فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي اهو ٻڌائيندي انتهائي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت پنهنجي سفر جا 2 سال مڪمل ڪرڻ وارو آهي۔۔۔ هن سفر ۾ ڪيترائي دوست آيا جن پنهنجو پنهنجو پاڻ مڃرايو۔۔۔ ڪجهه دوستن حالات جي فڪر ته ڪي وري مجبورين ڪري فورم کان پاسي رهيا پر مجموعي طور اڪثر دوستن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي۔۔۔
    15 اپريل 2009 کان باقائدگي جي شروعات کي 2 سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۔۔۔ آهستا آهستا سنڌ سلامت فورم هڪ مضبوط آرگنائيزيشن طور اڳتي وڌي رهيو آهي۔۔۔
    وي بليٽن هڪ طاقتور ۽ پروفيشنل سڪرپٽ آهي ۔۔۔ ۽ هو پنهنجي پروفيشنل سائٽس تي مڪمل اپڊيٽ ڏيندا رهن ٿا۔۔۔ گذريل سال وي بليٽن پنهنجي سڪرپٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي وي بليٽن 4 لانچ ڪيو ۔۔۔ جنهن کي پسند ڪيو ويو ۽ اهو سڪرپٽ ڪافي مقبول ٿي رهيو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت هوئن ته پنهنجو آغاز وي بليٽن 8۔6۔3 کان ڪيو هو ۽ گذريل سال 6 اپڊيٽس ڪراس ڪندي وي بليٽن 4۔7۔3 تي منتقل ڪيو ويو هو۔۔ وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ تي ارادو ته موجود هو پر ان تي تڪڙو عمل ان ڪري مشڪل هيو جو هڪ ته وي بليٽن 4 هڪ مهانگو ۽ مشڪل اسڪرپٽ آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ پڻ مڪمل يڪسوئي جي ضرورت آهي۔۔ هوئن به وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان اڳ سنڌ سلامت اڳيان 13 اپڊيٽس موجد آهن ۔۔۔ پر تازو وي بليٽن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي 3 ورجنس جي مينٽيننس ۽ اپڊيٽ ختم ڪري رهيا آهن ۽ سندن آخري ورجن 7۔8۔3 آهي۔۔۔
    اهو ٻڌي گذريل مهيني موڪل جي دوران سنڌ سلامت کي 13 اپڊيٽس عبور ڪري وي بليٽن 4 تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪافي تجربا ڪيا آهن ۔۔۔ ساڄي کان کاٻي ۽ يڪسر مختلف ۽ وي بليٽن تي واحد زبان هجڻ ڪري ڪافي اشوز آيا جن کي آهستي آهستي فڪس ڪيو ويو ۔۔۔ ان طرح تجرباتي طور سنڌ سلامت آف لائين وي بليٽن 4 تي منتقل ڪيو ويو۔۔۔
    هاڻي تجربي جي ڪاميابي کان پوءِ سنڌ سلامت فورم کي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن لاءِ انشاء الله ڇنڇر 16 اپريل 2011 تي فورم کي اپڊيٽ ڪيو ويندو۔۔۔ ان ڪري سموري ساٿ کي گذارش ڪجي ٿي 16 اپريل تي ڪنهن به وقت فورم کي بند ڪيو ويندو ان دوران پنهنجي قيمتي تحريرن جو بيڪ اپ پڻ گڏ رکن ۔۔۔
    مون کي اميد آهي ته سنڌ سلامت فورم پنهنجي نئين ورجن ۾ اضافي خوبين ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي مدد سان پهرين جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهترطور سامهون ايندو۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ماشاءَ الله ... سبحان الله .... الحمد لله....
    هن پياري اڱڻ جي وي بلٽن 4 تي اپڊيٽ ٿيڻ جي اعلان سان آءُ پنهنجي سڀ ساٿين کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    سڀ کان پهريائين ته فورم کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ‌ تي ۽ بهترين سپه سالار هئڻ تي توهان کي مبارڪ باد هجي
    هن فورم تي سڀ کان وڌيڪ توهان جي محنت آهي توهان جو خواب هو ته هڪ سنڌي فورم وي بليٽن تي اچي ان لا۽ توهان ڪهڙين ڪهڙين مشڪلن مان گذريا آهيو ان جو اسان کي چڳو اندازو آهي بهرحال فورم کي وي بليٽن تي اپ ڊيٽ ڪرڻ‌لا۽ توهان کي پنهنجي موڪل جي قرباني ڏيڻي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بهرحال فورم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ‌جي حوالي سان توهان کي مبارڪ باد هجي
    توهان جون ڪوششون آهن جو اڄ اسان دوستن کي هڪ مڪمل سنڌي پليٽ فارم مليو آهي


    ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سدائين گڏ
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ادا طاهر يار دعا ڪريو ته ڪاميابي سان ان منتقلي جي مراحل کي طئي ڪيون باقي منتقل ٿيڻ کان پهريان اوهان هلڪي فلڪي مبارڪ ڏئي جان نه ڇڏايو هههه اوهان کان منتقل ڪرڻ کان پوء مبارڪباد جي عيوض سلاطين هوٽل جي ماني نه پر چانهن ضرور پيئارجو هههههه ادي سليمان وساڻ کي ۔۔ مهرباني ادا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    اوهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سموري پينل کي سلام خاص ڪري انهن دوستن کي جن هن فورم کي شروع ڪيو ۽ اڃان تائين ان جاکوڙ ۾ آهن ته هي هڪ طاقتور فورم طور سامهون اچي۔ سچ پڇو ته اوهان جي ڪيل ڪم کي ڏسي مان تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان۔ سڀ ڪجھ اڪيلي سر ڪرڻ ڪو اوهان کان سکي۔ سموري قوم ويٺي سيمي فائنل ڏٺو ۽ اوهان ان ڏينهن وي بليٽن 4 تي ڪم ڪري ورتو۔۔۔۔۔

    مان جڏهن به فورم جي ايڊمن پينل ۾ ويندو آهيان ته پريشان ٿي ويندو آهيان پر اوهان جي ان عمل حوصلو ڏنو جو اوهان اسان جهڙن جاهلن کي به ان قابل بڻايو آهي جو فونٽس ويٺا اپڊيٽ ڪيون يا ته اهو اوهان جو جادو ڪم پيو ڏيکاري۔

    اسان جون دعائون، اسان جو ساٿ اوهان سان گڏ آهي ۽ انشاء الله 15 اپريل تي اسان وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقل ٿي وينداسون۔ هن سڄي عمل ۾ سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن جا خاص ٿورا جن سرگرم رهي فورم کي سونهن بخشي آهي۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    سائين تمام خوشي جي ڳالهه آهي جو قدم اڳتي وڌي رهيا آهن اسان جون دعائون توهان لاء هر وقت آهن ته شال خدا توهان جو هٿ نه منجهائي سدائين ڪاميابي طرف گامزن هجو.
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني .
    ادا تمام سٺي ڳالهه آهي جو سنڌ سلامت فورم کي وري نئين روپ ۾ ڏسنداسين
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    آئي ڊي ٻي بنائڻي پوندي يا ؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ادا وسيم آئي ڊي ساڳي رهندي ٻي بنائڻ جي ضرورت نه پوندي.
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ههههههههه

    حاضر ادا جيئن اوهان جو حڪم۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    ادا وسيم گهر کي سينگارڻ رنگ روغن ۽ خوبصورت ڪرڻ سان گهر مٽائڻو پوندو ته ناهي يا وري ان جا لاڪ مٽائڻا ته نه پوندا آهن نه؟
     
  12. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فورم جي اپڊيٽ بابت هڪ ضروري اعلان۔۔۔

    سائين ڪڏهن ڪڏهن وڏا گهر بنائڻ لاءِ ننڍن گهرن کي مٽايو به ويندو آهي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو