوستن جي ساٿ فورم کي شروع ٿيندي ئي پٽڙي تي چاڙهيو ۽ توقع جي خلاف جلدي فورم پنهنجي مواد ۽ مسلسل لکڻين سان ڀرجڻ لڳو۔۔۔۔ جنهن ڪري نين ٽيڪنالاجيز سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ فورم کي اپڊيٽ ڪرڻ ضروري ٿيندو پئي ويو۔۔۔۔
    پر شروعات ۾ فورم کي اپڊيٽنگ جي ڪري ڪجهه وقت جي لاءِ بند ڪرڻ کي سٺو سنوڻ نه سمجهڻ ڪري فورم کي پراڻي ورجن تي ئي هلڻ ڏنو ويو۔۔۔۔ پر هاڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان فورم تي ايندڙ مهمانن جي فيڊ بيڪس وارين ميلز ۾ ڏنل مسئلن کي نظر ۾ رکي فورم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان جي معلومات ۾ اضافو ڏيڻ لاءِ ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت جو موجوده ورجن وي بليٽن 8۔6۔3 آهي جڏهن ته وي بليٽن پنهنجو ليٽيسٽ ترين ورجن 3۔8۔3 پڻ لانچ ڪري چڪو آهي۔۔۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت فورم کي نئين رليز سان هم آهنگ رکڻ لاءِ ان کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضروري آهي. ۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادا عامر ضياء چارڻ کي درخواست ڪئي وئي آهي جن فورم کي اپڊيٽ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي حامي ڀري آهي۔۔۔۔
    ان ڪري فورم جي سڀني رُڪنن کي آگاهه ٿو ڪجي ته فورم جي اپ ڊيٽ سڀاڻي اڱارو 28 جولائي تي شروع ڪئي ويندي. جنهن ڪري فورم ٻن کان ٽن ڏينهن تائين بند رهي سگهي ٿو۔۔۔۔.
    سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن توهان جيڪي تحريرون موڪليو، انهن جو رڪارڊ پاڻ وٽ محفوظ رکندا ڇاڪاڻ ته اپگريڊ دوران سڀاڻي جون تحريرون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي۔۔۔.
    توهان جي طرفان فورم تي اچڻ، ان کي مختلف دوستن تائين پهچائڻ ۽ پنهنجي لاجواب لکڻين سان فورم کي بهتر بنائڻ لاءِ توهان جي ورتل ڪوششن لاءِ مون سميت سموري انتظاميه توهان جي ٿورائتي آهي۔۔۔
     
    مظھر علي ميربحر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم
    ادا اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لا۽ مهرباني نه ته شايد پريشاني ٿئي ها
    ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    فورم کي نئين رليز ٿيل ورزن تي نئين انداز سان ڏسي ڪري خوشي محسوس ٿيندي. اڳواٽ آگاهي لاءِ ٿورائتو آهيان.
     
  4. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا ابوزين صحيح ٿا چئين فورم کي نئين رليز ٿيل ورزن تي نئين انداز سان ڏسي ڪري خوشي محسوس ٿيندي. اڳواٽ آگاهي لاءِ ٿورائتو آهيان.
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پر يار رشيد اهو ٽن ڏينهن جو وڇوڙو وري سنڌ سلامت کان يار جُهري پونداسين پر اسان کي خبر آهي ته تون جادوگر آهين يقينن سنڌ سلامت کي خوب کان خوب بنائڻ جي ڪوشش ڪندين، ڇو ته هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته سندس اڱڻ پيارو نظر اچي تون ته مٺا سموري سنڌ جي مٺن سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙين پيو۔ جس هُجي ادا رشيد مونکي ايتري ته خبر ڪانهي پر انهي عمل ۾ تُنهنجي يقينن جمع پونجي به گهڻي خرچ ٿي هوندي۔ دوست جيڪڏهن انهي ڪار خير ۾ ڪو حصو ملائيڻ چاهيون ته ڪيئن ٿا ملائي سگهون پليز هي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو معاملو آهي، هي اسان جي سنڌ سلامت جو معاملو آهي۔ يقينن سنڌ سلامت جا سمورا دوست مُنهنجي انهيءَ راءِ سان متفق ٿي اڳيان ايندا وڌيڪ مٺا جيڪا تُنهنجي مرضي
     
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثارناز صاحب
    بلڪل مان توهان جي راءِ سان متفق آهيان
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪلاس جي پوئين بينچ تي پنهنجي اشهد آڱر به مٿي آهي ۽ جي جي واري اشاري سان لڏي رهي آهي ...
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ۽ آخرڪار 15 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ فورم کي واپسي جي قابل بڻايو ويو۔۔۔۔
    جي ها ۔۔۔ اهو درست آهي ته 3 ڏينهن جو چئي 14 ڏينهن گذري ويا پر فورم ٻيهر ظاهر نه ٿيو ۔۔۔
    دوستو توهان جي فورم سان بي انتها محبت جو مان ان ڳالهه اندازو لڳايو جو 3 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ مون وٽ رجسٽرد ۽ غير رجسٽرڊ رڪنن جون مسلسل ميلز اينديون رهيون جيڪي فورم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو پڇندا رهيا۔۔۔۔
    فورم کي آف لائين رکي ان تي مسلسل ڪم ڪيو ويو پر جيئن ته وي بي تي هي واحد سنڌي فورم آهي ۽ پهريون ڪم ڪندڙن لاءِ کوڙ پريشانيون پڻ سامهون اينديون آهن ان ڪري ڪافي ڪوشش باوجود فورم کي نئين ورجن تي منتقل ڪري نه سگهيو ويو ان جا ڪئي سبب پڻ هئا ۔۔۔ جنهن مان هڪ اهم سبب فورم جو موجوده لڳ ڀڳ سوا سئو ميگا بائيت تي مشتمل ڊيٽابيس جنهن کي ساڳي ترتيب ۾ اهڙي نموني سهيڙڻ جو ڊيٽا ضايع نه ٿئي هڪ ڏکيو ڪم هيو۔۔۔
    پنهنجي مسلسل مصروفيت مون کي سنڌ سلامت لاءِ اضافي وقت ڪڍڻ جو موقعو نه ڏنو ان ڪري ادا عامر ضياء جي محنت سان تيار ڪيل هن ٽيمپليٽ کي ئي سنڌ سلامت تي سجائڻ تائين پهچي سگهيم ۔۔۔
    فورم کي ليٽيسٽ ورجن تي اپ گريڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ادا علي علي پنهنجي مصروفيتين باوجود ڪم ڪري رهيا آهن ۔۔۔ جيئن ئي ان سلسلي ۾ ڪا اڳ ڀرائي ٿي ته فورم کي تڪڙو نئين ورجن تي منتقل ڪيو ويندو۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ بشمول فورم تي روزانو ايندڙ مهمانن کان هڪ دفعو ٻيهر معزرت ٿو ڪريان ته فورم کي ٻيهر آن لائين ڪندي ڪافي وقت گذري ويو۔۔۔
    اميد ته ساٿي پنهنجي جذبي کي نئين سر سان ترتيب ڏئي ٻيهر فورم تي ڪم ڪندا ۽ محبت جي هن ميڙاڪي کي اڳتي جاري رکندا۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    اسان جي سهڻي سردار حضور نبي ڪريمﷺ جي هڪ حديث مبارڪ جو اقتباس ڪجهه هن طرح آهي ته الله تعاليٰ جي حضور ۾ هڪ اهڙي شخص کي آندو ويندو، جيڪو دنيا ۾ تمام غريب ۽ مصيبتن ۾ اَڙيل هوندو، پوءِ کيس جنت مان هڪ ٽُٻي ڏياري ويندي، ۽ پوءِ کانئس پُڇيو ويندو ته اي ٻانها! ڇا تو دنيا ۾ ڪڏهن ڪا تڪليف به ڏٺي هُئي؟ هو وراڻيندو ته نه سائين! مون کي ته دنيا ۾ ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي آهي...
    سَچ پُڇو ته مون کي منهنجي پياري ڀائٽيي ابو زين سنڌ سلامت جي سائيٽ کي وزت ڪرڻ لاءِ ائين عادت وجهي ڇڏي، جو 15 ڏينهن جو وقفو واقعي به هُٽ کُٽ وارو هيو.
    ۽ آخرڪار!
    سائين رشيد صاحب جن مهرباني ڪئي ۽ ميسيج ڪيو ته هاڻي تون سنڌ سلامت کي چيڪ ڪري سگهين ٿو. سَچُ پڇو ته سائيٽ ڏسڻ سان اهي ڳڻتيون ۽ سڀئي پريشانيون ختم ٿي چڪيون. ماشاءَ الله تمام سهڻي انداز سان سينگاري وئي آهي. سموري سٿ جَسُ لهڻي...!
     
  10. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ادا ماشاالله سان هاڻي فورم به سهڻو پيو لڳي۔
    hatt-pare
     
  11. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين يقين ڪريو ته اهي پندره ڏينهن مون ڪيئن گذاريا آهن، ڇو جو هتي انڊيا ۾ هڪ اهائي ته پنهنجي اوطاق آهي جتي ڀوڳ ٺڪاءُ به آهي ۽ سمجهاڻيون به، سائين وري اهڙو وڇوڙو برداشت نه ٿيندو، ٻيلي ڇو ٿا فقيرن سان ڦٽايو
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ابڙا صاحب توهان جي اڃان پوئين بينچ تي ڦلپوٽي فقير جي اشهد اڳر پڻ لڏي رهي آهي shal judy hujeen

    بلڪل سچ پيا چئو ادا shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    شروع الله جي نالي سان جيڪو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي
    السلام عليڪم
    ساٿيو هن فورم جي طرقي جو راز هي آهي ته پنهنجي اندر مان سڀئي نفرتون، ختم ڪري صرف پنهنجي سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون۔ ٻئي نمبر تي اِها ڳالهه آهي ته هن فورم جي ايڊمن ۽ ٻئي اسٽاف ڪڏهن به ڪنهن سان ٻين فورمن وانگر ميمبرن تي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ناهي ڪيو۔
    جتي نفرتون ناهن هونديون، اُتي محبتون جنم وٺنديون آهن، ۽ محبتن جي ميدان ۾ هڪٻئي جي همٿ افزائي ڪئي ويندي آهي ۽ همٿ افزائي سان انسان اڳيان ايندڙ مصيبتون ختم ٿي وينديون آهن ۽ هن جو هر پل ترقي ڏانهن تيزي سان سفر ڪندو ويندو آهي۔
    اچو ته محبتن ڀريي هن فورم کي بهتر کان بهترين ڪري دُنيا کي اُهو ڏيکاريون ته اسين سنڌي به اڄ جي دور ۾ توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري بيهي سگهون ٿا۔

    دُعائن جو طلبگار
    راجا عبدالوهاب
    اسلام آباد
     
  14. JamalSamo

    JamalSamo
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2009
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student B.E 2nd Year
    ماڳ:
    Sakrand
    بهترينshal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو