ڪراچي کي اڍائي ڪروڙ جي اردو آبادي ڏيکارڻ جو منصوبو۔۔۔

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جمع تي امت اخبار ۾ آيل مين سرخي ڪجهه هن ريت هئي ۔۔۔۔

    [​IMG]

    ان خبر جي تفصيل پڙهڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو

    مفاهمتي پاليسي رکندڙ پي پي پي حڪومت جي سابقه وزير داخلا ذوالفقار مرزا سنڌين کي مطمئن رهڻ لاءِ به هڪ بيان ڏنو آهي۔۔۔ پر هن خبر کان پوءِ شڪ حيرانگي ۾ وري حيرانگي پريشاني ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿي۔۔ جي اها صورتحال رهي ته سنڌي صرف ٻهراڙي ۾ ليکيا ويندا جيڪي پنهنجي مسئلن ۾ ايترو ته گهيريل آهن جو کين مردمشماري جهڙي اهم مسئلي تي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي۔۔۔
    اسان جا قومپرست ان معاملي کي ڪيئن ٿا ڏسن۔۔۔ ؟ اڃان تائين بيان جي حد تائين به سندن ڪو خيال نظر نه آيو آهي۔۔

    بس سنڌين جو الله ئي وارث آهي۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي کي اڍائي ڪروڙ جي اردو آبادي ڏيکارڻ جو منصوبو۔۔۔

    مونکي نه ٿو لڳي ته علي قاضي واري تبديلي جا سفير تحريڪ به هن پروپيگنڊا جو مقابلو ڪري سگهندي۔
    هت سڀ سنڌين کي متحد ٿيڻو پوندو۔
    ۽ اسان کي مخلص ليڊر شپ جي ضرورت آهي۔
    مرزا کي ڪجهه به ڪرڻ نه ڏنو ويندو۔
    ڇو ته پي پي پي وفاقي پارٽي آهي۔
    وري به امت کي شابس هجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو