سڪندر اعظم

'مختلف موضوع' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]يونان جو عظيم ۽ نوجوان بادشاهه، دنيا جي گهڻي ڀاڱي تي فتح حاصل ڪندڙ جنهنکي اسين سڪندر اعظم جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون، اڄ کان لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال اڳ جي هن اڳواڻ کي ڪي تاريخدان عظيم ۽ انصاف پسند حڪمران چوندا آهن تي ڪي وري کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڌاڙيل به چوندا آهن ... سندس لشڪر جنهن پاسي به منهن ڪندو هو ته کين فتح نصيب ٿيندي هئي، پر جڏهن هماليا جي ٽڪر تان سنڌو درياهه جو ڪپر وٺي هيٺ لٿو ته سندس مقابلو ٿيو هند سنڌ جي راجا پورس سان، جنهن ۾ کيس تمام گهڻو نقصان ٿيو، سندس ڪيترائي ساٿي جنرل مري ويا ۽ هو پاڻ به زخمي ٿيو، جنهنکانپوءِ سندس لشڪر فيصلو ڪيو ته هاڻ کين واپس گهرن ڏانهن ورڻ گهرجي ...

    گهر ڏانهن واپس ورڻ دوران سڪندر اعظم زخمن سبب سخت مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ڪيترائي مهينا کٽ تي پيو رهيو، جڏهن سندس حياتيءَ جا ڏينهن ختم ٿيڻ تي آيا ۽ موت نظر اچڻ لڳو ته کيس احساس ٿيو ته، شاندار لشڪر، مال ملڪيت، ۽ تيز ڌار تلوارون ڪنهن ڪم جون ناهن ۽ کيس موت کان بچائي نٿيون سگهن...

    سڪندر پنهنجن سپهه سالارن کي گهرايو ۽ چيائين؛ ” آءُ ستت ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ وارو آهيان، پر منهنجون ٽي خواهشون آهن، سي پوريون ڪيون وڃن“ سندس سپهه سالارن اکين مان ڳوڙها وهائيندي پنهنجي عظيم اڳواڻ جي خواهشن جي پورائي ڪرڻ جو وچن ڪيو.

    سڪندر چيو ته منهنجي پهرين خواهش آهي ته؛ ” منهنجا حڪيم ۽ طبيب منهنجو ڪفن/ لاش کي ڪنڌو ڏئي هلندا ... ٻي خواهش ته جڏهن منهنجو لاش قبرستان ڏانهن کنيو وڃي ته، رستي جي پاسن تي جيڪي مون قيمتي هيرا جواهر، سون ۽ چاندي، قيمتي پٿر ۽ ٻيو مال دولت ڪٺي ڪيو آهي سو سڀ نمائش لئه رکيو وڃي ... منهنجي ٽين ۽ آخري خواهش ته منهنجا ٻئي هٿ ڪفن کان ٻاهر ظاهر رکيا وڃن“

    ان محفل ۾ جيڪي ماڻهون پنهنجي عظيم اڳواڻ جون آخري خواهشون ٻڌڻ لئه ڪٺي ٿيا هئا سي انهن حيران ڪندڙ خواهشن تي حيرت ۾ پئجي ويا، پر ڪنهن به سوال ڪرڻ جي همٿ نه ڪئي، پر سڪندر جي هڪ ويجهي دوست ۽ سپهه سالار جهڪي سندس هٿ تي چمي ڏيندي سندس دل جي پاسي کان پنهنجو سر رکندي چيو، ته اي اسانجا مالڪ، اي اسانجا بادشاهه، اسين اوهانجون سڀ خواهشون پوريون ڪنداسون پر اهو ته ٻڌايو ته اهي عجيب خواهشون اوهان ڪهڙي سبب ڪيون آهن؟

    سڪندر وڏو ساه کڻندي جواب ڏنو؛” مان چاهيانٿو ته دنيا وارا منهنجي ان عمل مان ٽي سبق حاصل ڪن جيڪي مون پڻ هاڻ سمجهيا آهن ... آءُ چاهيانٿو ته منهنجا حڪيم منهنجو لاش کڻي هلن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته موت برحق آهي ۽ ڪو به حڪيم يا طبيب ايترو طاقتور يا عقل ڪل ناهي جوڪنهن به ساهواري کي موت کان بچائي سگهي انڪري ماڻهون پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪن.

    ٻي منهنجي خواهش آهي ته سون، چاندي ۽ هيرا جواهر رستي تي نمائش ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته پوري عمر ڪٺي ڪيل مال مان ڪا هڪ ذري جي شئي ڪم نه ايندي آهي، جڏهن موت ايندو آهي ته سڀ هت ئي رهجي ويندو آهي، انڪري مال ڪٺي ڪرڻ جي لالچ ۾ گذاريل زندگي فضول آهي ۽ ضايع ڪئي وئي آهي.

    ٽين منهنجي خواهش آهي ته منهنجا هٿ منهنجي ڪفن کان ٻاهر رکيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته آءُ هن دنيا ۾ آيو به هٿين خالي هيس ۽ هاڻ هن دنيا مان وڃان به هٿين خالي ٿو.

    ۽ مرڻ وقت سڪندر اعظم جا آخري لفظ هئا ته ” منهنجي جسم کي پورجو، منهنجي قبر مٿان مقبرو نه ٺاهجو ۽ منهنجا هٿ ڪفن کان ٻاهر رکجو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته جنهن شخص دنيا فتح ڪئي مرڻ کانپوءِ انجا هٿ خالي هئا
    مفتي عبد الرحيم
    ڪنڌڪوٽ[/justify]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سڪندر اعظم

    ادا تمام بھترين ڄاڻ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    [justify]مهرباني ادا، ان ڪري ته دين اسلام اسان کي اهڙو دستور حيات تحفي ۾ ڏنو آهي، تاڪ مرڻ وقت ايئن نه پڇتايون، ۽ زندگي ۾ ڪجهه اهڙو ڪيون جو انسانن جي ڪم اچون، ڪنهن جي دل نه رنجايون، ڪنهن تي ظلم نه ڪيون، قناعت پسند ڪريون۔[/justify]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سڪندر اعظم

    ڪاش اها ڳاله جيڪا دنيا جي عظيم فاتح ڪئي هئي سا هن وقت جا انسان به سمجهي سگهن ته انسان جڏهن هي دنيا ڇڏيندو آهي ته سندس ڪيل چڱن عملن کانسواء هو هٿين خالي ئي ويندو آهي۔

    بهترين ونڊ آهي ادا طاهر رب اوهان کي خوش رکي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    بلڪل ادا اوهان جي ڳالهه 100 فيصد درست آهي، اوهان جي چيل فلسفي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ قرآن مجيد جي سورت (العصر) معني سان پڙهڻ گهرجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي۔
    ان سورت لاءِ امام شافعي رحمه الله جن فرمايو آهي ته جي الله تعالي انسانن جي ڀلائي لاءِ صرف هڪ اها ئي سورت نازل ڪن ها يعني مڪمل قرآن مجيد نه بلڪ اها هڪ سورت ته به ڪافي هئي۔
    ڇو ته هن ڪائنات جو سارو فلسفو ان هڪ سورت ۾ موجود آهي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڪندر اعظم

    محترم دوست، فلسفي ۽ پهچ جي لحاظ کان ڳالهه ته تمام ڀلي ٿيل آهي، پر مونکي الائجي ڇو لڳي ٿو ته هي ليک مون اڳ به ونڊ ڪيوآهي ۽ مون شايد اهو ليک لکيو هو، ڇاڪاڻ ياد ٿو اچي ته ڪٿان انگريزيءَ مان مون اهو ليک ترجمو ڪيو هو ۔۔۔ مٿان وري لفاظي ۽ لکڻ جو ڏانءُ به الائجي ڇو مونکي پنهنجو ٿو لڳي ۔۔۔ پر خئير آءُ پهريان اهو مضمون ڳولهيان ته پڪ ٿئي ۔۔۔

    وڌيڪ هن ليک جو پيغام تمام ڳوڙهو ۽ معني وارو آهي انڪري به شايد مونکي پنهنجو ٿو لڳي ۔۔۔

