سنڌ جو ناليوارو اداڪار عبدالحسين ساريو ڪينسر وگهي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
ملير (خاص عيوضي): سنڌ جو مشهور اداڪار عبدالحسين ساريو ڪينسر جي مرض سان جنگ ڪندي جواني ۾ ئي حڪومت جي بي ڌياني سبب ذريل ڏينهن ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو گذريل 4 سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. هن ڏيهه توڙي پرڏيهه مان علاج ڪرايو، تازو ڪجهه مهينا اڳ هن سنگاپور مان علاج ڪرايو هو جنهن بعد هو صحتياب ٿي ويو هو کيس ڊاڪٽرن وڌيڪ هڪ ڀيرو سنگاپور وڃڻ جي صلاح ڏني هئي پر علاج جا پئسا نه هجڻ ڪري هو وڃي نه سگهيو. هو گذريل 3 ڏينهن کان اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ اسپتال داخل هو. جتي هن دم ڏنو. اطلاع تي ساٿي طارق پٺاڻ، سليم سيال، ٽي وي اداڪار منير پٺاڻ، عزيز ميمڻ ۽ ٻيا آغا خان پهتا ۽ مڙهه سان گڏ باڊهه روانا ٿي ويا. کيس اڄ اباڻي شهر باڊهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف اداڪار حسين ساريو جي ميت کي باڊهه لاءِ روانو ڪرڻ وقت ثقافت کاتي جا اعليٰ عملدار محمد رمضان اعواڻ، منظور قناصرو، محمد علي مانجهي ۽ ٻيا موجود هئا.
حسين ساريو ڳوٺ گند شريف ۾ جنم ورتو، اداڪاري ۾ وڏو نالو ڪمايو
باڊهه (ن ع آ): مرحوم عبدالحسين 1970ع ۾ باڊهه ڀرسان ڳوٺ گند شريف ۾ فقير عبدالغفور ساريو جي گهر ۾ اک کولي هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بادشاهه هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽر پاس ڪرڻ بعد هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي ڪامرس ڪئي. عبدالحسين ساريو هاءِ اسڪول واري دور ۾ اسٽيج ڊرامن جي شروعات ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو منزل هيو جنهن کي مقبوليت ڏني بعد ۾ هن سوين سنڌي، اسٽيج ناٽڪ ۽ ڊراما ڪيا. ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۽ خانگي ٽي وي چئنلز تي هلندڙ فلمن، سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، ٻئي طرف اسٽيج ۽ ٽي وي جي سندس ساٿي اداڪارن بلاول کوکر، حسن مستانو، منور علي نوناري، زاهد ميراڻي، فياض سومرو ۽ ٻين سندس وڇوڙي کي نقصان قرار ڏيندي چيو ته عبدالحسين ساريو جهڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن. سندس خال صدين تائين نه ڀرجي سگهندو. مرحوم کي هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي سندس شادي برادري مان ٿيل هئي.
سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران سوڳ جو اعلان
ڪراچي (نمائندن وٽان): اداڪار حسين ساريو جي لاڏاڻي تي سياسي سماجي ڌرين سوڳ جو اعلان ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، باڊهه ۾ جسقم، ايس ٽي پي، باڊهه سوشل فورم 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو. ميهڙ ۾ سرمد سنڌي ڪلچر فورم جي صدر امتياز عادل سومرو ۽ ٻين 3-3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو. کهڙا ۾ سنڌ فنڪار اتحاد 3 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو. اداڪارن عزيز سانگي، مولا داد جتوئي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مرڪزي چيئرمين حميد ڀٽو 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 11 اپريل تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيندو.
روزانه عوامي آواز جي خبر
http://www.youtube.com/watch?v=LFkBXs7xVNk