    لک لائق ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سڪندر اعظم

    ادا اهيو مضمون ته منهنجو به پڙهيل آهي، مگر ڪافي وقت پهرين ۽ اهو به شايد سنڌ سلامت جي فورم تي ئي۔ مگر مضمون ۾ سبق تمام سٓٺو ڏنل آهي، جنهن تي غور ڪرڻ گهرجي۔ ڪاش اهيو سبق اسان جي مسلمان ڀائرن کي اچي وڃي جيڪي حرام جو مال گڏ ڪرڻ جي پويان هوندا آهن پوء اهي سياستدان هجن يا سرڪاري مٿين ڪمائي کائڻ وارا راشي ماڻهون۔

    http://www.youtube.com/watch?v=-59CA5TyHyA
    http://www.youtube.com/watch?v=xJ6Z9acEWeY
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    هل ته چري۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سائين ابڙا صاحب اوهان جو آهي ته به ٺيڪ آهي، مونکي فيس بوڪ تي ڪٿي نظر آيو هو ان ڪري سٺو لڳو ته دوستن سان ونڊيو۔
    اوهان وضاحت ڪئي ته اوهان جو ترجمو ٿيل آهي ته هاڻ اسان کي اوهان تي اڃان وڌيڪ فخر ٿئي ٿو۔
    ادا ممتاز مهرباني اوهان جي به۔
     
  9. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: سڪندر اعظم

    ادا موضوع ادي نثار لکيو يا ادي طاهر جو آهي
    اها ڳالهه ٿي سگهي ٿو ادي طاهر جي دل ٽوڙي انڪري اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها ته بهتر
    هيو
    ادا طاهر اوهان جو موضوع انتهائي دلچسپ ۽ سبق آموز آهي
    ادا جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سڪندر اعظم

    ادا بهترين ۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سڪندر اعظم

    سڪندر وڏو ساه کڻندي جواب ڏنو؛” مان چاهيانٿو ته دنيا وارا منهنجي ان عمل مان ٽي سبق حاصل ڪن جيڪي مون پڻ هاڻ سمجهيا آهن ... آءُ چاهيانٿو ته منهنجا حڪيم منهنجو لاش کڻي هلن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته موت برحق آهي ۽ ڪو به حڪيم يا طبيب ايترو طاقتور يا عقل ڪل ناهي جوڪنهن به ساهواري کي موت کان بچائي سگهي انڪري ماڻهون پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪن.

    ادا طاهر۔اسلام عليڪم۔بيشڪ وڏي کان وڏو حڪيم۔ڊاڪٽر يا طبيب به موت کي نه ٿو ٽاري سگهئي۔اسان دنيا جتي تمام ٿورو وقت گذرائڻو آهي ۔ان جي آسائشن لاء ڪيترا جتن ڪيون ٿا پر آخرت جي زندگي جتي اسان کي هميشه رهڻو آهي ان لاء ڪا به محنت نه ٿا ڪيون۔بقول بزرگن جي ايندي آذان ٻڌي ، ويندي نماز ٿي۔انسان جي زندگي هن دنيا ۾ آذان ۽ نماز جي وچ واري ٽائيم جيتري آهي ۔توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهو ڪيترو مختصر ٽائيم آهي۔جنهن جي لاء اسان هيڏا جتن ڪريون ٿا۔دل کي ڇهويندڙ ليک ونڍ ڪيو آٿئو۔توهانجي مهرباني۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڪندر اعظم

    منهنجا دوست ۔۔۔ اوهانجي هل چري ۔۔۔ چوڻ وارو انداز ۽ مهرباني چوڻ واري ڳالهه ائين لڳي ڄڻ اوهانکي ڳالهه نه وڻي هجي ۔۔۔

    معاف ڪجو: ڳالهه اها ناهي پر ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي ڪنهن شاهڪار کي ڏسندو آهي ته سڃاڻي وٺندو آهي ۔۔۔ هن ليک ۾ لفظن جي جوڙجڪ ۽ قصي ٻڌائڻ جو ڍنگ مونکي پنهنجو لڳو، جئين ڪو وڇڙيل پي پنهنجي اولاد کي سڃاڻيندو آهي ،،، انڪري عرض ڪيم، جي اوهانکي خراب لڳو ته معاف ڪندا ۔۔۔ مون سنڌ سلامت تي ڪيترا اهڙا ليک ونڊ ڪيا آهن جيڪي شايد مونکي ياد به ناهن ۔۔۔

    اهو ليک 17 جنوري 2010 تي ونڊ ڪيو هو ۔۔۔ پاڻ پڙهي ڏسو ۔۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?4179-سڪندر-اعظم

    جيڪڏهن ڪنهن دوست سنڌ سلامت تان کڻي فيسبڪ تي ونڊ ڪيو آهي ته علمي ڳالهه آهي، ونڊ ڪرڻ ان دوست جو به حق آهي ۽ اوهانکي سٺو لڳو ته اوهان ونڊ ڪيو اهو اوهانجو به حق آهي ۔۔۔ مونکي ان تي اعتراض ناهي پر مون ڄڻ ته پنهنجا لفظ سڃاتا ته انجو اظهار ڪيو ۔۔ بس ٻيو خئير ۔۔۔ آ ليک انڪري ناهيان لکندو ته اوهان دوستن کي مونتي فخر ٿئي پر انڪري لکندو آهيان ته ممڪن ڪٿي اونده هجي ۽ اتي روشني ٿي پوي ۔۔۔ مونکي پڻ فخر آهي ته اوهانجهڙا سهڻا دوست ساٿ ۾ آهن ۔۔۔

    جڙيل هجو هميشه ۔۔۔
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    سائين ائين هرگز نه آهي، هل ته چري وارو لفظ مون پاڻ لاءِ ان ڪري چيو ته هي ليک منهنجي پياري دوست جو ترجمو ٿيل آهي ۽ مون کي خبر نه آهي، جيئن ڪنهن مونکي جهنجوڙي چيو هجي ته طاهر ڪٿي آهين، هي سائين جو ليک آهي۔
    مون کي پڻ اوهان جي ساٿ تي فخر آهي، ۽ اسٽائل هرگز هرگز ڳالهه نه وڻڻ جو نه آهي، اهو منهنجو اسٽائل خوش ٿيڻ جو آهي، جو هر ڪنهن جو پنهنجو اسٽائل آهي۔
    ٿورا۔۔۔۔
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    سائين ائين هرگز نه آهي، هل ته چري وارو لفظ مون پاڻ لاءِ ان ڪري چيو ته هي ليک منهنجي پياري دوست جو ترجمو ٿيل آهي ۽ مون کي خبر نه آهي، جيئن ڪنهن مونکي جهنجوڙي چيو هجي ته طاهر ڪٿي آهين، هي سائين جو ليک آهي۔
    مون کي پڻ اوهان جي ساٿ تي فخر آهي، ۽ اسٽائل هرگز هرگز ڳالهه نه وڻڻ جو نه آهي، اهو منهنجو اسٽائل خوش ٿيڻ جو آهي، جو هر ڪنهن جو پنهنجو اسٽائل آهي۔
    ٿورا۔۔۔۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    مهرباني ادا اوهان جي ۔۔۔
    اوهان بلڪل درست لکيو آهي،،،
    واقعي به ڇا عمر آهي انسان جي،،،،
    پر اسان جا ڪم وري ڏسو!!!
    بس ڌڻي کي ترس پوي۔
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    مهرباني رياض آهيو ڪٿي ادا اڄ ڪلهه نظر نه پيا اچو!!
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    رشوت وٺڻ وارو ڏيڻ وارو معاملو ڪرائيندڙ سڀ جهنم ۾
    پاڻ ڪريم جن جي فرمان جو مفهوم۔
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سڪندر اعظم

    مهرباني ادا محمد اوهان فڪر نه ڪيو منهنجي دل به ڪا اهڙي تهڙي دل ڪانه آهي جو گهڙي جيان ٽڙي پوندي، استاد نثار مونکي سڃاڻي ٿو۔
    پسند ڪرڻ لاءِ ٿورا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو